آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

ھن ڪِتاب ۾ بظاهر تہ خادم ٽالپر سندس ڳوٺ انڊهلي جي ڪھاڻي لِکي آهي، پر درحقيقت هيءَ ڪھاڻي ٿوري گهڻي فرق سان سنڌ جي سمورن ڳوٺن جي ڪھاڻي آهي. هِن ڪِتاب پڙهڻ سان پڙهندڙ جي ذهن جي اسڪرين تي ڳوٺاڻي زندگيءَ جي دِل پذير تصوير اهڙي سڀاويڪ نموني اُڀري اچي ٿي، جنھن ۾ فطرت جا سمورا دِلڪش رُوپ سروپ موجود آهن. ڳوٺ انڊهلو سنڌ جو مثالي ڳوٺ اُن ڪري بڻيو آهي، جو اُن ۾ رهندڙ ماڻھو ۽ سندن ڪِردار بہ مثالي آهن، جن کي سائين خادم هِن ڪِتاب ۾ سموئي نہ رڳو انڊهلي ۽ اُن جي واسين جي تواريخ رقم ڪئي آهي، پر اُن سان گڏ سنڌ جي هِڪ سٻاجهي دؤر کي بہ محفوظ ڪيو آهي

Title Cover of book ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

مامون خان (محمد خان) جو پاڙو

گهراماڻي پاڙي ۾ ئي مامون (محمد) خان 1952ع ڌاري ولاسي، ڳوٺ گل محمد ٽالپر مان لڏي اچي انڊهلي ۾ ويٺو. جيئن تہ محمد جي گهر واري منھنجي ڀيڻ هئي. جيڪا اسان ڇهن ڀائرن جي اڪيلي ۽ سڀني کان وڏي هئي.
مامون خان اصل ۾ ولاسي ۾ 25-20 ايڪڙ زمين جو مالڪ ۽ مالدار ماڻھو هو. انڊهلي ۾ بہ مينھون ڌاريندو هو. سندس گذر سفر مينھن مان ٿيندو هو. ڪجهہ آمدني ٻني مان بہ ملندي هئي. جيئن تہ مامو خان، سائين لطف علي جو چاچو هو. انھيءَ ڪري سندس پٽ جيڪي سائين لطف علي جا سوٽ ٿين، انھن کي ٽنڊي باگي ۾ پڙهائڻ لاءِ ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر ڇوڪرا ڪونہ پڙهيا.
محمد خان جو وڏو پٽ الھہ جڙيو آهي. جنھن کي ائيرفورس ۾ بورچي طور نوڪري ملي هئي. ان مان سندس گهر جو خرچ هلندو رهيو. هاڻ الھہ جڙيو رٽائر آهي الھہ جڙيه کي چار پٽ آهن جيڪي مختلف نوڪرين ۾ آهن محمد خان جو ٻيو نمبر پٽ حاجي محمد هو. جنھن مختلف پرائيويٽ نوڪريون ڪيون. گلي ۾ ڪينسر سبب وفات ڪري ويو. حاجي محمد (حاجن) کي ٻہ پٽ آهن وڏو محمد، آرمي مل ۾ ملازم آهي ٻيو نمبر عالم خان مزدوري ڪندو آهي.
محمد خان جو ننڍو پٽ حسين بخش آهي. جنھن کي بہ فوج ۾ نوڪري هئي. حسين بخش ٻہ شاديون ڪيون هيون هڪ منھنجي ڀاءَ جان محمد جي نياڻي سان ان مان کيس 6 پٽ آهن. سندس ٻہ پٽ فوج ۾ آهن ڪجهہ شگر ملز ۾ ڪي پرائيويٽ نوڪري ۾ آهن هڪ واڍڪو ڌنڌو ڪندو آهي.

محمد خان (مامون خان) جو شجرو

لطف علي



اميد علي محمد خان



لطف علي امام بخش سھراب
(لااولاد)

عبدالڪريم عبدالوهاب عبدالجبار

هادي بخش سھراب محمد اشرف

الهجڙيو حاجي محمد حسين بخش

خالد منير نصير بشير احمد

محمد خان عالم خان


بابر حسين الطاف حسين آصف حسين دلدار حسين ابرار حسين دانش حسين

