سيٺ حاجي غلام محمد ٽالپر
حاجي غلام محمد مختصر زمينداري ۽ ننڍي واپار مان خود ڪفيل بنجي بھتر سکي زندگي گذاري رهيو آهي پاڻ ۽ پنھنجي سمورن گهر ڀاتين کي حج ڪرايا اٿس. ڳوٺ ۾ ڪو حاجتمند وٽس لنگهي اچي ٿو يا هو خود محسوس ڪري ٿو تہ هن کي ڪجهہ پيسن يا ڪنھن ٻي مدد جي ضرورت آهي. هي بنا ڏيکاءَ جي ان جي حاجت پوري ڪري ٿو.
گهٽ ڳالھائو، زنده دل، ديندار، محنتي پنھنجي اولاد ۽ ڳوٺاڻن لاءِ خير خواهي گهرندڙ رهيو آهي. جڏهين کان اسان هن ڪتاب لکڻ جو سوچيو تہ هن همراه همتايو ۽ چيائين تہ اهو ڪم ضرور ٿيڻ گهرجي. ان ۾ ڪنھن سان بہ رياءَ رک رکاءُ نہ ٿيڻ کپي. سمورن ڳوٺاڻن جون ڳالھيون صحيح نموني لکجڻ گهرجن.
جيئن تہ هو پاڻ پنھنجي والد محترم وانگر محنتي جفاڪش رهيو آهي. تيئن سندس اولاد بہ محنت سان دل لڳائي هر ڪم ۾ ڪاميابي ماڻي رهيو آهي. سيٺ محمد اعظم هن سيٺ غلام محمد جو وڏو پٽ آهي. ان جو تفصيلي ذڪر اڳيان ايندو باقي ٻيا پٽ محمد رفيق عرف رانجهو ڳوٺ ۾ هڪ ريزڪي دڪان هلائي ٿو. ڳوٺ جا ڪيترائي غريب حاجتمند اوڌر تي سامان گهرن ٿا تہ هو انڪار نہ ڪندو آهي نتيجي ۾ لکن تائين اوڌر ڪري چڪو آهي محمد رفيق ڏاڍو سنجيده، بااخلاق وڏن جو ادب ڪرڻ وارو ۽ انتھائي نھٺو ماڻھو آهي. غلام محمد جو ٽيو پٽ محمد طارق نوجوان آهي جيڪو نوڪرين جا مختلف تجربا ڪندو ۽ هر ڪم ۾ ڪاميابي ماڻي رهيو آهي. مطلب تہ سيٺ حاجي غلام محمد ڳوٺ جي خوش نصيب ۽ خوش حال ماڻھن ۾ شمار ٿئي ٿو. سندس چوڻ آهي تہ پٽ سپوٽ آهن. انھي ڪري هو زندگي مان مطمئن آهي.