آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

ھن ڪِتاب ۾ بظاهر تہ خادم ٽالپر سندس ڳوٺ انڊهلي جي ڪھاڻي لِکي آهي، پر درحقيقت هيءَ ڪھاڻي ٿوري گهڻي فرق سان سنڌ جي سمورن ڳوٺن جي ڪھاڻي آهي. هِن ڪِتاب پڙهڻ سان پڙهندڙ جي ذهن جي اسڪرين تي ڳوٺاڻي زندگيءَ جي دِل پذير تصوير اهڙي سڀاويڪ نموني اُڀري اچي ٿي، جنھن ۾ فطرت جا سمورا دِلڪش رُوپ سروپ موجود آهن. ڳوٺ انڊهلو سنڌ جو مثالي ڳوٺ اُن ڪري بڻيو آهي، جو اُن ۾ رهندڙ ماڻھو ۽ سندن ڪِردار بہ مثالي آهن، جن کي سائين خادم هِن ڪِتاب ۾ سموئي نہ رڳو انڊهلي ۽ اُن جي واسين جي تواريخ رقم ڪئي آهي، پر اُن سان گڏ سنڌ جي هِڪ سٻاجهي دؤر کي بہ محفوظ ڪيو آهي

Title Cover of book ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

پنھنجي پاران

گهڻي وقت کان خيال هئم تہ جنھن ڳوٺ ۾ جنم ورتو اٿم. جتي بچپن جا املھہ پل گذاريم، جتي پنھنجي ننڍڙن دوستن سان رانديون ڪيم. جتي پنھنجي مائٽن جي هنجهہ ۾ گرمي حاصل ڪيم. جتي جون خوشيون، رونقون، بھارون، توڙي جتي درد ۽ وڇوڙا، ۽ ڳوٺاڻن کي ڏک ۽ محرومين ۾ لڇندي ڏٺم. انھيءَ ڳوٺ، انھي خطي جي صورتحال ۽ پنھنجي وقت جي تاريخ لکجي. انھي خيال کي نظر ۾ رکندي ڳوٺ جي تاريخ لکڻ لاءِ ڳوٺ جي جهونن ڳوٺاڻن کان حال احوال وٺڻ، لکڻ، ۽ پوءِ وري انھن ڳالھين جي تصديق لاءِ مختلف ماڻھن کان رايا وٺڻ شروع ڪيم تہ ڪتاب ”ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون” آهستي آهستي پنھنجي بھتر شڪل اختيار ڪندو ويو.
سنڌ سڄي سون آهي. سنڌ جا ڳوٺ هيرن جواهرن سان مالا مال آهن. سنڌ ۾ لوڪ ڏاهپ جا ڪئين داستان پکڙيا پيا آهن. سنڌ ۾ جيتوڻيڪ لکڻ پڙهڻ جو علم ۽ هنر ڏاڍو دير سان آيو آهي. نتيجي ۾ قدرت جي مظهرن کي سائنسي علم جي روشني ۾ سمجهڻ ۾ ڏاڍي دير ٿي وئي آهي، پر پوءِ بہ “دير آيد درست آيد” جي چوڻي موجب اڄ سنڌ برصغير جي ٻين قومن کان پوئتي نہ آهي.
اگر سنڌ جي مختلف شھرن ۽ ڳوٺن مان ڪي ماڻڪ موتي چونڊجن، گم ٿيل سگهڙن، ڏاهن، شاعرن، هنرمندن، گڻائتن ماڻھن جا داستان گڏ ڪجن تہ نہ صرف سنڌ لاءِ پر پوري دنيا جي عالمگير انسانيت لاءِ تمام وڏا خزانا هٿ ڪري سگهجن ٿا.
هنن ڳالھين کي نظر ۾ رکندي. هن ڪتاب لکڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو. ظاهر آهي هي ڪتاب ۽ منجهس ڄاڻايل معلومات ڪنھن هڪ ماڻھو جي وس جي ڳالھہ نہ هئي جو گڏ ڪري سھيڙي پر پوءِ ڪافي دوستن هن ڪم لاءِ همتائيو. انھن جو ٿورو مڃڻ ضروري آهي.
پروفيسر ڊاڪٽر عبدالڪريم، سيٺ غلام محمد، مير نور محمد، مير غلام الله، ڊاڪٽر اعجاز ٽالپر، مير غلام محمد ڪونڌر ڳوٺ جي نوجوانن مير مصطفى، مير عباس، مير اعظم، مير بشير، مير ڪاشف ۽ ٻين تمام بھترين سھڪار ڪيو مولوي نور محمد وقت بہ وقت معلومات جي تصديق ڪئي سليمان، حاجي لعل خان ۽ غلام قادر معلومات گڏ ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. انھن سمورن دوستن جي مھرباني.
ڪِتاب جي مھاڳ لکڻ جي تڪليف سنڌ جي خوبصورت نوجوان شاعر، ليکڪ ۽ ائڊوڪيٽ پريت پال سنگهہ سوڍي کي ڏِني وئي، جنھن پنھنجي تمام گهڻي مصروفيت جي باوجود پنھنجي عالمانہ راءِ ڏئي اسانکي احسانمند ڪري ڇڏيو آهي، جنھن جا تمام وڏا وڙ.
شمشيرالحيدري اڪيڊمي هميشہ جيان پنھنجي مھرباني سان منھنجين ڪچين ڦِڪلين لِکڻين کي سنڌي عوام جي اڳيان آڻيندي رهي آهي، جنھن جا وڏا ٿورا.
آخر ۾ سنڌ جي اُستادن ۽ نوجوان شاگردن کي گذارش ٿي ڪجي تہ اُهي پنھنجي ڳوٺن ۽ شھرن ۾ علم ۽ روشن خيالي ڦھلائڻ لاءِ پنھنجي معصوم ٻارڙن (ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين) ۾ مطالعي جو شوق پيدا ڪن، پنھنجي اسڪول جا پاڻ وارث ٿين. ڳوٺاڻن جي ترقي ۾ کين مددگار ٿين.


خادم ٽالپر
20 نومبر 2020ع
03313512626