آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

ھن ڪِتاب ۾ بظاهر تہ خادم ٽالپر سندس ڳوٺ انڊهلي جي ڪھاڻي لِکي آهي، پر درحقيقت هيءَ ڪھاڻي ٿوري گهڻي فرق سان سنڌ جي سمورن ڳوٺن جي ڪھاڻي آهي. هِن ڪِتاب پڙهڻ سان پڙهندڙ جي ذهن جي اسڪرين تي ڳوٺاڻي زندگيءَ جي دِل پذير تصوير اهڙي سڀاويڪ نموني اُڀري اچي ٿي، جنھن ۾ فطرت جا سمورا دِلڪش رُوپ سروپ موجود آهن. ڳوٺ انڊهلو سنڌ جو مثالي ڳوٺ اُن ڪري بڻيو آهي، جو اُن ۾ رهندڙ ماڻھو ۽ سندن ڪِردار بہ مثالي آهن، جن کي سائين خادم هِن ڪِتاب ۾ سموئي نہ رڳو انڊهلي ۽ اُن جي واسين جي تواريخ رقم ڪئي آهي، پر اُن سان گڏ سنڌ جي هِڪ سٻاجهي دؤر کي بہ محفوظ ڪيو آهي

Title Cover of book ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

ٽالپر قبيلي جو تاريخي پسمنظر

هي ڳوٺ ٽالپرن جو ڳوٺ آهي. انھيءَ ڪري ٽالپرن بابت مختصر معلومات ڏجي ٿي، جيئن تہ ٽالپر بنيادي طرح بلوچ قبيلو آهن. بلوچ قبيلي جو تاريخي پسمنظر ۽ ان بابت ڪجهہ لکڻيون ۽ شاهديون هن طرح ملن ٿيون.
(1) انجنيئر مير غلام رسول ٽالپرن جي تاريخ لکڻ لاءِ وڏي محنت ۽ ڪوشش سان ڪجهہ ڳالھيون هٿ ڪيون آهن، هو ڇنڊي ڇاڻي صحيح تاريخ آڻڻ چاهي ٿو. ان جو هڪ مضمون ٽالپرن ۽ بلوچن نسبت هيٺين طرح آهي.
”ٽالپر جيئن تہ بلوچ قبيلي جي ذات آهن. بلوچ لاءِ هڪ رايو آهي تہ هو عرب نسل مان آهن جيڪي شام، عراق، ايران، افغانستان ۾ رهيا آهن. ٻيو رايو آهي تہ هو دراوڙ قبيلي مان آهن. ڪابہ راءِ آخري ناهي انھن ٻنھن راين تي تحقيقات جي ضرورت آهي.
بلوچن جو وڏو جلال خان، حجاج بن يوسف جي ڏينھن ۾ مڪران آيو هو. سندس ٻہ زالون هيون هڪ مغل هئي ۽ ٻي راجپوت قبيلي مان هئي. مغل زال مان ٽي پٽ هئا. رندا خان ڪورائي خان ۽ لاشار خان ۽ هڪ ڌيءَ جتو نالي سان هئي راجپوت مان هڪ پٽ هو. جنھن جو نالو “هوت” هو.
جلال خان قبيلائي سردار هو ۽ ڪيچ جو حاڪم هو. جلال جي وفات کان پوءِ سندس پٽ هوت خان، ڪيچ جو حاڪم ٿيو. ٽالپر”مير“ هوت خان جي اولاد مان آهن.“
(2) ٻيو حوالو مير شير محمد پٽ مير غلام شاھہ ويٺل ڳوٺ انڊهلو جي ڪتاب ”حقيقت احمدي“ جي مھاڳ ۾ ٽالپرن جي تاريخ بابت ڪجهہ هن طرح لکي ٿو ”راءِ بھادر هتورام تاريخ بلوچستان ۾ لکي ٿو ته: ”جيڪي ماڻھو هميشہ صحرا ۽ جبلن جي دامن ۾ خانہ بدوش زندگي گذاريندا هئا. تن کي بلوچ چون ٿا سڀ کان پھريون حوالو جنھن ۾ لفظ بلوچ جو استعمال ٿيو آهن. اهو ايراني شاعر فردوسي جي تصنيف شاھہ نامو ۾ ملي ٿو. فردوسي شهنشاھہ ايران ڪيخسرو ۽ افراسياب جي وچ ۾ 500 قبل مسيح جي آس پاس جي زماني ۾ جنگ جو ذڪر ڪندي ٻڌائي ٿو تہ ڪيخسرو جي پٽ جي فوج ۾ ڪوچ و بلوچ جو لشڪر بہ شامل هو.“
خان قلات احمد يار خان پنھنجي ڪتاب ۾ بلوچن جي باري ۾ ٻڌائي ٿو ”جڏهين حلب (شام) مان بلوچ قبيلن نقل مڪاني ڪئي تہ هيءَ ٻن گروهن ۾ تقسيم ٿي ويا. انھن ٻن گروهن جا سربراھہ ٻہ ڀائر هئا. هڪ جو نالو ڪُرد ۽ ٻي جو بلوچ هو. پاڻ ۾ نا اتفاقي ۽ جهيڙي کان پوءِ ڪرد پنھنجي ماتحت قبيلن کي وٺي عراق جي طرف ويو. آهستي آهستي هن جو اولاد ترڪي ۽ اترين علائقن ۾ پوءِ سنڪيانگ تائين پکڙجي ويو. بلوچ خشڪ سالي ۽ ڏڪار کان تنگ اچي تقريبن 700 سال ق.م. پنھنجي قبيلن سان گڏجي هجرت ڪري ايران آيا ۽ البرز جبل جي دامن ۾ رهائش اختيار ڪئي، شاھہ نامي ۾ ٻي هنڌ انھن جو ذڪر نوشيروان بادشاھہ جي عھد (578-531ع) ۾ اچي ٿو. بادشاھہ جي اميرن کيس ٻڌايو تہ بلوچن جي وحشيانا ڪارواين سبب ايراني باشندن جي بربادي ٿي وئي آهي ۽ سندن امن ۽ سڪون تباھہ ٿي ويو آهي، بادشاھہ اها ڳالھہ ٻُڌي سخت ناراض ٿيو ڪاوڙ ۾ اچي ڪرمان جي جبلن جو گهيرو ڪيو. جتي بلوچ قوم رهندي هئي، جنگ ۾ بلوچن جي وڏي گهڻائي مارجي وئي باقي جيڪي بچيا اهي ڪيچ مڪران ڏانھن ڀڄي ويا تقريبن 700 سال ق.م بلوچ ايران ڏانھن اچڻ شروع ٿيا. نوشيروان جي حملي کان پوءِ جلال خان بلوچن جي چوئيتاليھہ (44) قبيلن کي وٺي مڪران ۾ آيو هو. تمام وڏي علائقي تي قبضو ڪري اتي رهي پيو. مير علي شير قانع جي لکت موجب ٽالپر جلال خان جي پڻ هوت جي اولاد مان آهن.“
جڏهين سنڌ ۾ ڪلھوڙن (1700ع- 1784ع) تائين حڪومت ڪئي تہ اول ٽالپر ڪلھوڙن جا مريد ۽ معتقد هئا ۽ سندن حڪومت جي دفاع لاءِ فوج جا سپھہ سالار بنايا ويا، ٽالپر بلوچ قبيلن جا سردار هئا ان ڪري بلوچ قبيلا ڪلھوڙن جي حڪومت جي سنڀال ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿي ويا. پر پوءِ ڪلھوڙن جي ڪجهہ حڪمرانن، ٽالپرن سان ظلم ۽ زيادتيون ڪيون تہ ٽالپرن ڪلھوڙن کان حڪومت جي واڳ 1784ع ۾ کسي ورتي ۽ پاڻ سنڌ جا حاڪم ٿي ويا. اعجاز الحق قدوسي جي “سنڌ جي تاريخ” ۾ ٽالپرن لاءِ هو لکي ٿو تہ “ٽالو” ٽالپرن جي وڏن جو نالو هو ۽ “پور” فارسي ۾ اولاد کي چيو ويندو آهي. ٽالپور معنى “ٽالي جو اولاد” ٽالپرن جا هون تہ ڪافي پاڙا آهن. پر حيدرآباد، ميرپور خاص، خيرپور تي حڪمراني ڪندڙ ٽالپرن جي پاڙي جو ذڪر ڪنداسيون. جيڪي ڪڪو خان عرف سليمان خان جو اولاد آهن. ڪڪو خان کي 8 پٽ هئا. پر انھن مان صرف ٻن پٽن هوتڪ خان ۽ ماڻڪ خان جو اولاد مٿين رياستن جو حاڪم ٿيو (سنڌ جي تاريخ – اعجاز الحق قدوستي ص 452)
ٽالپرن جا وڏا مشھور پاڙا مير غلام رسول ٽالپر، عطا محمد حامي جي تحقيق مان هيٺيان 21 پاڙا چونڊيا آهن.
(1) شھداداڻي (2) ماڻڪاڻي (3) سھراباڻي (4) خاناڻي (5) بھاراڻي (6) مراداڻي (7) گهراماڻي (8) عيساڻي (9) ڌرياخاناڻي (10) هليلاڻي (11) جيوناڻي (12) جيئنداڻي (13) احمداڻي (14) شھواڻي (15) ياراڻي (16) مقصوداڻي (17) علوداڻي (18) ٺاراڻي (19) شاهلياڻي (20) حاجواڻي (21) سکلاڻي
نوٽ: حاڪم ٽالپر ماڻڪاڻي پاڙي مان هئا.
هن ڳوٺ ۾ ويٺل ٽالپر، بھاراڻي، گهراماڻي، رامڻاڻي وغيرہ آهن.