آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

ھن ڪِتاب ۾ بظاهر تہ خادم ٽالپر سندس ڳوٺ انڊهلي جي ڪھاڻي لِکي آهي، پر درحقيقت هيءَ ڪھاڻي ٿوري گهڻي فرق سان سنڌ جي سمورن ڳوٺن جي ڪھاڻي آهي. هِن ڪِتاب پڙهڻ سان پڙهندڙ جي ذهن جي اسڪرين تي ڳوٺاڻي زندگيءَ جي دِل پذير تصوير اهڙي سڀاويڪ نموني اُڀري اچي ٿي، جنھن ۾ فطرت جا سمورا دِلڪش رُوپ سروپ موجود آهن. ڳوٺ انڊهلو سنڌ جو مثالي ڳوٺ اُن ڪري بڻيو آهي، جو اُن ۾ رهندڙ ماڻھو ۽ سندن ڪِردار بہ مثالي آهن، جن کي سائين خادم هِن ڪِتاب ۾ سموئي نہ رڳو انڊهلي ۽ اُن جي واسين جي تواريخ رقم ڪئي آهي، پر اُن سان گڏ سنڌ جي هِڪ سٻاجهي دؤر کي بہ محفوظ ڪيو آهي

Title Cover of book ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

مير غلام الله ٽالپر

ڳوٺ انڊهلي جي هڪ سدا بھار شخصيت مير غلام الله پٽ حاجي عبدالرحمان ٽالپر 1938ع ۾ هن ڳوٺ جي پھرين پڊ ڳوٺ مير فضل محمد ٽالپر ۾ ڄائو سندس والدين جو کيس تعليم پڙهائڻ جو گهڻو شوق هو. پر ذهني طور هوشيار نہ هئڻ سبب هن همراه کي تعليم پرائڻ ۾ ايترو چاھہ نہ رهيو ان هوندي بہ هو هاءِ اسڪول ٽنڊو باگو ۾ هڪ ٻہ سال پڙهڻ ويو. پر پوءِ پڙهائي ڇڏي پنھنجي والدين کي هارپ جي ڪم ۾ هٿ ونڊائڻ لڳو. جڏهين وڏو ٿيو تہ ننڍا ننڍا واپار ڪرڻ لڳو. ڳوٺن ۾ سبزي، ٻوڙ، ٻارڙن جي کاڌي جون شيون کڻي ويندو هو جن ڪمن ۾ هن کي مھارت پنھنجي پيءَ حاجي عبدالرحمان کان ملي هئي حاجي عبدالرحمان، جست، ڪنجهي ۽ ٽامي جا نوان ٿانو ڪلھي تي کڻي، ٻھراڙي جي ڳوٺن ۾ وڪرو ڪرڻ لاءِ ويندو هو. اڻ ورچ، جفاڪش، انتھائي محنتي ماڻھو هو راتين جون راتيون گهور ڪرڻ (واپار ڪرڻ) ۾ رڌل هوندو هو ان مان بچت ڪري ڪجهہ زمين جو ٽڪرو بہ ورتو هئائين پيءَ جي جفاڪشي، همت ڏسي مير غلام الله بہ جفاڪش پر عزم ۽ باهمت ماڻھو بنجي ويو. اسان جي چؤياري جو بچپن کان پڪو ساٿي رهيو آهي. حاضر دماغ، کل خوشي سان پيش ايندڙ هن ماڻھو 1992ع کان وڻن، ٻوٽن ۽ گلن جي نرسي جي NRSP کان ٽريننگ ورتي ۽ پوءِ هن پنھنجي زندگي کي انھيءَ ڪم لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. 15-20 سال پنھنجي گهر نرسري ۾ وڻ تيار ڪري. بدين ۾ قاضيہ واه جي موري تي ويھي وڻ وڪڻندو هو. اتي ڪئين ماڻھو هن کان وڻ وٺندا بہ هئا. ۽ کائنس وڻن جي اهميت بابت ليڪچر بہ ٻڌندا هئا. هن ڪئين لک وڻ بدين ضلع ۽ ان کان ٻاهر جي ماڻھن کي وڪرو ڪري ڏنا. ڪيترا ماڻھو کيس چوندا هئا تہ اسان جي ڳوٺ، اوطاق يا ٻني ۾ مفت ۾ وڻ لڳائي ڏي تہ هو سنگت ۾ ائين بہ ڪندو رهندو هو.
جيئن تہ پاڻ بہ پورهيت ۽ غريب ماڻھو هو. پوءِ بہ هن کي مسڪينن ۽ غريبن لاءِ شديد احساس رهيو آهي. هن ڪيترن غريبن کي ڪپڙا وٺي ڏنا آهن ۽ نياڻين ۽ عورتن جي بہ مدد ڪئي آهي.
عجيب ڳالھہ اها آهي تہ هن وقت اسانجي ڳوٺ ۾ وڏي ڄمار جو ماڻھو. سندس والدہ محترمہ مائي حاجاڻي آهي. جيڪا هڪ سؤ سال کان وڏي آهي. اڄ بہ سندس دماغ، نظر ۽ ڪن سلامت آهن. پنھنجا سمورا ڪم پنھنجي هٿن سان پاڻ ڪندي آهي. جيڪا اڄ بہ مير غلام الله جيڪو سندس وڏو فرزند آهي هو پنھنجي ٻي اولاد سان گڏ هن کي بہ جام دعائون ڪندي رهندي آهي. امڙ جي دعائن سان 80 سالن جي ڄمار ۾ شگر جو مريض هئڻ باوجود، ٺيڪ ٺاڪ آهي هو اسان کي هر چڱي ڪم ۾ همتائي ٿو. سندس هڪ پوٽي وڏي محنت سان ڊاڪٽريءَ جي امتحان ۾ چونڊجي وئي هن وقت ڊاڪٽري جي آخري سال ۾ آهي. ياد رهي تہ هن ڳوٺ ۾ اها پھرين نياڻي آهي. جيڪا MBBS ۾ چونڊي وئي آهي اميد آهي تہ جيڪا ڳوٺ جي ٻين نياڻين لاءِ رول ماڊل ثابت ٿيندي.
غلام الله جو وڏو فرزند محمد عثمان آهي. جنھن کي محمد خان بہ چوندا آهن. جنھن 20 کان وڌيڪ سال آرمي شگر ملز بدين ۾ نوڪري ڪئي. جتان 2005 ۾ رٽائر ٿي ڪڍڻ شھر ۾ هارڊ ويئر جو دڪان کوليو آهي هن دڪان ۾ عبدالستار ولد حاجي لعل خان بہ هن سان گڏ آهي. محمد خان جو هي دڪان بھتر هلندڙ آهي. محمد خان جي نياڻي ئي ميڊيڪل ۾ چونڊجي وئي. ۽ محمد خان جو پٽ ڪاشف ڪراچي ۾ وڪالت پيو پڙهي، ڪاشف کي لکڻ پڙهڻ تقريرون ڪرڻ جو تمام گهڻو شوق آهي. هن ڪتاب ۾ ڪتاب جي ليکڪ (بندو) تي مضمون بہ لکيائين جيڪو هِن ڪِتاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي.