آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

ھن ڪِتاب ۾ بظاهر تہ خادم ٽالپر سندس ڳوٺ انڊهلي جي ڪھاڻي لِکي آهي، پر درحقيقت هيءَ ڪھاڻي ٿوري گهڻي فرق سان سنڌ جي سمورن ڳوٺن جي ڪھاڻي آهي. هِن ڪِتاب پڙهڻ سان پڙهندڙ جي ذهن جي اسڪرين تي ڳوٺاڻي زندگيءَ جي دِل پذير تصوير اهڙي سڀاويڪ نموني اُڀري اچي ٿي، جنھن ۾ فطرت جا سمورا دِلڪش رُوپ سروپ موجود آهن. ڳوٺ انڊهلو سنڌ جو مثالي ڳوٺ اُن ڪري بڻيو آهي، جو اُن ۾ رهندڙ ماڻھو ۽ سندن ڪِردار بہ مثالي آهن، جن کي سائين خادم هِن ڪِتاب ۾ سموئي نہ رڳو انڊهلي ۽ اُن جي واسين جي تواريخ رقم ڪئي آهي، پر اُن سان گڏ سنڌ جي هِڪ سٻاجهي دؤر کي بہ محفوظ ڪيو آهي

Title Cover of book ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

رئيسن جو پاڙو / رحيم خان جو پاڙو

ڳوٺ حاجي فضل محمد ٽالپر ۾ شروع ۾ جيڪي پنج ڀائر پنھنجي مرشد خواجہ محمد زمان ثاني مڪہ واري صاحب حڪم تي لڏي آيا انھن ۾ هڪ رحيم خان بہ هو. جنھن جو شجرو هيٺين طرح مليو آهي.
غلام محمد

حاجي فضل محمد مدد علي رحيم خان ابراهيم غلام شاهه

محمد علي


فيض محمد ابراهيم نبي بخش شاھہ محمد
(شادي نہ ڪئي)
حاجي علي محمد رحيم خان اسماعيل فقير علي بخش نور محمد
(اولاد ڪونہ ٿيو) (شادي نہ ٿي) شادي نہ ٿي
حسين بخش علي محمد (لااولاد)
(لااولاد)
فيض محمد

سليمان آدم گل محمد (گلو)
(لااولاد) (لااولاد)

علي بخش آدم شاھہ جهان محمد علي


احمد شاھہ محمد الھبچايو سماعيل


غلام مصطفى عبدالحميد غلام مرتضى
مٿي ڄاڻايل شجروع فقير شير محمد جي لکت مان حاصل ٿيو آهي. ڄاڻايل رحيم خان جي پٽ محمد علي کي 9 پٽ هئا. انھن مان چار ڀائرن جون شاديون نہ هيون باقي پنجن ڀائرن مان ٻن کي اولاد نہ ٿيو باقي ٽن ڀائرن کي اولاد ٿيو. فيض محمد کي هڪ پٽ حسين بخش ٿيو جيڪو ڪامارو شاخ تي بيلدار جي نوڪري ڪندو هو. سندس وفات کان پوءِ وري سندس پٽ فيض محمد کي ساڳي نوڪري ملي آهي. علي بخش کي ٽي پٽ ٿيا جن مان آدم ۽ گل محمد الڙ جواني ۾ گذاري ويا. باقي سليمان اڃان تائين تندرست آهي. هن وقت جيڪي ڳوٺ جا وڏي ڄمار جا ماڻھو صحيح سلامت آهن. انھن مان هڪ آهي هن ڪتاب لکڻ ۾ سندس کوڙ يادگيريون ۽ شاهديون شامل ڪيون ويون آهن. سليمان جي وڏي ڀيڻ منھنجي ڀاءُ جان محمد جي گهر واري آهي.
سليمان کي چار پٽ آهن وڏو پٽ علي بخش مٽياري الڪوئل فيڪٽري ۾ نوڪري ڪندو آهي. آدم کي سرڪاري نوڪري آهي. محمد علي کي ڳوٺ ۾ هڪ جنرل اسٽور جو دڪان آهي، سليمان کي هن وقت 15 ايڪڙ زمين بہ آهي.
نور محمد کي چار پٽ ٿيا جن ۾ الھبچايو جيڪو فوج ۾ سروس مڪمل ڪري رٽائرڊ ٿي آيو ۽ وري تعليم کاتي ۾ ڊرل ٽيچر جي نوڪري ملي ويس اها بہ 60 سال تي رٽارئڊ ڪيائين دل جي تڪليف سبب 2016ع ۾ وفات ڪري ويو شاھہ محمد ڪجهہ مھينا اڳ وفات ڪري ويو آهي ۽ شاھہ محمد کي پٽن ۽ ڌيئرن جو ڪافي اولاد آهي. محمد اسماعيل عرف ڪاڪا، نور محمد جو سڀني کان ننڍو پٽ آهي جنھن جو بہ ڪافي اولاد آهي جيڪي ڪجهہ هنري ڪم ڪن ٿا. ڪي پرائيويٽ نوڪريون ۾ آهن.
نور محمد جو وڏو فرزند احمد خان آهي جيڪو تقريبن منھنجو هم عمر آهي. هو صرف پرائمري تائين تعليم پڙهيو. پوءِ پنھنجي موروثي زمين سنڀاليندو رهيو ۽ پنھنجي مال جي سنڀال ڪندو رهيو آهي. احمد خان جو وڏو پٽ غلام مصطفى آهي. جنھن جو ذڪر الڳ صفحي تي لکجي ٿو.
فقير اسماعيل مٿي ڄاڻايل محمد علي جو چوٿون نمبر پٽ هو جنھن فقير شادي نہ ڪئي هئي. سفيد ڪپڙا پائيندو هو ۽ مٿي تي بہ سفيد پڳ ٻڌندو هو درگاه لواري شريف جي روضه مبارڪ جو دربان هو. مقرر وقت تي درگاه جو دروازو کوليندو ۽ مقرر وقت تي بند ڪندو هو. پاڻ قرآن شريف ترنم ۾ پڙهڻ ۽ صوم صلات جو پائبند ماڻھو هو. درگاه جا مريد سندس تمام گهڻو احترام ڪندا هئا. کائنس دعائون گهرندا هئا. فقير ۾ ذاتي طور انا يا تڪبر نہ هوندو هو هر وقت ڪنڌ هيٺ ڪري هلندو هو. کلي ڳالھائيندو هو. مون جڏهين کان ڏٺو. هو رهندو ئي لواري شريف جي درگاه جي آس پاس هو. ڳوٺ نہ ايندو هو.