آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

ھن ڪِتاب ۾ بظاهر تہ خادم ٽالپر سندس ڳوٺ انڊهلي جي ڪھاڻي لِکي آهي، پر درحقيقت هيءَ ڪھاڻي ٿوري گهڻي فرق سان سنڌ جي سمورن ڳوٺن جي ڪھاڻي آهي. هِن ڪِتاب پڙهڻ سان پڙهندڙ جي ذهن جي اسڪرين تي ڳوٺاڻي زندگيءَ جي دِل پذير تصوير اهڙي سڀاويڪ نموني اُڀري اچي ٿي، جنھن ۾ فطرت جا سمورا دِلڪش رُوپ سروپ موجود آهن. ڳوٺ انڊهلو سنڌ جو مثالي ڳوٺ اُن ڪري بڻيو آهي، جو اُن ۾ رهندڙ ماڻھو ۽ سندن ڪِردار بہ مثالي آهن، جن کي سائين خادم هِن ڪِتاب ۾ سموئي نہ رڳو انڊهلي ۽ اُن جي واسين جي تواريخ رقم ڪئي آهي، پر اُن سان گڏ سنڌ جي هِڪ سٻاجهي دؤر کي بہ محفوظ ڪيو آهي

Title Cover of book ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

انتساب

هي ڪتاب ”ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون“ منسوب ٿا ڪريون، هن ڳوٺ جي ان عظيم بزرگ هستي کي جنھن هن ڳوٺ ۾ اسڪول کولي، ڳوٺاڻن کي تعليم جي روشني سان سگهہ ڏني، علم، ادب، حياءَ، سيکاريو هڙان ۽ وڙان خرچ ڪري ڳوٺ جي نوجوانن کي تعليم ۽ روزگار مھيا ڪرڻ ۾ مدد ڪئي.
اها شخصيت آهي سائين لطف علي ٽالپر جنھن جي محنت ۽ ڪوشش سان هي ڳوٺ سڄي سنڌ جو مثالي ڳوٺ بنيو آهي جنھن کي اسان سؤ سؤ سلام پيش ٿا ڪريون.

- خادم ٽالپر