آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

ھن ڪِتاب ۾ بظاهر تہ خادم ٽالپر سندس ڳوٺ انڊهلي جي ڪھاڻي لِکي آهي، پر درحقيقت هيءَ ڪھاڻي ٿوري گهڻي فرق سان سنڌ جي سمورن ڳوٺن جي ڪھاڻي آهي. هِن ڪِتاب پڙهڻ سان پڙهندڙ جي ذهن جي اسڪرين تي ڳوٺاڻي زندگيءَ جي دِل پذير تصوير اهڙي سڀاويڪ نموني اُڀري اچي ٿي، جنھن ۾ فطرت جا سمورا دِلڪش رُوپ سروپ موجود آهن. ڳوٺ انڊهلو سنڌ جو مثالي ڳوٺ اُن ڪري بڻيو آهي، جو اُن ۾ رهندڙ ماڻھو ۽ سندن ڪِردار بہ مثالي آهن، جن کي سائين خادم هِن ڪِتاب ۾ سموئي نہ رڳو انڊهلي ۽ اُن جي واسين جي تواريخ رقم ڪئي آهي، پر اُن سان گڏ سنڌ جي هِڪ سٻاجهي دؤر کي بہ محفوظ ڪيو آهي

Title Cover of book ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

ٽالپرن کان سواءِ ٻيون ذاتيون ۽ قبيلا

جتي روزگار جا وسيلا سولائي سان ميسر ٿين ٿا اتي آس پاس کان ماڻھو لڏپلاڻ ڪري اچي وسندي ۾ گڏ ٿين ٿا هن ڳوٺ سان ساڳي ڪار آهي. جيئن تہ صدين کان هن ڳوٺ ۾ ٽالپر قبيلي جا ڪيترائي گھر آباد رهيا آهن انھن ماڻھن لاءِ پورهيو ڪري پنھنجو گذر سفر ڪرڻ خاطر ڪيترائي هنرمند ماڻھو ٿوري وقت لاءِ يا سيزن تي هن ڳوٺ ۾ ايندا رهيا آهن. مثال طور سارين جي لاباري جي ڏينھن ۾ ٿر کان راحمان، جوڻيجا ۽ ٻين ذاتين جا پورهيت هتي ايندا رهيا. انھن مان ڪجه جوڻيجا جيڪي مال چاريندا هئا، هن ڳوٺ جي ڳوٺاڻن جو مال سانوڻ ۾ ٿر ڪاهي ويندا هئا ۽ جڏهن هتي سارين ۾ لابارو پئجي ويندو هو ملڪ مال لاءِ آجو ٿي ويندو هو تہ واپس مال ڪاهي هن ڳوٺ ۾ ايندا هئا. اهو سلسلو هلندي نيٺ ڪجهہ خاندان هتي رهي پيا آهن. انھن ۾ بچايو ٿريو” جوڻيجي جو خاندان گذريل 50 سالن کان وڌيڪ هن ڳوٺ ۾ رهيو پيو آهي.

شيدي؛
چون ٿا تہ 100 سال اڳ هن ڳوٺ ۾ لواري شريف کان هارون شيدي لڏي آيو. هارون کي شادي ڪرايائون تہ سندس زال گھر نہ ويھي ان ڪري کيس لواري شريف مان لڏائي انڊهلي موڪليائون. هتي سڄي ڄمار رهيو پيو هو ان جا ٻہ پٽ ٿيا هڪ جو نالو سومار ۽ ٻي جو نالو علي محمد هو. اهي ٻئي ڀائر تہ گذاري ويا آهن پر انھن جو اولاد ويٺو آهي. هنن جون عورتون هن ڳوٺ ۾ شادي وهانءَ تي ناچ گانو ڪنديون آهن يا ڳوٺ ۾ شادي غمي جو موقعو ايندو آهي تہ اهي عورتون سڄي ڳوٺ ۾ گھر گھر وڃي عورتن کي نينڍ/ دعوت ڏئي اينديون آهن. صديق شيدي هن ڳوٺ جو هڪ تمام هوشيار رازو آهي. هن ڳوٺ جا اڪثر گھر صديق شيدي تعمير ڪيا آهن.

خاصخيلي؛
خاصخيلي هن ڳوٺ ۾ ڪئين سالن کان رهيل آهن. اسان ننڍا هوندا هئاسون تڏهن ڪالوُ، سليمان، يوسف، اسحاق ۽ ٻيا خاصخيلي رهيل هئا. لواري شريف جي پيرن جو پاڻ ۾ ڪو تنازع ٿيو تہ هي خاصخيلي اشرف آباد واري ڌر جا حمايتي هئا. جڏهن تہ انڊهلي جا ٽالپر تن ڏينھن ۾ لواري شريف جي گادي نشين پير گل حسن شاھہ جا پيروڪار هئا ان سبب خاصخيلين کي انڊهلي مان لڏي اشرف آباد وڃي رهڻو پيو. جڏهن تہ هاڻي انڊهلي جا سمورا ماڻھو اشرف آباد واري ڌر پير محمد صادق جا حمايتي آهن
هن وقت وري ملھار خاصخيلي ڳوٺ جا ڪجه گھر لڏي اچي انڊهلي ۾ ويٺا آهن. جن ۾ الھہ رکيو خاصخيلي جو خاندان، علي محمد، عبدالحڪيم شامل آهن. اسان جي پرائمري اسڪول جو استاد سائين محمد اسماعيل خاصخيلي بہ ملھار خاصخيلي جي ڳوٺ کان لڏي اچي انڊهلي کي اوڏو ٿيو آهي.

ميگھواڙ؛
هن ڳوٺ ۾ سوماريو ميگھواڙ 1950ع کان اڳ ٿر جي ڳوٺ ننھائين کان سيزنل لڏي اچي ڳوٺ ۾ رهندو هو پر پوءِ پنھنجي پورهيئي خاطر مستقل هتي رهي پيو. سوماريو تہ گذاري ويو ان جا ٽي پٽ هئا نارو، عمريو ۽ منگليو. عمريو گذاري ويو آهي، منگليو ڪافي اڳ هتان هليو ويو. باقي نارو ۽ عمريي جو اولاد هن ڳوٺ ۾ رهيل آهن جن مان ڪجه پوليس ۾ نوڪري ۾ آهن ڪي رازا آهن ۽ ڪجه ٻيا هنري ڪم ڪن ٿا.