آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

ھن ڪِتاب ۾ بظاهر تہ خادم ٽالپر سندس ڳوٺ انڊهلي جي ڪھاڻي لِکي آهي، پر درحقيقت هيءَ ڪھاڻي ٿوري گهڻي فرق سان سنڌ جي سمورن ڳوٺن جي ڪھاڻي آهي. هِن ڪِتاب پڙهڻ سان پڙهندڙ جي ذهن جي اسڪرين تي ڳوٺاڻي زندگيءَ جي دِل پذير تصوير اهڙي سڀاويڪ نموني اُڀري اچي ٿي، جنھن ۾ فطرت جا سمورا دِلڪش رُوپ سروپ موجود آهن. ڳوٺ انڊهلو سنڌ جو مثالي ڳوٺ اُن ڪري بڻيو آهي، جو اُن ۾ رهندڙ ماڻھو ۽ سندن ڪِردار بہ مثالي آهن، جن کي سائين خادم هِن ڪِتاب ۾ سموئي نہ رڳو انڊهلي ۽ اُن جي واسين جي تواريخ رقم ڪئي آهي، پر اُن سان گڏ سنڌ جي هِڪ سٻاجهي دؤر کي بہ محفوظ ڪيو آهي

Title Cover of book ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

مير جان محمد عرف مير جانڻ ٽالپر

اوڻهين صدي جي پوئين اڌ ۾ برصغير ۾ ڪيتريون ئي اٿلون پاٿلون آيون، انگريزن سان حُر تحريڪ جھڙا مرد مٿير وڙهيا. برساتن، وبائن، ڌريائي ٻوڏن سبب ڪافي ڳوٺن ۾ لڏ پلاڻ ٿي. مير خدا بخش ٽالپر جي ڳوٺ ۾ اهڙي طرح عوام لڏ پلاڻ ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيو. هڪ دفعو ڳوٺ فضل محمد ٽالپر جا باني 5 ڀائر اتان لڏي ديھہ انڊهلو لڳ لواري شريف ۾ نئون ڳوٺ ٻڌي ويٺا، پر هنن کان پوءِ ٻيا همراه بہ وقت بہ وقت هن ڳوٺ کان لڏيندا ٽالپرن جي هن نئين ڳوٺ ۾ اچي آباد ٿيندا رهيا.
مير جان محمد عرف جانڻ جو والد حاجي مير محمد بہ شاھہ گريو لڳ موجود سموري زمين وڪڻي، ديھہ انڊهلي ۾ زمين خريد ڪئي هن سان گڏ الھہ بخش ۽ سندس پٽ جان محمد ٻئي گڏجي آيا. الھبخش کي مير محمد نالي پٽ هو. جڏهين تہ مير جانڻ کي ڪوبہ اولاد نہ هو. ڳوٺ فضل محمد ۾ 1939ع ۾ لڏپلاڻ سبب مير جانڻ غلام شاھہ سان گڏ ڪونہ ويو ۽ حاجي حسن بخش کان هڪ زمين جو نمبر پيسن سان وٺي لڏي اچي اتي ويٺو. مير جانڻ جي ٻاجهاري طبيعت سبب ڳوٺ جا ٻيا 8 پاڙا بہ ساڻس گڏ 1939ع ۾ اچي موجودہ ڳوٺ ۾ ويٺا.
جڏهين مير جانڻ جي والد حاجي مير محمد وفات ڪئي تہ ٿوري وقت کان پوءِ سندس سوٽ الھبخش بہ گذاري ويو تڏهين مير جانڻ وڏو ۽ گهر جو اڪيلو سنڀاليندڙ هو. ۽ الھبخش جو پٽ مير محمد اڃان ننڍو هو. ان ڪري ڀاءَ جي زمين ۾ مير جانڻ سنڀالڻ لڳو. ڳوٺ جا غريب ٽالپر جيڪي ساڻس گڏ ڳوٺ فضل محمد ٽالپر کان لڏي آيا هئا. انھن سمورن کي آبادي لاءِ هارپ لاءِ زمين ڏنائين. سندس هاري ٻني مان ڪا ڪاٺي لاءِ وڻ وڍيندا هئا ۽ هي ائين ٿيندي ڏسندو هو تہ پٺ ورائي رستو بدلائي ويندو هو. متان ٻي همراه کي شرمندگي ٿئي.
مون خود 1960ع ڌاري مير جانڻ ڏٺو هو. تمام پوڙهو هو. منھن تي ماتا جا نشان هئس. پر ڪچھري ڪرڻ ڳوٺاڻن تي پيار ۽ عزت ڏيڻ ۾ ڪابہ ڪثر نہ ڇڏيندو هو. جڏهين مير جانڻ 1963ع ۾ گذاري ويو. تڏهين سندس ڀائٽي مير محمد جو پٽ الھہ بخش جوان هو. مير جانڻ ۽ سندس سموري ٻني جي هو خود سنڀال ڪرڻ لڳو.
الھبخش بہ تمام سادي طبيعت وارو ۽ نھٺو ماڻھو هو. مير جانڻ کان پوءِ ڳوٺ جي واڳ هن همراه جي حوالي هئي. پر تمام سادگي سبب اڳواڻي نہ ٿيندي هئي مير الھبخش جا ٻہ فرزند مير محمود جيڪو رٽائرڊ پرائمري استاد آهي ۽ ٻيو حاجي رحيم داد آهي جنھن جو هڪ ننڍڙو ريزڪي دڪان آهي.
مير جانڻ، هڪ دفعي حاجي رحيم ٽالپر سان ڪچھري ڪندي هڪ شعر ٻڌايو. جيڪو مونکي اڄ بہ ياد آهي.
رب رسي مت کسي، هڻي ڪونہ هٿيار
ڏسي اهڙو پار، جنھن مان جوکو جيءَ کي

رب رُسي جڳ تُسي لِڪڻ ڀيڻون نہ لڀن
رب تُسي جڳ رُسي سڀئي ڪاڄ سرن

ڳوٺ فضل محمد ٽالپر جي لڏپلاڻ کان پوءِ ڳوٺاڻا جيڪي ويڳاڻا ٿي ويا هئا. انھن کي وٺي اچي ويهاريائين. سندن ڏک سک ۾ سار سنڀال لھندو هو. تمام سٺو عوام دوست انسان ٿي رهيو مير جانڻ آئي ويل ڪم اچڻ وارو ماڻھو هو سندس گهر واريءَ مائي بہ تمام سخي هئي. هو خير خيرات دل کولي ڏيندي هئي.
سندس ٻاجهاري ۽ پيار ڀري طبيعت سبب هاڻوڪو ڳوٺ آباد ٿيو. انھيءَ ڪري هن ڳوٺ ۾ ويٺل سمورا ماڻھو سندس ٿورائتا آهن ۽ کيس ڳوٺ جو باني ۽ عظيم ڪردار واري شخصيت سمجهن ٿا ۽ سندس نالو احترام سان وٺن ٿا.