آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

ھن ڪِتاب ۾ بظاهر تہ خادم ٽالپر سندس ڳوٺ انڊهلي جي ڪھاڻي لِکي آهي، پر درحقيقت هيءَ ڪھاڻي ٿوري گهڻي فرق سان سنڌ جي سمورن ڳوٺن جي ڪھاڻي آهي. هِن ڪِتاب پڙهڻ سان پڙهندڙ جي ذهن جي اسڪرين تي ڳوٺاڻي زندگيءَ جي دِل پذير تصوير اهڙي سڀاويڪ نموني اُڀري اچي ٿي، جنھن ۾ فطرت جا سمورا دِلڪش رُوپ سروپ موجود آهن. ڳوٺ انڊهلو سنڌ جو مثالي ڳوٺ اُن ڪري بڻيو آهي، جو اُن ۾ رهندڙ ماڻھو ۽ سندن ڪِردار بہ مثالي آهن، جن کي سائين خادم هِن ڪِتاب ۾ سموئي نہ رڳو انڊهلي ۽ اُن جي واسين جي تواريخ رقم ڪئي آهي، پر اُن سان گڏ سنڌ جي هِڪ سٻاجهي دؤر کي بہ محفوظ ڪيو آهي

Title Cover of book ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

محمد علي “اَٺُو” جو پاڙو

محمد علي “اَٺُو” جيئن تہ پھلوان ۽ همت ڀريو هوندو هو. اَٺور پاڏي کي اڪيلو جهلي ڪيرائي وجهندو هو انھيءَ ڪري کيس “اَٺُو” معنى پھلوان چوندا هئا. محمد علي ۽ سندس خاندان شاھہ گهريو لڳ ڳوٺ مير خدا بخش کان لڏي نہ آيا هئا. پر هي ڳوٺ خيرو خان ٽالپر لڳ غلام شاھہ کان 1939ع ۾ آيا هئا. ڳوٺ فضل محمد ٽالپر ۾ اچي ويٺا هئا.
محمد علي ۽ عبدالله جو شجرو ٻي صفحي تي موجود آهي محمد علي جا ٽي پٽ ٿيا. احسان علي کي ٽي ڌيئرون هيون. پاڻ جواني ۾ گذاري ويو. نور محمد، ياري باشي وارو ماڻھو هو. ڳوٺ ۾ ڳائڻا گهرائڻ، درين جي راند ۾ مقابلا ڪرائڻ، ڀلا ڍڳا، ڀليون مينھون ڌارڻ جو شوقين هو. چون ٿا تہ هي اڃان جڏهين ڳوٺ مير غلام شاھہ ۾ ويٺو هو. تڏهن سندس ڳوٺ ۾ اوطاق تي ڳائڻ ڪرائيندو هو تہ وري ٻي ڏينھن جاني گهراماڻي، مير جانڻ واري ڳوٺ ۾ ڳائڻ ڪرائيندو هو. اهڙي طرح ڳوٺاڻن ۾ دلچسپ شوق ۽ مقابلا هلندا رهندا هئا.


احسان علي


محمد علي (اٺو) علي مراد جهان خان
(لااولاد)
الھبچايو

احسان علي نور محمد علي بخش جان محمد (A)
(صرف ٽي ڌيئرون)

احسان علي علي مراد معشوق علي مظفر علي سڪندر


خدا بخش انور علي غلام رسول
(لااولاد)

الطاف نياز علي انصار
محبوب منصور

جان محمد (A)


الھبچايو پير بخش حضور بخش ڌڻي بخش
(استاد رهيو) (سنڌ پوليس) (فوج) (آرمي شگر مل)

نور محمد جا ٽي پٽ ٿيا. وڏو پٽ خدا بخش اسان جو هم عمر هو. صرف پرائمري تائين پڙهيو. کيس اسلاميہ ڪاليج بدين ۾ پٽيوالي جي نوڪري ملي وئي پر جواني ۾ فوت ٿي ويو. خدا بخش جا 5 پٽ آهن نور محمد جو ٻيو نمبر پٽ انور علي آهي. جنھن جا ٻہ پٽ آهن. ۽ نور محمد جو ننڍو پٽ غلام رسول آهي جيڪو ذهني طرح تندرست نہ آهي ۽ کيس شادي بہ نہ ڪرائي وئي آهي.
محمد علي جو ٽيو نمبر پٽ علي بخش ٽنڊو باگو هاءِ اسڪول ۾ پڙهيو مئٽرڪ پاس ڪري. سڪرنڊ ايگريڪلچر ڪاليج مان ايگريڪلچر اسسٽنٽ فيلڊ مين جي ڊگري ورتائين هو بدين ۾ ايگريڪلچر فيلڊ مين ٿي رهيو ۽ رٽائرڊ ڪيائين علي بخش کي پنج پٽن جو اولاد آهي. سندس وڏو پٽ احسان علي پرائمري استاد رهيو هو هاڻ رٽائر آهي. ٻيو نمبر پٽ علي مراد آهي جيڪو ضلع ڪائونسل ۾ ملازم آهي علي بخش جا پٽ ائڪٽو، سرگرم آهن ڳوٺ جي مسئلن ۾ دلچسپي ڏيکاريندا آهن پنھنجي همت سان اوطاق ٺاهي اٿن ان ۾ پنھنجون مينھون ڍڳيون مال واڙيندا آهن.