مولوين جو پاڙو
مير محمد
احمد خان فضل محمد
(ڏسو حاجي لعل خان)
حاجي ابراهيم حافظ حسين حاجي رحيم مير محمد
(لاولاد)
علي بخش ڪريم داد ولي محمد
محمود حمزو احمد خان
محمد آدم
ابراهيم مير محمد محمد حسن ولي محمد
نور محمد
محمد يعقوب محمد صالح محمد جمن
هن شجري ۾ ڄاڻايل جيڪي همراھہ مون ڏٺا انھن بابت مختصر احوال لکجي ٿو.
حاجي رحيم خان جا ٽيئي ڀاءَ حافظ حاجي حسين ۽ حاجي ابراهيم ۽ مير محمد منھنجي ڄمڻ کان اڳ وفات ڪري ويا هئا پر انھن مان جن جو اولاد مون ڏٺو جن مان ڪافي اڃان تائين موجود آهن. حاجي رحيم، ديندار، ننڍڙي سفيد ڏاڙهي، ٿانو وڪڻڻ جو ڪاروبار ڪندو هو. جڏهن پنھنجي عزيزن سان شايد ڪا تلخي ٿي پين پوءِ 1970ع ڌاري پنھنجي پٽ ولي محمد سان لڏي بدين ۾ حاجي ڏنہ چانڊيه جي ڳوٺ ۾ وڃي ويٺو. 1986ع ۾ وفات ڪيائين.
سائين ڪريمداد: حاجي رحيم جو وڏو پٽ ۽ اسان جي پرائمري تعليم جو استاد هو. قرآن شريف پڙهڻ نماز ياد ڪرڻ ۽ پڙهڻ. ڏاڍي محنت سان سڄي پرائمري اسڪول کي پڙهائڻ جا ڪم ڪندو رهيو. جنھن تازو هاڻ 2015ع ۾ ريٽائر ڪيو آهي. هن پنھنجي گھڻي نوڪري انڊهلي ۾ ئي ڪئي آهي.
ولي محمد ٽالپر: حاجي رحيم جو ٻيو نمبر پٽ هو جيڪو بہ استاد هو ۽ ان 2010ع ۾ وفات ڪئي.
حافظ حاجي حسين جا ڪل پنج پٽ هئا جن مان صرف علي بخش موجود آهي. علي بخش 1950ع ۾ ڄائو آهي پرائمري تعليم پڙهيل آهي جنھن محنت ڪري پنھنجون 4 ڌيئرون ۽ پٽ پڙهائيا آهن. پاڻ جيتوڻيڪ غريب رهيو آهي. سندس اولاد هوشيار، خود ڪفيل ۽ محنتي آهي. علي بخش جا ٽي پٽ آهن 1- غلام فاروق 2- زاهد حسين 3- شاهد علي.
محمود پاڻ اسانجي ڳوٺ جي مسجد جو ٻانگو هو ۽ بدين ۾ ايئر فورس جو اڏو 1958ع ۾ ٺھيو تہ هي ان ۾ مزدوري کي لڳي ويو، آخر رٽائر ڪيائين. محمود جا ڪل 5 پٽ آهن جيڪي مٿي شجري ۾ اچي ويا آهن. سندس وڏو پٽ حاجي ابرهيم مسجد جو ٻانگو هو ۽ هي بہ اڏي ۾ موٽر آپريٽر طور 40 سال ملازم رهيو ۽ ريٽائر ڪيائين. محمود جو ٻيو نمبر پٽ مير محمد پرائمري استاد رهيو. ٽيو نمبر پٽ نور محمد جيڪو باواني شگر ملز تلھار ۾ ملازم هو ريٽائر ڪيائين هن وقت مسجد جو ٻانگو آهي نور محمد جا پٽ سٺا پڙهي روزگار سان لڳل آهن. سندس پٽ ظفرالله، خالدالله، سيف الله، نصرالله ۽ سميع الله آهن.
محمود جو چوٿون نمبر پٽ محمد حسن صرف پرائمري پڙهيو، پولٽري فارمنگ جي ٽريننگ ڪئي هئائين. ڪافي وقت مختلف پولٽري فارمن تي نوڪري ڪندو رهيو. پوءِ شھر بدين ۾ اٽي پيھڻ جي چڪي جو آپريٽر رهيو. پنجون نمبر پٽ ولي محمد دادو شگر ملز ۾18 20 سال ملازم رهيو 2019 ۾ وفات ڪيائين. حاجي ابراهيم، مير محمد ۽ ولي محمد وفات ڪري ويا. سندن اولاد بھتر روزگار سان لڳل آهي.
محمد اسماعيل مولوي صفت ماڻھو هو سندس ڀاء جان محمد ديني تعليم ۽ عربي فارسي مولوي غلام علي وٽ حاصل ڪئي. جان محمد ڪجهہ وقت وڌيڪ پڙهيو هو پر محمد اسماعيل ڪجهہ پڙهي سندس روزگار کي لڳي ويو. سندس وڏو پٽ غلام محمد مون سان گڏ پڙهيو هو پر پوء واڍڪو هنر سکيو هو. هو هڪ نمبر واڍو هوندو هو. دنيا جهان جي معلومات رکڻ لاءِ جام مطالعو ڪندو هو. 2019ع ۾ ايڪسيڊنٽ سبب دماغ ۾ ڌڪ لڳس ان ڪري فوت ٿي ويو. کيس چار پٽ آهن. جن مان عزيزالله انگريزي استاد آهي تمام ذهين ۽ سچار آهي. محمد اسماعيل جو ٻيو نمبر پٽ، محمد صديق مختلف مزدوريون ۽ ملازمتون ڪندو رهيو آهي کيس 3 پٽ آهن. ٽيو نمبر پٽ عبدالرزاق تلھار باواني شگر ملز ۾ اليڪٽريشن هو هاڻ ريٽائر آهي سندس ٻہ پٽ پرائيويٽ نوڪرين ۾ آهن ۽ هڪ پٽ فوج ۾ آهي.
مولوي جان محمد جڏهن ڳوٺ حاجي فضل محمد مان لڏپلاڻ ٿي تہ جان محمد مير خدابخش وٽ ٽنڊو جان محمد هليو ويو. ٽنڊو جان محمد ۾ ڪنھن مسجد جو پيش امام ٿي رهيو.
حاجي ابراهيم جو ٽيو نمبر پٽ احمد خان مون ڏٺو ڏاڍو کلڻو ۽ خوش طبع ماڻھو هو. سندس 3 پٽ هئا. وڏو پٽ محمد يعقوب استاد ۽ هاڻ ريٽائرڊ آهي. لواري شريف ۾ هر مھيني پير صاحب جي ڄهاڙي تي مسجد جو پيش امام ٿيندو آهي. ۽ قرآن شريف جو ختمو مبارڪ ڏيندو آهي. ڳوٺ ۾ سندس تمام احترام ڪيو ويندو آهي. ڳوٺ جي مسجد (ملن واري مسجد) جو پيش امام آهي. محمد يعقوب جا 4 پٽ آهن.
مشتاق ٽالپر: نوجوانن ۾ خاص ڪري ڳوٺ جي الھندي پاڙي ۾ اڳواڻ ليکيو ويندو آهي. مشتاَق نور محمد چانگ جي اسڪول تي گذريل 25 سالن کان وڌيڪ عرصو پڙهايو آهي. مشتاَق پرائمري اسڪول ۾ محنت ۽ تخليقي انداز سان ٻارن کي پڙهائڻ سبب ڏاڍو مقبول آهي. اسڪول جا ڳوٺاڻا سندس ڏاڍي عزت ڪن ٿا. هو عوامي جمھوري پارٽي ۾ اسانجي ميٽنگن ۽ پروگرامن ۾ ڀرپور حصو وٺندو آهي. سمجهو، سنجينده ۽ باشعور نوجوان آهي. سائين يعقوب جا ٻيا هيٺيان پٽ آهن انھن ۾ ممتاز علي، علي محمد ۽ رجب علي، ممتاز علي الڪوئل فيڪٽري ۾ ملازم، علي محمد واڍو ۽ رجب علي شگر مل ۾ ملازم آهن.
احمد جو ٻيو نمبر پٽ محمد صالح هو. جيڪو عمر ۾ مونکان ننڍو هو. سنڌي فائينل جو امتحان مون سان گڏ 1963ع ۾ ڏنو هئائين. بلڪہ ائين چوان مونکي سنڌي فائينل امتحان ڏيڻ لاءِ هن همراه ئي همتايو. اسان امتحان تہ گڏ ڏنو پر هي همراه استاد ڪونہ ٿيو ۽ وڃي واڍڪو هنر سکيو. هي واڍڪي هنر ۾ بدين شھر ۾ پھريون نمبر واڍو ٿي ويو. پر ننڍي ڄمار ۾ ڪينسر سبب 1990ع ڌاري وفات ڪري ويو. محمد صالح جو پٽ اشفاق بہ بدين جو مشھور واڍو آهي. کيس بدين ۾ اڪثر گھرن ۽ بنگلن جا ٺيڪا ملن ٿا، اشفاق ۾ اها خوبي آهي تہ هو تمام فراخ دل استاد آهي. هن وٽ ڳوٺ انڊهلي جا 25 کان وڌيڪ ڇوڪرا واڍڪو هنر سکن پيا. ٻيا سکي سٺا واڍا ٿي ويا آهن ۽ روزگار سان لڳل آهن.
احمد خان جو سائين محمد يعقوب ۽ محمد صالح کانپوءِ ٽيون نمبر پٽ محمد جمن هو. هو پڙهي سٺو وڪيل ٿي ويو هو پر کيس بلڊ ڪينسر ٿي ويو. وڏي ڪوشش ۽ خرچ ڪيائين پر حياتي ساٿ نہ ڏنو. محمد جمن جا ٽي پٽ آهن. وڏو پٽ عبدالعزيز آهي جيڪو بہ وڏو محنتي آهي پاڻ يورپ جي چار ملڪن مان پوسٽ گريجوئيشن ڪري اينوائرمينٽ ۾ نوڪري ڪري ٿو ۽ پنھنجي ڀائرن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ بہ ڪوشش ۽ خرچ ڪري ٿو. سندس ننڍو ڀاء شڪيل چائنا پڙهڻ ويو آهي. عبدالحفيظ اينوائرمينٽ ۾ گريجوئيشن ڪئي آهي ۽ چوٿون نمبر ڀاء عبدالرب قائداعظم يونيورسٽي ۾ گريجوئيشن ڪري رهيو آهي. محمد صالح جو وڏو پٽ محمد الياس بدين ۾ پرائمري استاد آهي. محمد صالح جو هڪ پٽ علي احمد آهي جيڪو ريزڪي دڪان جو ڪاروبار ڪري ٿو. مولوين جي پاڙي ۾ مولوي محمد اسماعيل ۽ سندس خاندان رهندو رهيو آهي. سندس شجرو هيٺين طرح آهي.
مير محمد
(احمد خان) فضل محمد
هن جو ذڪر اچي ويو آهي
(حاجي ڏتل) غلام محمد
احوال اچي ويو آهي
محمد اسماعيل جان محمد
غلام محمد محمد صديق عبدالرزاق
عبدالڪريم فضل الرحمٰن عبدالغفور عبدالستار