آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

ھن ڪِتاب ۾ بظاهر تہ خادم ٽالپر سندس ڳوٺ انڊهلي جي ڪھاڻي لِکي آهي، پر درحقيقت هيءَ ڪھاڻي ٿوري گهڻي فرق سان سنڌ جي سمورن ڳوٺن جي ڪھاڻي آهي. هِن ڪِتاب پڙهڻ سان پڙهندڙ جي ذهن جي اسڪرين تي ڳوٺاڻي زندگيءَ جي دِل پذير تصوير اهڙي سڀاويڪ نموني اُڀري اچي ٿي، جنھن ۾ فطرت جا سمورا دِلڪش رُوپ سروپ موجود آهن. ڳوٺ انڊهلو سنڌ جو مثالي ڳوٺ اُن ڪري بڻيو آهي، جو اُن ۾ رهندڙ ماڻھو ۽ سندن ڪِردار بہ مثالي آهن، جن کي سائين خادم هِن ڪِتاب ۾ سموئي نہ رڳو انڊهلي ۽ اُن جي واسين جي تواريخ رقم ڪئي آهي، پر اُن سان گڏ سنڌ جي هِڪ سٻاجهي دؤر کي بہ محفوظ ڪيو آهي

Title Cover of book ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

مير غلام مصطفى ٽالپر

هن ڳوٺ مان جيڪي مثالي ڪردار پيدا ٿيا. ڳوٺ ۽ سنڌ جي عوام جي خدمت ڪرڻ ۾ پنھنجي صلاحيت جي بنياد تي شخصيت ٺاهڻ وارا ماڻھو ٿيا. انھن ۾ غلام مصطفى پٽ احمد خان بہ هڪ اهم شخصيت آهي.
غلام مصطفى 22 نومبر 1965ع ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم ڳوٺ انڊهلي مان حاصل ڪيائين باقي تعليم بہ روايتي طرح مئٽرڪ لواري شريف مان پاس ڪيائين.
جڏهن ڳوٺ انڊهلو ۾ عوامي تحريڪ جو بنياد پيو. تڏهين مير غلام مصطفى سجاڳ ٻار تحريڪ جو ميمبر ٿيو. گهرو معاشي حالت ڪا گهڻي بھتر ڪانہ هوندي هئس. پوءِ بہ هو وڏي شوق سان پارٽي جي پروگرامن ۾ شريڪ ٿيندو. هو تقريرون ڪندو شعر ۽ گيت پڙهندو، حاضرين کي تمام گهڻو متاثر ڪندو هو. 1983ع ۾ MRD تحريڪ هلي جمھوريت جي بحالي لاءِ گرفتارين جو سلسلو شروع ٿيو. تڏهين مير غلام مصطفى تمام ننڍڙو ٻار هو. پوءِ بہ هو MRD تحريڪ ۾ گرفتار ٿي ويو. بلڪہ جيل ۾ جيڪي بہ قيدي هوندا هئا انھن سمورن ۾ ننڍڙو قيدي مير غلام مصطفى هو.
عوامي تحريڪ جي پروگرامن ۾ تقريرون ڪرڻ، ڊرامن ۽ ٽيبلن ۾ حصو وٺڻ سبب ڳالھائڻ ٻولھائڻ ۾ بولڊ ٿي ويو هو. ان ڪري هن ننڍڙي ٻار جي جيل ۾ جتي سوين سياسي قيدي موجود هئا. اتي هن جي تمام گهڻي عزت هوندي هئي هن وٽ سينٽرل جيل حيدرآباد ۽ ڪراچي جون ڪيتريون ئي يادون آهن. جن تي ڪتاب لکي سگهجي ٿو.
جڏهين هو جيل کان 1984ع ۾ ٻاهر آيو. ايم آر ڊي تحريڪ اختتام تي پھتي تہ عوامي تحريڪ جي عمل ۽ ڪم ڪار جي حڪمت عملي تبديل ٿي وئي. غلام مصطفى اول غلام قادر پليجو وٽ ضلع ٽول ٽيڪس ۾ نوڪري ڪرڻ لڳو. ڪجهہ وقت ۾ ئي سندس اهليت سبب کيس ڪيترن ٽول ٽيڪس ناڪن جو انچارج ڪيو ويو.
وقت گذرندي دير ئي ڪونہ ٿو ڪري آخرڪار پاڻ غلام قادر پليجو جي نوڪري ڇڏي. ٿر جي مٺي ۾ ٺيڪو ورتائين ڪجهہ سالن کان پوءِ اهو ڪم ڇڏي ڪنھن انٽرنيشنل NGO ايمي IMMI جيڪا اريگشن ۽ ان جي پاڻي جي نظام کي بھتر ڪرڻ لاءِ ڪم شروع ڪيو هو. ان ۾ نوڪري ڪرڻ شروع ڪيائين. NGO جي ڪلچر کان واقف ٿيو تہ اسلام آباد ۾ پاڻي جي مسئلي تي ڪم ڪندڙ واٽر ايڊ NGO ۾ شامل ٿي ويو. (انھن ڏينھن ۾ 2003ع ۾ LBOD پاران بدين ضلع ۾ هڪ خطرناڪ ٻوڏ آئي هئي. جنھن ۾ سوين ماڻھو ۽ مال ٻڏي مري ويا هئا.) عوام جو ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو هو. ان NGO جي سھڪار سان LBOD جي نقصانن کي روڪڻ ۽ LBOD ختم ڪرائڻ لاءِ LBOD لاءِ ڊونرن تي انٽرنيشنل ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيائين ائين ڪرڻ سان سندس ساک بھتر ٿيندي وئي هو دنيا جي NGO ۾ ڪم ڪندڙ ادارن ۾ وڌيڪ معروف ٿي ويو.
هن وقت اسلام آباد ۾ آڪسفيم پاران ايشيا جي 7 ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ ڪنھن اداري جو انچارج آهي مير غلام مصطفى جا جيڪي نمايان ڪارناما آهن سي هيٺان آهن.
(1) ڳوٺ انڊهلي جو پھريون ماڻھو هو جيڪو آمريڪا جي يونيورسٽي جي اسڪالرشپ تي آمريڪا ويو اتي يونيورسٽي ۾ انٽرنيشنل ڊولپمينٽ ۾ ايم اي جو امتحان ڏئي ڪامياب ٿيو.
(2) اسلام آباد ۾ وڃي آباد ٿيو اتي ئي پنھنجي اولاد کي تعليم ڏياريائين. سندس وڏو پٽ آمريڪا ۾ پڙهي پيو.
(3) اسلام آباد ۾ سندس گهر واري اديءَ عابدہ ۽ پاڻ هڪ هوٽل نالي سارنگ کولي اٿس ٽن چئن سالن جي محنت ۽ تجربي ۾ ڪامياب ويو آهي. ان جي مد ۾ اسلام آباد جي ڪنھن ٻي پاڙي ۾ بہ ٻي هوٽل بہ کولي اٿن.
(4) اسلام آباد ۾ رهڻ سبب ملڪ جي وڏن سياستدانن خاص ڪري سنڌ جي ايم - اين-ايز سان ڄاڻ سڃاڻ بھتر ٿي آهي.
(5) دنيا جي ٻاهرين ملڪن ۾ ڪئين دفعا وڃڻ. اتي جي عوام کان سٺيون سٺيون ڳالھيون سکڻ جو کيس موقعو مليو آهي.
مير غلام مصطفى جي زندگي جو پروفائل
• پڙهائي دوران پنھنجي ڪلاس جي سمورن شاگردن ۾ ذهين ۽ هوشيار هوندو هو.
• ڏهين ڪلاس ۾ هو تہ سجاڳ ٻار تحريڪ ۾ شامل ٿي ويو. جتان سندس سياسي ڪيئريئر شروع ٿيو.
• آگسٽ 1983ع ۾ MRD تحريڪ ۾ هو ٻين دوستن سان گڏ گرفتار ٿي ويو ملٽري سمري ڪورٽ کيس 9 مھينا سزا ٻڌائي انھيءَ دوران هو حيدرآباد ۽ ڪراچي جي سينٽرل جيلن ۾ رهيو. اپريل 1984ع ۾ جيل کان ٻاهر آيو.
• 1984ع جي آخر ۾ چنگي ناڪي جي منشي طور گهاري ۾ نوڪري ملي.
• چار سال ناڪي جي منشي رهڻ بعد بدين جي هڪ دوست اسلم سومري سان گڏ ٺيڪيدار شروع ڪئي.
• جولاءِ 1991ع کان جون 1992ع تائين مٺي ۾ آڪٽراءِ ٽيڪس جا ٺيڪا کنيا. اتي صادق فقير، سائينداد ساند ۽ کاٽائو جاني سان دوستي ٿي وئي.
• مٺي کان موٽي اچي بدين ۾ خادم ٽالپر، غفار کوسو سان گڏ سائنس سوسائٽي ۾ علمي ۽ سماجي ڪم ڪرڻ لڳو. هي تنظيم تڏهين سائنس جنرل رسالو ڪڍندي هئي.
• مئي 1993ع ۾ 28 سالن جي ڄمار ۾ شادي ڪيائين.
• سيپٽمبر 1995ع ۾ پاڻي جي نظام کي بھتر بنائڻ لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ NGO-IMMI ۾ نوڪري ڪرڻ لڳو.
• هتي M.Sc تائين تعليم ورتائين. پر پوءِ آمريڪا جي برونڊي يونيورسٽي ۾ انٽرنيشنل ڊولپمينٽ جي موضوع تي ماسٽرس جي لاءِ داخلا ملي وئي. 50% فيءَ معاف ٿي پر سندس رهائش ۽ کاڌي پيتي لاءِ خود کي محنت ڪرڻي هئي. ان دوران عالمي بئنڪ طرفان اسڪالرشپ ملي وئي. آگسٽ 2000ع ۾ برونڊي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آمريڪا جي شھر والٽيم جيڪو بوسٽن کي ويجهو آهي. اتي هليو ويو. ٽي سال تعليم مڪمل ڪري موٽي آيو.
• 2003ع کان مختلف غير سرڪاري تنظيمن ۾ ڪم ڪندو رهيو آهي هن وقت آڪسفيم ۾ ايشيا ريجن ۾ هلندڙ هڪ مھم امير ۽ غريب جي وچ ۾ فرق گهٽائڻ جو ڪم ڪندي آهي، هي ان جو ايشياءَ ريجن جو انچارج آهي.
• سماجي تنظيمن ۾ ڪم ڪرڻ دوران مصطفى ايشيا، آفريڪا، يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن جا سفر ڪيا آهن جن ۾ انڊونيشيا، فلپين، ويٽنام، ڪمبوڊيا، ملائشيا، هانگ ڪانگ، ميانمار، لائوس، ڪوريا، بنگلاديش، سري لنڪا، نيپال، هندستان، انگلئنڊ، هالينڊ، اسپين، پورچوگال، اٽلي، ڪئناڊا، ڪوسٽاريڪا، گهانا ملاوي، سائوٿ آفريڪا، ڪينيا، سوئزرلينڊ ۽ ايٿوپيا شامل آهن.
مير مصطفى جي ڪاميابين ۾ سندس محنت شامل آهي هن جي خيال ۾ اڳتي وڌڻ جي لوچ، موقعا فراهم ڪري ٿي، ۽ سندس خيال آهي تہ زندگي ۾ گهڻا موقعا پاڻهي ڪو نہ ٿا ملن. انھي ڪري، سوچ، سمجهہ ۽ صلاح مشوري سان بھتر موقعن جي تلاش جاري رکجي ۽ انھن مان صحيح فائدو وٺڻ ئي اڳتي وڌڻ ۾ مددگار ٿئي ٿو.
مير مصطفى هن ڳوٺ لاءِ هڪ شاندار مثال / رول ماڊل ڪردار آهي. جيڪو تمام پورهيت ٻار هو. جنھن سڄي سنڌ بلڪ ملڪ لاءِ ڪافي مثال قائم ڪيا آهن.