آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

ھن ڪِتاب ۾ بظاهر تہ خادم ٽالپر سندس ڳوٺ انڊهلي جي ڪھاڻي لِکي آهي، پر درحقيقت هيءَ ڪھاڻي ٿوري گهڻي فرق سان سنڌ جي سمورن ڳوٺن جي ڪھاڻي آهي. هِن ڪِتاب پڙهڻ سان پڙهندڙ جي ذهن جي اسڪرين تي ڳوٺاڻي زندگيءَ جي دِل پذير تصوير اهڙي سڀاويڪ نموني اُڀري اچي ٿي، جنھن ۾ فطرت جا سمورا دِلڪش رُوپ سروپ موجود آهن. ڳوٺ انڊهلو سنڌ جو مثالي ڳوٺ اُن ڪري بڻيو آهي، جو اُن ۾ رهندڙ ماڻھو ۽ سندن ڪِردار بہ مثالي آهن، جن کي سائين خادم هِن ڪِتاب ۾ سموئي نہ رڳو انڊهلي ۽ اُن جي واسين جي تواريخ رقم ڪئي آهي، پر اُن سان گڏ سنڌ جي هِڪ سٻاجهي دؤر کي بہ محفوظ ڪيو آهي

Title Cover of book ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

مير عبدالعزيز ٽالپر

هن ڳوٺ جي ماڻھن ۾ سياڻپ، سچائي ۽ خود ڪفالت جي صلاحيت قدرتي طرح موجود آهي، انھن ٽن خوبين سبب هن ڳوٺ جا نوجوان جنھن بہ نوڪري يا ڪاروبار ۾ لڳا آهن تہ تمام جلد ڪامياب ٿيا آهن. عبدالعزيز پٽ حاجي نور محمد ٽالپر بہ انھن نوجوانن مان هڪ آهي، جنھن جو جنم 1964-05-16 ڳوٺ انڊهلو ۾ ٿيو. پرائمري تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪئي.
۽ هن پنھنجي پيءَ حاجي نور محمد کان ڪاروبار ڪرڻ جو هنر سکيو، سندس والد جو تقريبن 60 سالن کان بدين ۾ وڏين گاڏين جي اسپيئر پارٽس جو دڪان هو. هن ان ڪاروبار ۾ پنھنجي پٽن کي شامل ڪري سندن تربيت ڪئي، عبدالعزيز سندس وڏو پٽ آهي هن پنھنجي ذهانت ۽ محنت سان جلد پنھنجو ساڳيو ڪاروبار الڳ شروع ڪيو. ٿوري وقت کان پوءِ هن ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ ٻين کان زمين مقاطعي تي حاصل ڪري. آبادگاري جو ڪم شروع ڪيو، عبدالعزيز پنھنجي ٻين ڀائرن کي بہ پنھنجي هن ڪاروبار / روزگار ۾ شامل ڪندو ۽ تربيت ڪندو رهيو.
عبدالعزيز ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي ويجهو هئڻ سبب سياسي طرح بہ سرگرمي ڪندو رهيو آهي هن وقت سندس ڪاروبار ۾ ڪافي پيش رفت ٿي آهي. جنھن ۾ ڪڍڻ شھر ۾ هڪ وڏو ڊجيٽل ڪانٽو اٿس. هڪ جنرل اسٽور ۽ اسپيئر پارٽس جو اسٽور اٿس. آبادگاري ۾ ڪجهہ زمين بہ اٿس. ڳوٺ جو خود ڪفيل ۽ خوشحال گهراڻن ۾ شامل ٿئي ٿو. ڳوٺ جي ڀلائي جي ڪمن ۾ ڪنھن حد تائين شامل رهي ٿو.