آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

ھن ڪِتاب ۾ بظاهر تہ خادم ٽالپر سندس ڳوٺ انڊهلي جي ڪھاڻي لِکي آهي، پر درحقيقت هيءَ ڪھاڻي ٿوري گهڻي فرق سان سنڌ جي سمورن ڳوٺن جي ڪھاڻي آهي. هِن ڪِتاب پڙهڻ سان پڙهندڙ جي ذهن جي اسڪرين تي ڳوٺاڻي زندگيءَ جي دِل پذير تصوير اهڙي سڀاويڪ نموني اُڀري اچي ٿي، جنھن ۾ فطرت جا سمورا دِلڪش رُوپ سروپ موجود آهن. ڳوٺ انڊهلو سنڌ جو مثالي ڳوٺ اُن ڪري بڻيو آهي، جو اُن ۾ رهندڙ ماڻھو ۽ سندن ڪِردار بہ مثالي آهن، جن کي سائين خادم هِن ڪِتاب ۾ سموئي نہ رڳو انڊهلي ۽ اُن جي واسين جي تواريخ رقم ڪئي آهي، پر اُن سان گڏ سنڌ جي هِڪ سٻاجهي دؤر کي بہ محفوظ ڪيو آهي

Title Cover of book ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

سيٺ مير اعظم خان ٽالپر

ترقي ڪرڻ لاءِ جيڪي جديد معيار آهن. انھن ۾ ڪاروبار وسيلي هيٺ کان مٿي ڏاڪا طي ڪرڻ اهم آهي پڙهي نوڪري ڪرڻ سان پنھنجي زندگي تہ بھتر گذاري سگهجي ٿي. پر ترقي نہ ٿي ڪري سگهجي.
هن ڳوٺ ۾ اڌ صدي کان اڳ بہ ڪافي ماڻھو هارپ ۽ مزدوري کان سواءِ ننڍا ننڍا ڪاروبار/ واپار ڪندا هئا. جن ۾ منھنجي ڀاءُ غلام حسين ٿانو کڻي ٻھراڙي جي ڳوٺن ۾ ڪاروبار ڪري. پنھنجي زندگي خوش گذاري ڀاءَ کان متاثر ٿي ڳوٺ جا ڪيترا ٻيا ماڻھو بہ ساڳيو واپار (يعني ٿانو ٻھراڙي ۾ کڻي وڃي وڪرو ڪرڻ) ڪرڻ لڳا هئا. انھن ۾ سڀني کان ڪامياب واپاري حاجي عبدالرحمان ٽالپر مير اعظم جو ڏاڏو هو. جنھن جي جِين جو اثر هن خاندان تي تہ پيو اولاد بہ واپار ڪرڻ لڳو. مير اعظم انھن سڀني لاءِ هڪ رول ماڊل آهي.
مير اعظم پٽ غلام محمد يارهن جون 1974ع ۾ ڳوٺ انڊهلي ۾ ڄائو، جيڪو غلام محمد جو پھريون پٽ آهي. مئٽرڪ تائين ڪڍڻ هاءِ اسڪول ۾ پڙهيو ۽ پوءِ ريزڪي دڪانداري کان پنھنجو ننڍڙو ڪاروبار شروع ڪيائين. سندس والد صاحب جو بہ دڪانداري ۽ ڪاروبار ۾ دلچسپي هئي. مير اعظم دلي شوق ۽ جذبي سان تمام ٿورن پيسن مان ڪاروبار ۾ هٿ وڌو هئائين. جنھن مان ترقي ڪندو اڳتي وڌندو رهيو. هن وقت خشڪ فصل/جنس جو وڏو ڪاروبار ڪري ٿو. بدين ۽ ڪڍڻ ۾ سندس ڪاروباري دڪان يا منڊي آهي. جتي ڪپھہ، سورج مکي، سمورا تيلي ٻج، مرچ وغيرہ جا هزارين مڻ وٺي ٿو. حيدرآباد، ڪراچي ۽ ملڪ جي ٻين شھر ۾ پھچائي ٿو.
هن ڳوٺ جو پھريون ڪاروباري ماڻھو آهي جنھن پنھنجي ٿوري سيڙهپ مان ننڍو ڪاروبار شروع ڪيو جيڪو هاڻ بھتر پوزيشن کي پھتو آهي. مير اعظم گذريل ڪجهہ سالن کان سياست ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي آهي. سندس سياست ۾ شروعات سندس ڪاروباري/ واپاري، دوست سيٺ تاج محمد ملاح جي اليڪشن ۾ بيھڻ کان شروع ٿي آهي.
هيءَ ڳوٺ جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو. مير اعظم ڪاروبار مان ڪجهہ بچت ڪري زمين جا ڪجهہ ٽڪرا بہ خريد ڪيا آهن. ۽ مڇي جون ڍنڍون بہ مقاطعي تي وٺي ٿو. ڳوٺ جي ٻين نوجوانن وانگر هي دوست بہ شڪار جو شوقين آهي. مير اعظم کي هڪ ننڍڙو پٽ ۽ چار نياڻيون آهن جيڪي پڙهن پيون. ڳوٺ جي غريب، بيمار ۽ حاجتمندن جي ڏکئي وقت ۾ مدد ڪندو رهندو آهي. مير اعظم جي هڪ نياڻي ڊاڪٽري جي تعليم ۾ LMCHU ۾ پڙهي پئي.