آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

ھن ڪِتاب ۾ بظاهر تہ خادم ٽالپر سندس ڳوٺ انڊهلي جي ڪھاڻي لِکي آهي، پر درحقيقت هيءَ ڪھاڻي ٿوري گهڻي فرق سان سنڌ جي سمورن ڳوٺن جي ڪھاڻي آهي. هِن ڪِتاب پڙهڻ سان پڙهندڙ جي ذهن جي اسڪرين تي ڳوٺاڻي زندگيءَ جي دِل پذير تصوير اهڙي سڀاويڪ نموني اُڀري اچي ٿي، جنھن ۾ فطرت جا سمورا دِلڪش رُوپ سروپ موجود آهن. ڳوٺ انڊهلو سنڌ جو مثالي ڳوٺ اُن ڪري بڻيو آهي، جو اُن ۾ رهندڙ ماڻھو ۽ سندن ڪِردار بہ مثالي آهن، جن کي سائين خادم هِن ڪِتاب ۾ سموئي نہ رڳو انڊهلي ۽ اُن جي واسين جي تواريخ رقم ڪئي آهي، پر اُن سان گڏ سنڌ جي هِڪ سٻاجهي دؤر کي بہ محفوظ ڪيو آهي

Title Cover of book ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

مير جعفر خان جو پاڙو

مير جعفر خان مون ڏٺو هو. سندس جنم 25-1920 ڌاري ٿيو هوندو. مير جعفر کي وڏن کان ڪجهہ زمين ورثي ۾ ملي هئي. جيڪا مختلف وقتن تي مختلف ڳوٺاڻا هارپ تي آباد ڪندا هئا پر زراعت مان خاص آمدني ڪانہ ٿيندي هئي. انھيءَ ڪري مير جعفر خان کي مزدوري ڪندي يا ننڍا ننڍا ڪاروبار ڪندي مون ڏٺو هو. هن بہ ڳوٺ جي اڪثر ڳوٺاڻن وانگر ٿانو کڻي وڃي واپار ڪرڻ جو ڌنڌو ڪيو هو.
مير جعفر خان بہ ڪافي سالون ٿانو وڪڻندو رهيو. پوءِ 66-1965ع ڌاري بدين ۾ سبزي جي پڙي بہ لڳائي هئائين ڪجهہ وقت کان پوءِ فروٽ جو ڪاروبار بہ ڪيائين. مير جعفر 60 سالن جو ٿيو هوندو تہ کيس اکين ۾ ڪارو پاڻي ٿي ويو. پوءِ پاڻ نظر کان ويھي رهيو. جيئن تہ مير جعفر خان ڪچھري جو ڪوڏيو هوندو هو. انھيءَ ڪري محفل ۾ ڪچھري ۾ ويٺلن يا ٻاهران آيل مھمانن جي خوب دل وندرائيندو هو. مير جعفر جا پٽ مير يار محمد، مير انور جڏهين پڙهي پيا تہ سندس گهر ۾ خوش حالي اچي وئي مير جمفر خان 1995ع ۾ وفات ڪئي.
مير جعفر خان جا ٽي پٽ ٿيا. ٽئي پنھنجي صلاحيتن آڌار نالي واريون شخصيتون ٿيا. مير يار محمد 74-1973ع ڌاري آرمي شگر ملز کوسڪي ۾ فيلڊ مين کان نوڪري شروع ڪئي. هو پنھنجي ڌنڌي ۾ باهمت هوندو هو. اڳتي وڌي مختلف شگر ملن ۾ اهم عھدن تي رهيو. زندگي جا آخري اٺ ڏھہ سال هو مختلف شگر ملن ۾ جنرل مئنجر (GM) جي پوسٽن تي بہ رهيو جڏهين ڊگهڙي شگر ملز ۾ GM هو تہ کيس دل جو دورو پيو. 29 نومبر 2016ع تي وفات ڪري ويو. يار محمد جي بدين ضلع جي زميندارن، سياسي اڳواڻن ۽ آفيسر طبقي وٽ ڪافي ڄاڻ سڃاڻ هئي.
مير انور علي ٽالپر، هي اسڪول ۾ پڙهڻ دوران تمام ذهين ۽ هوشيار هوندو هو. انڊهلي ۾ عوامي تحريڪ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو تہ مير انور هن ڪم ۾ اڳتي آيو. تقريرون ڪرڻ، جلسا ڪرائڻ، خاص طور شاگردن جا جلسا ۽ پروگرامن ۾ اڳواڻي ڪندو هو. ايم آر ڊي تحريڪ دوران مير انور ضلع بدين جي ماڻھن کي سجاڳ ڪرڻ ۽ گرفتاريون پيش ڪرڻ لاءِ اتساهڻ ۾ پيش پيش هوندو هو. پوليس کان لڪي ڀڄي وڃڻ ۾ ماهر هوندو هو مير انور 87-1986ع ۾ ضلع ڪائونسل بدين جو ميمبر چونڊجي ويو. هن ڳوٺ لاءِ اسڪول بلڊنگ منظور ڪرائي. جيڪا پرائمري اسڪول جي بلڊنگ اڃان تائين موجود آهي. انور خان ڪاري سائي سبب 2015ع ۾ وفات ڪري ويو.
مير جعفر خان جو ٽيو نمبر پٽ مير عباس علي آهي سندس جنم 9 جولاءِ 1965ع ۾ ٿيو جيڪو گذريل 40-30 سالن کان ڪراچي جي گلش حديد ۾ رهي ٿو. هيءَ شروع ۾ اسٽيل مل ۾ ملازم ٿيو. پر پوءِ ڪراچي ۾ ننڍا ننڍا ڪاروبار، ٺيڪا کڻي اڳتي وڌندو رهيو. پيپلز پارٽي ۾ ڪراچي ملير جو انفرميشن سيڪريٽري آهي ۽ ڪراچي ۾ سنڌي ماڻھن لاءِ تمام بھترين سھارو آهي. ضلع ڪائونسل ملير جو ميمبر آهي ملير پريس ڪلب جو صدر بہ رهيو آهي.
مير عباس پاڻ ۽ پنھنجي اولاد کي نمايان ترقي وٺرائي آهي. ڳوٺ انڊهلي لاءِ اڃان ڪو خاص ڪم نہ ڪيو اٿس. پر سماجي ۽ سياسي طرح ڪافي اثر رسوخ وارو ماڻھو آهي. مير عباس جي نياڻي ايم بي بي ايس پڙهي پئي ۽ سندس ڇوڪرا انجنيئرنگ ۾ گريجوئٽ آهن.
شاھہ گهريو مان جيڪي پنج ڀائر لڏي آيا. هئا انھن ۾ هڪ جو نالو مدد علي هو. مدد علي جو شجرو هيٺين طرح آهي.

غلام محمد


حاجي فضل محمد مدد علي رحيم خان ابراهيم غلام شاهه

يار محمد


صادق جعفر
(لااولاد)

يار محمد انور علي عباس


مھراڻ سلمان ڪامران سجاد علي


عمران عباس عاصم عباس عرفان عباس عاطف عباس جعفر عباس
B.Tech B.E B.E (Civil) ڊپلوما