مھاڳ
”ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون“ ڪِتاب ۾ بظاهرتہ سائين خادم ٽالپر سندس ڳوٺ انڊهلي جي ڪھاڻي لِکي آهي، پر درحقيقت هيءَ ڪھاڻي ٿوري گهڻي فرق سان سنڌ جي سمورن ڳوٺن جي ڪھاڻي آهي. هِن ڪِتاب پڙهڻ سان پڙهندڙ جي ذهن جي اسڪرين تي ڳوٺاڻي زندگيءَ جي دِل پذير تصوير اهڙي سڀاويڪ نموني اُڀري اچي ٿي، جنھن ۾ فطرت جا سمورا دِلڪش رُوپ سروپ موجود آهن.
ڳوٺ انڊهلو سنڌ جو مثالي ڳوٺ اُن ڪري بڻيو آهي، جو اُن ۾ رهندڙ ماڻھو ۽ سندن ڪِردار بہ مثالي آهن، جن کي سائين خادم هِن ڪِتاب ۾ سموئي نہ رڳو انڊهلي ۽ اُن جي واسين جي تواريخ رقم ڪئي آهي، پر اُن سان گڏ سنڌ جي هِڪ سٻاجهي دؤر کي بہ محفوظ ڪيو آهي.”ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون“ عام ڪِتاب ناهي، جيتوڻيڪ سائين خادم اڳ ۾ بہ خاص ۽ لاڀائتا ڪِتاب لِکيا آهن، جن مان”تاريخ منھنجي وقت جي“ اسڪولن ۽ ڪاليجن جي نِصاب ۾ پڙهائڻ جھڙو آهي. پر هي ڪِتاب اُن ڪري بہ خاص آهي، جو هِن ڪِتاب ۾ گُذريل ۽ هاڻوڪي دؤر جي ڳوٺاڻي، هِڪٻئي لاءِ جيئندڙ ۽ حقيقي معنيٰ ۾ مھذب زندگيءَ جي روح پرور تصوير هلندي ڦِرندي نظر اچي ٿي. هِن ڪِتاب ۾ سنڌ جي روايتي وشواسن سھاري گُذرندڙ زندگيءَ بہ ساھہ کڻندي محسوس ڪري سگهجي ٿي، تہ ڏک ڏولاوا، بُک، بيماريون، لڏپلاڻ ۽ خانا بدوشين جا قافلا اکين اڳيان گُذرندي ڏِسي سگهجن ٿا. هِن ڪِتاب ذريعي انڊهلو گُهمندي جڏهن ماڻھو ڌاڳن ڦيڻن جي اُماوَس رين جي ٻاٽ بسيري ۾ پھچي ٿو تہ اُتي لُطف علي ٽالپر علم جي لاٽ سان ڳوٺ جي هر گهٽي، هر گهر ۽ هر ذهن کي ڏيئا ڏيئا روشن ڪندڙ بہ مِلي وڃي ٿو. جيڪڏهن توهان بدحالي ۽ بي سمجهي سبب جيون دان ڪندڙ وڻ ٻوٽا وڍڻ جي اٻھرائپ ڪري وجهو ۽ اُنھن وڻن کي سنڀالي وڏو ڪندڙ مالڪ اوهان جي اها ناقابل معافي گُستاخي ڏِسي وٺي تہ پشيمان ۽ شرمشار نہ ٿجو، ڇاڪاڻ تہ انڊهلي ۾ مير جانڻ جھڙا ڪِردار پنھنجي ٻاجهاري خاموشي سان توهان جو آئيندو سنواريندڙ بہ هِن ڪِتاب ۾ ملي ويندا.
شاھہ لطيف، سانوڻ فقير ۽ مل محمود پلي جا ڏور بيت، ڳائڻ وڄائڻ جون منڊليون ۽ محفلون، ثقافتي راندين ۽ رهاڻين جا ميلا ملاکڙا، انقلابي سياسي هلچل جا شاندار اجتماع، شادين خوشين ۾ چنچل ٽھڪڙن جي رڌم تي گيت سنگيت بہ هِن ڪِتاب ۾ نيڻ ڏِسن ٿا ۽ ڪَن ٻُڌن ٿا. اُڃايل راھہ گُذارن لاءِ اُونھن کوهن جو مِٺو پاڻيءَ ڪڍي رضاڪارانا ڪُلھن تي ڪنواٺين سان ڪورن مٽن ۾ ڀري رکڻ جا منظر بہ سائين خادم پنھنجي سلوڻي ۽ سولي ٻوليءَ ۾ هِن ڪِتاب جي زينت بڻايا آهن.
سائين خادم ٽالپر پنھنجي سموري حياتيءَ سجائي نموني گهاري آهي. ڌرتي کي کيڙي هرلي ۽ نار سان سيراب ۽ زرخير بڻائڻ لاءِ پگهر وهائي پورهيو ڪيو آهي، تہ قومي شعور جي آبياري لاءِ وطن جي واهڻ وسندين جا روشن ۽ سون ورنا پنڌ بہ ڪيا آهن ۽ اسان کي سدائين اُتساهيو آهي. سندس فِڪري پُختگي ۽ عملي اورچائي ڏِسي ماڻھو کانئس قائل ۽ مائل ٿيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهي.
سائين خادم اسان جي آس پاس اهو واحد ماڻھو آهي، جيڪو مُني صدي کان بہ مٿي ڄمار ماڻي هن ”فاني“ جهان مان ڍؤ نہ ڪيو اٿس، هر روز ڪا نئين جُستجو، ڪو نئون ڪم. آئون تہ گهڻو ئي عرض ڪندو آهيان نہ سائين، هاڻي گنج ٿيو. الله جو ڏِنو سڀ ڪجهہ آهي، پُٽ پوٽا، مال ملڪيت، عزت شھرت، هاڻي تہ مِٺي ڌڻيءَ جو نالو وٺي پاپ پراسچت بخشرائي اڳيون جهان سنواريو، پر منھنجي ڳالھہ هر ڀيري ٻُڌي اڻ ٻُڌي ڪري ڇڏي اٿس..!
ٻہ ٽي مھينا اڳ ”ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون“ جي مسودي سميت سائين خادم حيدرآباد منھنجي آفيس اچي سھيڙيو، حُڪم هاڻي انداز ۾ چيائين تہ 15 ڏينھن ۾ هِن ڪِتاب جو مھاڳ لِکي مور ساگر جي حوالي ڪرڻو اٿو..! مون گُذارش ڪئي تہ سائين، توهان جو ڪِتاب نھايت اهم آهي، ڪنھن سينئر ۽ ڏاهي کان ٿا مھاڳ لِکرايون، اِها ساڳئي ڳالھہ مون مير بُليدي کي بہ چئي، پر مير بہ سائين خادم جي پاسي ٿي بيھي رهيو، چئي، مھاڳ لِکڻ جي حوالي سان سائين ٻروچاڻي زبان ڪري ويٺو آهي سا ٻي ڪانہ ٿيندي!
مون لک ڪوششون ڪيون تہ پنھنجي ذهن جو تخليقي ماحول جوڙي هِن شاندار ڪِتاب تي مھاڳ لِکڻ جو شرف ماڻيان پر ايئن ٿي نہ سگهيو ڇاڪاڻ تہ ڏينھن رات ڏوهارين، موالين، قاتلن، مقتول ۽ بيگناهن کي ڇڏائڻ ۽ ٻڌائڻ جا قانون پڙهندي ۽ سوچيندي منھنجا حواس ادبي وادين جو سير ڪرڻ لاءِ بہ سِڪي ويا آهن.!!
پريت پال سنگهہ سوڍو