ڊاڪٽر علي نواز ٽالپر
ڊاڪٽر صاحب ننڍي هوندي کان تمام ذهين ۽ هوشيار هوندو هو. سندس والد کيس ۽ سندس ننڍي ڀاءَ ڊاڪٽر اعجاز علي کي پاڻ وٽ رهائي انٽر پاس ڪرايو ۽ ميڊيڪل ۾ چونڊجڻ لاءِ تياري ڪرائي.
ڊاڪٽر علينواز 1987 ۾ LMCHU مان MBBS پاس ڪري، ڊاڪٽري جي ڪميشن پاس ڪري، سول اسپتال بدين ۾ ڊيوٽي ڪرڻ لڳو، سندس شوق ۽ ذميوارانہ رويو ڏسي، سول اسپتال ۾ سرجيڪل شعبي جو انچارج ڊاڪٽر عبداللطيف ميمڻ کيس ڀائڻ ۽ آپريشن جي عمل ۾ کيس سيکارڻ لڳو ڪجهہ سالن کان پوءِ ڊاڪٽر علي نواز FCPS ۾ داخلا وٺي، ڪڊني (گڙدي) ۾ پوسٽ گريجوئٽ ڪرڻ لڳو چار سالن جي محنت کان پوءِ هُو ڪڊني ۽ يورولاجي ۾ پوسٽ گريجوئشن پاس ڪري ويو هن وقت سيوهڻ سول هاسپيٽل ۾ هي اڪيلو يورولاجسٽ سرجن آهي جتي ڊيوٽي ڪندو آهي. موڪل جي وقت تي بدين ۾ پنھنجي اسپتال “سنڌ ميڊيڪل سينٽر” تي ڊيوٽي ڪندو آهي.
ڊاڪٽر صاحب پنھنجي محنت ۽ خلوص سان ڪم ڪرڻ سبب پنھنجو ميڊيڪل سينٽر ڪامياب ڪري ويو آهي جنھن ۾ هر آچر تي مختلف بيمارين جا ماهر ڊاڪٽر اچن ٿا. ڊاڪٽر علي نواز پنھنجي اولاد کي پڙهائي بھتر تعليم ڏياري ويو آهي. سندس هڪ پٽ ڊاڪٽر آهي ۽ ٻيو پٽ تيل ۽ گيس ڪمپني ۾ انجنيئر آهي ڊاڪٽر علينواز محنتي، جفاڪش، عوام دوست ڊاڪٽر آهي ۽ بدين جو مشھور سرجن آهي.