حيدر ٽالپر جو پاڙو
مير عبدالستار، غلام قادر پليجو وٽ ضلع ڪائونسل جي ٽيڪس جي ٺيڪيداري ۾ ڪيترن ئي ضلعن جو انچارج رهيو. جڏهين کان عوامي تحريڪ انڊهلو ۾ ڪم شروع ڪيو هو تڏهين کان عبدالستار ضلع بدين جي SST جو اڳواڻ هو. هي هوشيار ليڊرشپ جا لاڙا رکندڙ، تمام وڏي ياري باشي وارو ماڻھو هو. مون جڏهين سائنس سوسائٽي پاران ماهوار سائنس جنرل 1990ع ۾ ڪڍڻ شروع ڪيو تہ عبدالستار هن ڪم ۾ ڀرپور سھڪار ڪيو. ديوان ڀمرلال سندس ويجهو دوست هو. ان کي بہ رسالي جي ڪم ۾ شامل ڪيائين عبدالستار کي ڪاري سائي جي خطرناڪ بيماري ٿي پئي ان ۾ وفات ڪري ويو. سندس ٻہ پٽ ڳوٺ جي نوجوانن ۾ سرگرم آهن. محسن علي کي ٽائون ڪميٽي ۾ سرڪاري نوڪري آهي ۽ ماجد علي يونيورسٽي مان گريجوئشن ڪرڻ کان پوءِ پرائيويٽ ڪمپنين ۾ روزگار سان آهي. حيدر ٽالپر جي شاعري جا ٻہ شعر الڳ صفحي تي موجود آهن.
حيدر شاعر
حسين
اسماعيل حيدر
عبدالستار جمن امام بخش حسين
(هي ٽئي ڀائر خديداد ۾ رهن ٿا)
محسن علي ماجد علي