حاجي نور محمد (نور خان) ٽالپر
حاجي نور خان جڏهين فوج ۾ ويو هو تہ سندس والدہ ۽ سندس نانيءَ جو تمام گهڻو زور هو تہ فوج ڇڏي اچي. پر هي ماڻھو ارادي ۽ عزم جو تمام پڪو هن ائين نہ ڪيو. ڳالھہ ۽ وعدي جو پختو هو. سو پنھنجو فوج ۾ ڪيريئر پورو ڪري “صوبيدار ميجر” جي رئنڪ، جيڪا فوج ۾ جونئر ڪميشن جي آخري رئنڪ آهي تي رٽائرڊ ٿيو آهي حاجي نور خان جي عزم ۽ حوصلي کي ڏسي ڳوٺ جا اڄ 40 کن نوجوان فوج ۾ روزگار سان آهن ۽ تمام خوش زندگي گذارين پيا.
حاجي نور محمد ڳوٺ جي هڪ مسجد جو پيش امام آهي ۽ هو ديني احڪامن جو مڪمل پائبند آهي پر اضافي ثواب خاطر ڪيترائي نفلي روزا رکندو ۽ نفلي نمازون بہ پڙهندو آهي. ڳوٺ ۾ اگر ڪو گذاري وڃي تہ ان کي تڙ ڏيڻ جنازي نماز پڙهائڻ بہ سندس فرضن ۾ شامل آهي ڳوٺ ۾ ڪو غريب ماڻھو ٻاهران اچي خيرات جي اميد رکي ٿو تہ حاجي نور محمد ان کي مايوس ڪونہ ٿو ڪري هن وقت تقريبن 73 سالن جو آهي پر صحتمند ۽ خوش آهي. اڄ بہ اسانجي چوياري جو پڪو ميمبر آهي جيتوڻيڪ دين ڏانھن رغبت وڌيڪ اٿس پر پوءِ بہ معتدل طبيعت جو ماڻھو آهي.
حاجي نور خان سائين عبدالڪريم ۽ آئون بچپن جا پڪا ساٿي آهيون اسان ٽنھي جا خيال الڳ الڳ آهن. آئون لبرل خيالن جو پروفيسر سائين عبدالڪريم سائنسي خيالن جو ۽ مولوي نور خان بلڪل مذهبي خيالن جو ماڻھو آهي پر اڄ تائين اسان جي پاڻ ۾ هڪ ٻي سان ڪڏهين بہ نظرياتي بحث يا اختلاف نہ ٿيا آهن ۽ هڪ ٻي جا پڪا دوست آهيون.