آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

ھن ڪِتاب ۾ بظاهر تہ خادم ٽالپر سندس ڳوٺ انڊهلي جي ڪھاڻي لِکي آهي، پر درحقيقت هيءَ ڪھاڻي ٿوري گهڻي فرق سان سنڌ جي سمورن ڳوٺن جي ڪھاڻي آهي. هِن ڪِتاب پڙهڻ سان پڙهندڙ جي ذهن جي اسڪرين تي ڳوٺاڻي زندگيءَ جي دِل پذير تصوير اهڙي سڀاويڪ نموني اُڀري اچي ٿي، جنھن ۾ فطرت جا سمورا دِلڪش رُوپ سروپ موجود آهن. ڳوٺ انڊهلو سنڌ جو مثالي ڳوٺ اُن ڪري بڻيو آهي، جو اُن ۾ رهندڙ ماڻھو ۽ سندن ڪِردار بہ مثالي آهن، جن کي سائين خادم هِن ڪِتاب ۾ سموئي نہ رڳو انڊهلي ۽ اُن جي واسين جي تواريخ رقم ڪئي آهي، پر اُن سان گڏ سنڌ جي هِڪ سٻاجهي دؤر کي بہ محفوظ ڪيو آهي

Title Cover of book ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

مير غلام محمد ليڪچرار

هن ڳوٺ ۾ جيڪي غير معمولي محنتي، باهمت، باصلاحيت ماڻھو پيدا ٿيا آهن. انھن ۾ غلام محمد غلام رسول عرف گلاب ولد احمد خان بہ هڪ اهم ماڻھو هو. هن پنھنجي صلاحيت جي آڌار تي جنوري 1974 ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٽنڊو جان محمد ۾ ليب اسسٽنٽ مقرر ٿيو 1976ع ۾ اسلاميہ ڪاليج بدين ۾ بدلي ڪرائي آيو.
بدين ڪاليج ۾ تڏهين “خالد وهاب” پرنسپل هو، خالد وهاب کاٻي ڌر جو اردو اسپيڪنگ، انتھائي فراخ دل لکيل پڙهيل ۽ خود دار ماڻھو هو. 1976ع ۾ جڏهين جنرل ضياءَ جي مرش لا لڳو. بدين ۾ PPP تمام طاقتور هئي. ذوالفقار علي ڀٽو جو بدين قومي اسيمبلي جو تڪ هو. بدين ۾ کاٻي ڌر جي سياست ڪندڙ عوامي تحريڪ بہ ان وقت زور هئي. ڪاليج جا شاگرد روزانہ شھر بدين ۾ هڙتالون ڪرائڻ، ڪونہ ڪو گوڙ ڪرائڻ ۾ لڳا پيا هوندا هئا. فوجي ڪنھن نہ ڪنھن بھاني سان ڪاليج ۾ دخل عمل ڪندا هئا تہ ڪاليج جو پرنسپل خالد وهاب پنھنجي همت ۽ بھادري سان فوجين کي ڪاليج ۾ داخل ٿيڻ نہ ڏيندو هو. تن ڏينھن ۾ غلام محمد، اسلاميہ ڪاليج ۾ ليب اسسٽنٽ ٿي ڪم ڪري رهيو هو غلام محمد جي ذهانت، ايمانداري ۽ همت ڏسي خالد وهاب کيس انگريزي ۾ پڙهي تياري ڪري M.A جو امتحان ڏيڻ جي صلاح ڏني. غلام محمد تمام غريب هو. هن وٽ ايترا پئسا نہ هئا جو سنڌ يونيورسٽي ۾ فارم ڀرائي اتي رهي ۽ MA جي تياري ڪري.
خالد وهاب کيس هر طرح جي تعاون جو يقين ڏياريو ياد آهي تہ غلام محمد وٽ هاسٽل ۾ رهي ماني کائڻ جيترا پئسا نہ هوندا هئا. انھيءَ ڪري هو ڪڏهين هاسٽل ۾ تہ ڪڏهين سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو جي مسجدن ۾ رهيو پيو هوندو هو. مزدوري ڪري ماني جا پئسا حاصل ڪندو هو اهڙي حالت ۾ بہ هن جوان 1983ع ۾ ايم اي انگريزي ۾ پاس ڪري ڪميشن مان ڪوالي فاءِ ڪري ليڪچرار ٿي ويو.
غلام محمد جيئن تہ تمام غريب ماڻھو هو. جنھن ڏکين حالتن سان مقابلو ڪري تعليم ورتي هئي. انھيءَ ڪري هن کي غريب شاگردن ۽ ڳوٺ جي غريب ماڻھن سان تمام گهڻي همدردي هوندي هئي. هن ڪوشش ڪري ڳوٺ انڊهلو جي ٽن غريب ماڻھن الھبخش پٽ عبدالله، خدا بخش پٽ نور محمد کي اسلاميہ ڪاليج ۾ پٽيوالي جي نوڪري وٺرائي ڏني هئي. ۽ محمد قاسم کي بہ چوڪيدار جي نوڪري وٺرائي ڏني هئائين ۽ وري کيس مئٽرڪ جو امتحان بہ ڏياري استاد بنايو هئائين ڪيترن غريب شاگردن جون امتحان جي فارم ڀرڻ لاءِ في نہ هوندي هئي تہ هي پنھنجي کيسي مان اها رقم ڏئي شاگردن جي مدد ڪندو هو.
غلام محمد کي 1991ع ۾ رت جو ڪينسر ٿي پيو. ان وقت پاڪستان ۾ جيڪو بہ علاج ممڪن هو. هن ڪوشش ڪري اهو علاج ڪرايو پر آخرڪار 10 مئي 1993ع ۾ هن دنيا کي الوداع ڪري ويو. کيس ٽي فرزند آهن. 1. اشفاق احمد 2. الطاف احمد 3. آفتاب احمد
غلام محمد جو شجرو ڳوٺ فضل محمد ٽالپر ٻڌڻ ۾ جيڪي پنج ڀائر آيا هئا. انھن سان ملي ٿو جيڪو هيٺين طرح آهي.
حاجي فضل محمد مدد علي ابراهيم رحيم خان غلام شاه


فضل محمد


ابراهيم احمد



حاجي ڏتل فضل غلام محمد
(ڳوٺ فضل محمد جي لڏپلاڻ کان اڳ
ابراهيم خدا داد ۽ ربو ٽالپر ڏانھن لڏي ويو.

اشفاق احمد الطاف احمد آفتاب احمد

غلام محمد جي زندگي جو مختصر خاڪو هن طرح آهي.

غلام محمد جو مختصر پروفائل
• نالو غلام محمد عرف غلام رسول ٽالپر
• پيءَ جو نالو احمد خان ٽالپر
• جنم: 25 فيبروري 1952ع
• پرائمري تعليم: 1959ع ۾ پنھنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ داخلا وٺي پڙهيو پنجون ڪلاس پاس ڪيو.
• 1962ع ۾ سندس والد احمد خان T.B جي بيماري ۾ وفات ڪري ويو. انھي وقت تائين T.B لا علاج بيماري هئي.
• 1965ع ۾ پرائمري پاس ڪري، ٽنڊو جان محمد هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتائين.
• 1970ع ۾ ٽنڊو جان محمد مان مئٽرڪ پاس ڪيو.
• 1 آڪٽوبر 1971ع ۾ فوجي شگر ملز ۾ فيلڊ مين جي نوڪري ورتي.
• جنوري 1973ع ۾ ساڳي ڪاليج مان B.A پاس ڪيائين.
• جنوري 1974ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٽنڊو جان محمد ۾ ليب اسسٽنٽ مقرر ٿيو.
• 1975ع ۾ ٽنڊو جان محمد ڊگري ڪاليج کان اسلاميہ ڪاليج بدين بدلي ڪرائي آيو
• 1977ع ۾ حاجي شير محمد ٽالپر جي گهران شادي ڪيائين.
• 1980ع ۾ خالد وهاب پرنسپل اسلاميہ ڪاليج جي همتائڻ ۽ مھربانين سان سنڌ يونيورسٽي ۾ ايم اي انگلش ۾ داخلا ورتائين.
• 1983ع ۾ ايم اي پاس ڪيائين. ٽن مھينن ۾ ڪميشن ۾ ويٺو پاس ٿي 23 نومبر 1983ع تي ميرپورخاص ۾ ليڪچرار ٿي ويو.
• 1984ع ۾ سعيد پور ڪاليج بدلي ڪرائي آيو 1991ع تائين هتي ئي رهيو.
• آڪٽوبر 1987ع ۾ ٻارن جي تعليم لاءِ لڏي بدين آيو.
• 1991ع ۾ طبيعت خراب ٿي ڊاڪٽر بلڊ ڪينسر قرار ڏنو.
• 30 مئي 1993ع تي صرف 41 سالن جي عمر ۾ درالبقا ڏانھن روانو ٿيو.
هي ڳوٺ جو نوجوانن ۽ غريب ڳوٺاڻن لاءِ انتھائي اُتساھہ ڏيندڙ، همدردي ڪندڙ ۽ مدد ڪندڙ ماڻھو هو. جنھن سبب نہ صرف ڳوٺ انڊهلي جا رهواسي پر بدين جا سندس شاگرد ۽ ٻي عوام کيس تمام پيار مان ياد ڪندا آهن.