روشن راهن جو پانڌي سائين خادم ٽالپر
ماڻھو سڀ نہ سھڻا، پکي سڀ نہ هنجهہ،
ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ منجهہ اچي بوءِ بھار جي.
(شاه)
جيتوڻيڪ آئون ۽ سائين خادم هڪڙي ئي ڳوٺ جا رهاڪو آهيون ساڳئي وقت شايد هڪڙي ئي ڍڳي جا چور رهيا آهيون تنھن هوندي بہ ايترو عرصو گذرڻ باوجود اسان جي وچ ۾ ڪا سياسي يا فڪري بيٺڪ ڪونہ ٿي سگهي آهي جيڪي ميل ملاقاتون ٿيون هونديون اهي رسمي طرح گسين پنڌين هلندي ڦرندي ئي ٿيون هونديون انھي جو ڪارڻ ٻين ڪيترن ئي سبب سان گڏ هڪڙو اهو بہ ٿي سگهي ٿو تہ سائين خادم ادبي کيتر جي جنھن اعلى مقام تي بيٺل آهي اتي اسان جھڙا نوان شاگرد عام سنڌي چواڻي “ادب جو مقام” سمجهي فاصلي تي رهڻ کي ترجيح ڏني هوندي حالانڪ سائين خادم جڏهن بہ مليو ۽ جتي بہ مليو اتي پنھنجائپ وارو ۽ شفقت ڀريو هٿ پنھنجي ڪلھن تي محسوس ڪيوسين. ڪجهہ وقت اڳ ۾ سائين خادم پنھنجي آتم ڪٿا ڪتابي صورت ۾ “تاريخ منھنجي وقت جي” شايع ڪئي ۽ اهو ڪتاب جڏهن منھنجي هٿن ۾ آيو تہ انھي کي پڙهي اها خواهش پيدا ٿئي هئي تہ ڪاش مونکي بہ موقعو ملي ها تہ آئون بہ ڪجهہ سائين خادم جي باري ۾ پنھنجا ويچار ونڊيان ها بھرحال وري بہ ساڳئي مٿئين ڳالھہ “ادب جا مقام” واري تازو ڪجهہ ڏينھن پھرين سائين خادم سان جيئن اڳ ۾ چئي آيو آهيان تہ گسين پنڌين رسمي ملاقات ٿي وئي جنھن ۾ سائين اها خواهش ڏيکاري تہ آئون پنھنجي والد صاحب “مير ڪونڌر” بابت ڪجهہ يادگيريون لکي ڏيان تہ جيئن اهي سائين خادم جي ايندڙ نئين تصنيف “ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون” ۾ شايع ٿي سگهن. سائين خادم جا وڙ جنھن انھي لائق مون کي سمجهيو پر دل چيو تہ بابا سائين تي لکڻ کان اڳ ۾ ڇو نہ انھي موقعي جو فائدو وٺندي سائين خادم جي زندگي ۽ جدوجھد تي پڻ ٻہ اکر لکجن. هونئن تہ ٿوري گهڻي ادبي ٻولي بابا سائين وسيلي رت ۾ شامل آهي ۽ مٿان وري سياسي شاگرد جي حيثيت سان ڪتابن جي مطالعي جو بہ اثر ٿي سگهي ٿو. بھرحال جھڙو حال حبيبان تھڙو پيش پريان.
اسان جي ڳوٺ ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا تمام ٿورا اهڙا ماڻھو هوندا جيڪي آئون سمجهان ٿو تہ ڪافي عرصي تائين زنده جاويدان رهندا ۽ زنده ۽ جاويد ماڻھو اهي ئي رهندا آهن جيڪي پنھنجي ايندڙ نسلن لاءِ فلاح ۽ ترقي جا رستا ۽ گس ڏيکاري ويندا آهن. انھن کي وڌ کان وڌ جديد علمن، سائنسي حقيقتن ۽ شعوري سمجهہ عطا ڪندا آهن. انھي شعوري سمجهہ جي لاٽ کي روشن ڪندڙن ۾ بہ سائين لطف علي ٽالپر سان گڏ آئون سمجهان ٿو تہ سائين خادم جو بہ حصو پتي شامل رهيو آهي بلڪ مٿي بيان ڪيل شعوري ۽ سياسي سمجهہ جي ڳالھہ ڪجي تہ آئون نہ ٿو سمجهان تہ سائين خادم کان سواءِ ڪو ٻيو ماڻھو انھي صف ۾ بيھہ سگهندو پر جيئن تہ هم اثر دور انصاف ڪونہ ڪري سگهندو آهي تنھنڪري ايندڙ نسل جي تاريخ اڏيندڙ ڪردارن کي ايندڙ پيڙهيون سندن اعلى خدمتن تي خراج پيش ڪري هميشہ انھن تي فخر محسوس ڪنديون رهنديون.
اسان جا وڏا بلوچستان مان ڪھڙن حالتن ۾ ڇو لڏپلاڻ ڪري سنڌ ۾ آيا انھي سوال جو جواب شايد پوري زندگي نہ ملي سگهي پر آئون سمجهان ٿو تہ اسان جي ڳوٺ جي تاريخ انھي ڏينھن کان لکجڻ شروع ٿي وئي جڏهن اسان جا وڏا سنڌ ۾ سوڀو ديرو ۾ اچي مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي جي مريدي هيٺ آيا ۽ سندن سڌو سنئون تعلق درگاھہ لواري شريف سان ٿيو ۽ آخرڪار اچي انھي جي ڀر وسايائون جتان پوءِ 1960ع بعد روڊ رستا ٺهڻ ڳوٺ جي ترقي جو سفر شروع ٿيو. ڳوٺ ۾ اڄ ڏينھن تائين ٻن دؤرن جو اثر محسوس ڪري سگهجي ٿو هڪڙو دور عقيدت پرستي وارو جيڪو گذريل اڍائي صدين کان هلندڙ هو ۽ ٻيو سائنسي ۽ سياسي دور جيڪو اسان جي وڏڙن گذريل نصف صدي کان رکيو جنھن ۾ جيئن آئون اڳ ۾ ذڪر ڪري آيو آهيان تہ آڱرين تہ ڳڻڻ جيترا ماڻھو شامل آهن. انھن ۾ سائين خادم اهو پھريون شخص هو جنھن ڳوٺ ۾ سياسي سجاڳي جا ابتدائي سبق پڙهايا جنھن بعد ڳوٺ ۾ هڪ نئين سجاڳي جو دور شروع ٿئي ٿو جنھن ۾ انڊهلي ڳوٺ کي هڪ مِني ويٽنام ۽ انڊهلو يونيورسٽي جي نالن سان سڃاتو ويو. هتي آئون سائين خادم جي زندگي جو تنقيدي جائزو وٺڻ جي پڻ اجازت گهرندس ڇاڪاڻ جو هڪ سياسي شاگرد جي حيثيت سان تنقيدي بحث مباحثن ۾ شامل ٿيڻ زندگي جو حصو رهيو آهي. تنقيد اها آهي تہ سائين خادم جلد ئي نوي جي ڏهاڪي ۾ عوامي سياسي ڌارا کان الڳ ٿي سماجي ڌارا جنھن ۾ NGO سيڪٽر اچن ٿا انھن ۾ پير پاتو هاڻي اتي انھي بحث ۾ ڪونہ ٿا اچون تہ سائين خادم اهڙا فيصلا ڇو ڪيا، ڇاڪاڻ جو آئون سمجهان ٿو تہ پنھنجي زندگي جي باري ۾ فيصلا ڪرڻ لاءِ هرڪو آزاد آهي پر نوي جي ڏهاڪي ۾ سائين خادم جي اهڙي فيصلي جو سڌو سنئون اثر اسان جي ڳوٺ جي نئين نسل ۾ ٻرندڙ انھي سياسي شعور تي ضرور پيو جيڪو پوءِ وري اهو عروج حاصل ڪري ڪونہ سگهيو جنھن کي سائين پاڻ بہ ضرور محسوس ڪيو هوندو. بھرحال سائين خادم وري بہ لطيف سائين جي ڳالھہ وانگي “سک نہ ستا ڪڏهن” تي عمل ڪندي هميشہ پنھنجو پاڻ کي متحرڪ رکيو ۽ انھي سلسلي کي اڄ ڏينھن تائين جاري رکندو اچي جيتوڻيڪ سائين زندگي جي هاڻي انھي حصي ۾ هلي پيو جتي سندس هم اثر آرام پسندي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن پر سائين خادم اڄ بہ نئين نسل لاءِ اتساھہ آهي. اڪثر انسان جي ڪل ڪائنات اها هوندي آهي تہ تعليم مڪمل ڪري روزگار حاصل ڪجي ۽ زندگي جا ڏينھن پورا ڪجن پر سائين خادم جي زندگي شروع کان وٺي مختلف رهي. سائين عام رواجي تعليم حاصل ڪرڻ بعد نوڪري وٺي گهرجي ڀر جهلي ويهڻ بدران پنھنجي زندگي کي جدوجھد جي ميدان تي لاٿو ۽ گهر جو اونو ڇڏي ڏنو. سائين جي ڪتاب “تاريخ منھنجي وقت جي” کي پڙهندي اهو محسوس ڪري سگهجي ٿو تہ سائين خادم روز مره جي زندگي ۾ پڻ ڪيتري جفاڪشي ڪئي آهي. هڪ غريب مسڪين مزدوري ڪندڙ پيءَ جو اهو واحد ٻار جنھن کي سرڪاري ماستري ملي هجي انھي لاءِ گهرجي ذميوارين کي پٺي ڏيئي پنھنجي انھي نوڪري کي بہ داءَ تي لڳائي ۽ سياسي ۽ انقلابي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ ۽ پوءِ حڪومت خلاف تحريڪن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ ۽ انھن جي نتيجن جي پرواھہ نہ ڪرڻ آئون سمجهان ٿو تہ اها سندس قوم ۽ وطن سان محبت ۽ دليري هئي. اهو ئي سبب هو جو سائين خادم جنھن بہ فيلڊ ۾ ويو اتي انھي جذبي سان انھي حد تائين نڀايو جنھن سبب اڄ پوري سنڌ ۾ هڪ وڏو حلقو شاعر، اديب، سياستدان، سماجي ورڪر ۽ زندگي جي هر شعبي سان وابسطہ ماڻھو جو سائين سان پيار ۽ چاھہ آهي. عام چواڻي آهي تہ شاهوڪار اهو ڪونہ آهي جنھن وٽ پئسا گهڻا آهن بلڪہ شاهوڪار اهو آهي جنھن وٽ دوست گهڻا آهن منھنجي خيال ۾ هن وقت سائين خادم کان وڌيڪ دولتمند ڪير مشڪل هجي.
سائين خادم پنھنجي پوري زندگي ماڻھن ۾ سجاڳي ڏيڻ ۾ وقف ڪئي آهي، سائين نہ فقط سياسي، تاريخي، ادبي ۽ سائنسي ليڪچر ڏنا پر پوري سنڌ ۾ ڳوٺ ڳوٺ ۾ سياسي ۽ ادبي ڪچھريون ڪرڻ سان گڏ “اسان جا پنڌ پھاڙ جا” جهيڙا انقلابي ڪتاب لکي ماڻھن ۾ سياسي شمع کي جاري رکيو. سائين خادم جون ڪيل شمعون صدين تائين روشن رهنديون ۽ ايندڙ نسل کيس خراج پيش ڪندا رهندا اسان سائين جي انھن خدمتن کي خراج پيش ڪندي خوشيءَ محسوس ڪريون ٿا.
مير بشير ٽالپر
ڪڍڻ روڊ بدين
3281930-0300