آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

ھن ڪِتاب ۾ بظاهر تہ خادم ٽالپر سندس ڳوٺ انڊهلي جي ڪھاڻي لِکي آهي، پر درحقيقت هيءَ ڪھاڻي ٿوري گهڻي فرق سان سنڌ جي سمورن ڳوٺن جي ڪھاڻي آهي. هِن ڪِتاب پڙهڻ سان پڙهندڙ جي ذهن جي اسڪرين تي ڳوٺاڻي زندگيءَ جي دِل پذير تصوير اهڙي سڀاويڪ نموني اُڀري اچي ٿي، جنھن ۾ فطرت جا سمورا دِلڪش رُوپ سروپ موجود آهن. ڳوٺ انڊهلو سنڌ جو مثالي ڳوٺ اُن ڪري بڻيو آهي، جو اُن ۾ رهندڙ ماڻھو ۽ سندن ڪِردار بہ مثالي آهن، جن کي سائين خادم هِن ڪِتاب ۾ سموئي نہ رڳو انڊهلي ۽ اُن جي واسين جي تواريخ رقم ڪئي آهي، پر اُن سان گڏ سنڌ جي هِڪ سٻاجهي دؤر کي بہ محفوظ ڪيو آهي

Title Cover of book ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

حاجي فتح علي جو پاڙو

ڳوٺ فضل محمد ٽالپر جڏهين ٻن طرفن ڏانھن لڏپلاڻ شروع ڪئي. تڏهين حاجي فتح علي جي پاڙي، مير جانڻ جي ڳوٺ ڏانھن پنھنجي روانگي ڏيکاري. حاجي فتح علي وارا پاڻ ۾ ٽي ڀائر هئا. حاجي فتح علي جو والد حاجي محمد علي ننڍي هوندي کان ڳوٺ جي بس اسٽينڊ تي (تن ڏينھن ۾ بسون نہ هلنديون هيون نہ ئي ڪي پڪا روڊ هئا. پر ڪچو رستو بدين کان ڪڇ ڏانھن ويندو هو) تي هڪ ننڍڙي جاءِ ٺاهي. ان ۾ پاڻي جا مٽ ڀري رکندو هو. جيڪو ڪم سندس وفات کان پوءِ حاجي فتح علي شروع ڪيو، هي پاڙو بنيادي طرح فقيرن يعني الله لوڪ درويشن جو پاڙو ليکبو هو. هن پاڙي ۾ يار محمد جوڳي بہ هو جيڪو لواري شريف جي بزرگن جو پڪو مريد هو. مونکي ياد آهي تہ جڏهين هر قمري مھيني جي چار تاريخ ٿيندي هئي تہ ڳوٺ واري مسجد ۾ پير صاحب جو ڄهاڙو ملھايو ويندو هو. ان جي سنڀال ۽ سرپرستي يار محمد ڪندو هو. انڊهلي ۾ ڄهاڙي جون رسمون مڪمل ڪرڻ بعد سڄي ڳوٺ جي عورتن جي اڳواڻي ڪري لواري شريف پير صاحب جي ڄهاڙي ۾ شرڪت ٿيندي هئي. اتي ڄهاڙي جي رسمن مڪمل ٿيڻ کان پوءِ وري واپس ڳوٺ وٺي ايندو هو. هن پاڙي جو شجرو هن طرح آهي.
رامڻ

آدم ولي محمد


محمد خان رامڻ درويش موسى
(لااولاد)

غلام شاھہ حاجي محمد علي يار محمد نانا الھبخش ماستر خدا بخش
(ڏاڏي آدم جي (جوڳي)
پاڙي ۾احوال اچي
ويو آهي)

سليمان فتح علي عبدالله
(هڪ نياڻي)

غلام رسول بھار مبارڪ
(نانا منا)
الھبچايو

حاجي محمد علي الھبخش احسان
(هڪ ڌيءَ)
مير محمد
امداد امتياز
(ڊاڪٽر)

نور محمد عبدالڪريم محمد اسلم عبدالحميد عبداللطيف عبدالمجيد