آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

ھن ڪِتاب ۾ بظاهر تہ خادم ٽالپر سندس ڳوٺ انڊهلي جي ڪھاڻي لِکي آهي، پر درحقيقت هيءَ ڪھاڻي ٿوري گهڻي فرق سان سنڌ جي سمورن ڳوٺن جي ڪھاڻي آهي. هِن ڪِتاب پڙهڻ سان پڙهندڙ جي ذهن جي اسڪرين تي ڳوٺاڻي زندگيءَ جي دِل پذير تصوير اهڙي سڀاويڪ نموني اُڀري اچي ٿي، جنھن ۾ فطرت جا سمورا دِلڪش رُوپ سروپ موجود آهن. ڳوٺ انڊهلو سنڌ جو مثالي ڳوٺ اُن ڪري بڻيو آهي، جو اُن ۾ رهندڙ ماڻھو ۽ سندن ڪِردار بہ مثالي آهن، جن کي سائين خادم هِن ڪِتاب ۾ سموئي نہ رڳو انڊهلي ۽ اُن جي واسين جي تواريخ رقم ڪئي آهي، پر اُن سان گڏ سنڌ جي هِڪ سٻاجهي دؤر کي بہ محفوظ ڪيو آهي

Title Cover of book ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

حاجي لعل بخش ٽالپر جو پاڙو

حاجي لعل بخش جنھن کي حاجي لعل خان بہ سڏيو ويندو آهي هي ڳوٺ انڊهلي جي مردن ۾ سڀني کان وڏي ڄمار جو آهي، جڏهين تہ ذڪر ڪيل مير غلام الله جي والدہ جيڪا سڄي ڳوٺ ۾ وڏي ڄمار جي صحتمند آهي. اها سندس وڏي ڀيڻ آهي. حاجي لعل خان حاجي ڏتل ٽالپر جو ٻيو نمبر پٽ آهي. ڳوٺ فضل محمد ٽالپر جي پھرين ڳوٺ مان لڏپلاڻ جا سمورا واقعا کيس ياد آهن، اسان جيڪي ڳوٺ خيرو ٽالپر لڳ غلام شاھہ کان 1943ع ۾ لڏي هتي آيا هئاسون. اها سموري روئداد کيس ياد آهي ٻڌائي ٿو تہ سندس والد حاجي ڏتل ۽ غلام محمد ٻئي ڀائر هئا. غلام محمد وڏو هو. شاديءَ ڪيائين تہ کيس ٻن پٽن جو اولاد ٿيو تہ پاڻ گذاري ويو. سندس اهي ٻہ پٽ محمد اسماعيل ۽ مولوي جان محمد ٿيا. محمد اسماعيل انڊهلي ۾ ئي رهندو رهيو پر جان محمد عربي فارسي ۽ ڪجهہ ديني علم سکي. ٽنڊو جان محمد هليو ويو اتي مير خدا بخش جيئنداڻي ٽالپر وٽ ڪنھن مسجد ۾ صوم صلات لاءِ رکيو ويو. جتي هو ديني تعليم بہ پڙهائيندو هو ۽ جان محمد کي چار پٽ ٿيا. وڏو پٽ عبدالڪريم دينيات جو ليڪچرار ٿيو سندس ٻہ ٻيا پٽ فضل الرحمان، عبدالغفور ڊاڪٽر ٿيا ۽ رٽائرڊ بہ ٿي ويا هڪ پٽ حاجي عبدالستار جنھن انڊهلي مان شادي ڪئي آهي اهو هاءِ اسڪول ٽنڊو جان محمد ۾ استاد آهي. ۽ انڊهلي ۾ وقت بہ وقت ايندو رهندو آهي. ڪچھري جو ڪوڏيو آهي، حاجي ڏتل جا پھرين گهر واري مان ٻہ پٽ فضل محمد ۽ لعل خان ۽ ٻہ نياڻيون ٿيون. جڏهين اها مائي جيڪا منھنجي پڦي هئي گذار وئي تہ ٻي شادي بابا جي ڀاڻيجي سان ڪيائين جنھن مان کيس هڪ پٽ محمد خان ۽ 6 ڌيئرون پيدا ٿيون.
حاجي لعل خان پنھنجي جواني ۾ انتھائي باهمت ۽ ڪم ڪار جو سچو مرد ماڻھو هو. تعليم حاصل ڪانہ ڪئي هئائين صرف قرآن شريف گهر پڙهيو هو منھنجي ڀائرن، جان محمد ۽ الھبچائي سان گڏجي ميلا ملاکڙا گهمڻ، ڀلا ڍڳا ۽ ڀليون مينھون ڌارڻ جا ڪم ڪندو هو. حاجي ڏتل زمينون مقاطعا کڻندو هو. اها ٻني ڪجهہ پاڻ پوکيندا هئا ۽ وڌيڪ هارپ تي ڏئي ڇڏيندا هئا ڳوٺ ۾ سندن پنھنجي ڪابہ ٻني / زمين نہ هئي پوءِ بہ هو ڳوٺ ۾ زميندارن کان گهڻو خوش حال رهندا هئا. پورهيو ڪرڻ سندن مرڪ هوندو هو سندس گهر واري حاجي فتح علي جي اڪيلي نياڻي هئي جيڪا حاجي فتح علي وانگر لواري شريف درگاه جي پڪي معتقد هئي جڏهين پير گل حسن صاحب دنيا مان رحلت ڪئي درگاه تي پير فيض محمد پنھنجو حق جتايو تہ درگاه جا مريد ٻن حصن ۾ ورهائجي ويا. (1) پير فيض جي طرف تہ ٻيا پير گل حسن صاحب جي نياڻي بي بي جي طرف ٿيا ڳوٺ انڊهلو بي بي جي طرف ٿيو تہ حاجي لعل خان جي گهرن واريءَ مائي حاجاڻي بہ بي بي جي خاص صحبت ۾ رهڻ لڳي. پوءِ سڄي سنڌ ۾ لواري شريف جي مريدن پاران بي بي جي جي / پير حسن قادر (بي بي جو پٽ) کي دعوتون ملنديون هيون يا ڪي نياپا ملندا هئا تہ اهو ڪم حاجي لعل خان سچائي سان نڀائيندو رهيو آهي. حاجي لعل خان ميلا گهمڻ، شڪار ڪرڻ جو شوقين رهيو آهي.
حاجي لال خان کي (5) پٽ ٿيا. حاجي نور محمد، علي بخش، عبدالستار، عبدالغفور، الھہ بخش جن مان عبدالغفور جواني ۾ وفات ڪري ويو. حاجي نور محمد ۽ عبدالستار جو ذڪر اڳتي ايندو، حاجي لعل خان جو شجرو هيٺين طرح آهي


مير محمد


احمد خان فضل محمد
(ڏسو مولوين جو پاڙو)

حاجي ڏتل غلام محمد
(ڏسو مولوين جو پاڙو)

حاجي فضل محمد لال خان محمد خان
(هڪ نياڻي جو اولاد)


حاجي نور محمد علي بخش عبدالستار عبدالغفور الھہ بخش
(جواني ۾ گذاري ويو)