آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

ھن ڪِتاب ۾ بظاهر تہ خادم ٽالپر سندس ڳوٺ انڊهلي جي ڪھاڻي لِکي آهي، پر درحقيقت هيءَ ڪھاڻي ٿوري گهڻي فرق سان سنڌ جي سمورن ڳوٺن جي ڪھاڻي آهي. هِن ڪِتاب پڙهڻ سان پڙهندڙ جي ذهن جي اسڪرين تي ڳوٺاڻي زندگيءَ جي دِل پذير تصوير اهڙي سڀاويڪ نموني اُڀري اچي ٿي، جنھن ۾ فطرت جا سمورا دِلڪش رُوپ سروپ موجود آهن. ڳوٺ انڊهلو سنڌ جو مثالي ڳوٺ اُن ڪري بڻيو آهي، جو اُن ۾ رهندڙ ماڻھو ۽ سندن ڪِردار بہ مثالي آهن، جن کي سائين خادم هِن ڪِتاب ۾ سموئي نہ رڳو انڊهلي ۽ اُن جي واسين جي تواريخ رقم ڪئي آهي، پر اُن سان گڏ سنڌ جي هِڪ سٻاجهي دؤر کي بہ محفوظ ڪيو آهي

Title Cover of book ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

گلڻ جو پاڙو

گلڻ ڀرڳڙي هو، هن جو اصل ڳوٺ پٻڻ هو، پٻڻ ٽنڊوالھيار ويجهو آهي. هن کي سندس همت ۽ انتظامي طور بھتر ڪارڪردگي تي کيس لواري شريف جي بزرگ خواجہ محمد سعيد مڪي واري صاحب ديھہ چارو ۽ ديھہ ڍنڍي جي زمين آباد ڪرڻ لاءِ کيس ڪاردار مقرر ڪيو هو. لطف علي ٽالپر کيس پٻڻ مان وٺي آيو هو. کيس پنھنجي نياڻي سان شادي بہ ڪرائي هئائينس اها ڳالھہ تقريبن اوڻهين صدي جي آخر 90-1880ع جي ٿي سگهي ٿي.
گلڻ جا ٻہ پٽ ٿيا هڪ جو نالو عبدالله هو ۽ ٻي جو نالو راوت خان، عبدالله جي گهر ۾ محمد علي جي ڀيڻ هئي عبدالله جا ٻہ پٽ ٿيا. هڪ گلڻ ۽ ٻيو فضل محمد گلڻ ۽ فضل محمد ٻئي ڪامارو شاخ تي ايريگيشن کاتي پاران بيلدار مقرر ٿيا. گلڻ ۽ فضل محمد جي اولاد جو شجرو هيٺ ڏنو ويو آهي.
راوت خان احسان علي جي گهران شادي ڪئي هئي. راوت خان کي ٽي پٽ ٿيا. جن جو شجرو ڏنو ويو آهي. لطف علي هاري ماڻھو هو. سندس کوڙ ڳالھيون کل ڀوڳ جھڙيون هونديون هيون. لطف علي کي بہ بدين جي فوجي اڏي ۾ ڪُلي جي پڪي نوڪري ملي وئي هئي. هو سڄي حياتي ذميواري سان ڊيوٽي ڪندو رهيو. کيس پُٽاڻو اولاد ڪونہ هو. راوت جو ٻيو نمبر پٽ محمد صديق آهي. جنھن کي سائين لطف علي هاءِ اسڪول بدين ۾ پٽيوالي جي نوڪري وٺي ڏني. محمد صديق کي ٻہ پٽ ۽ هڪ نياڻي ٿي. سندس وڏي پٽ جو نالو راوت رکيو هئائين جنھن کي 14 سال ڄمار ۾ هڪ لاعلاج بيماري ٿي پئي. جيڪو 8 ڏھہ سال بيماري سان مقابلو ڪندو رهيو آخر فوت ٿي ويو. محمد صديق جو ٻيو نمبر پٽ غلام قادر آهي. جنھن کي 1982 ۾ پرائمري استاد جي نوڪري ملي پنھنجي سمجهہ سان 34 سال محنت ۽ ايمانداري سان نوڪري ڪري رٽائر ڪيائين. غلام قادر کي ٽي پٽ آهن جن مان هڪ فوج ۾ اليڪٽرانڪ جي اوزارن جو ٽيڪنيشن آهي غلام قادر زنده دل خوش طبع قسم جو ماڻھو آهي جيڪو 1984ع کان عوامي تحريڪ ۾ شامل رهيو آهي. اڄ تائين هن سياسي پارٽي جي مختلف محاذن ۽ ذميوارين ۾ ايمانداري سان ڪم ڪندو رهيو آهي. کيس مطالع ڪرڻ سياسي پارٽي جي تبليغ ڪرڻ، جيڪا بہ ڳالھہ کيس صحيح نظر اچي ٿي ان جو پرچار ڪرڻ ۾ هر وقت سرگرم عمل رهندو رهيو آهي.
راوت خان جو ٽيو نمبر پٽ حاجي خان آهي. جيڪو ٽنڊو باگو هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪري پرائمري استاد ٿي رهيو. هاڻ رٽائر آهي جنھن جي خاندان جو شجرو هيٺ ڏنو ويو آهي. حاجي خان کي ٽي پٽ ٿيا. وڏو پٽ محمد اسلم پرائمري استاد رهيو آهي. هاڻ رٽائرڊ آهي. حاجي خان جو ٻيو نمبر پٽ محمد سليم هو. جيڪو بہ پرائمري استاد هو جنھن کي 29 فيبروري 2018ع تي دل جو دورو پيو ۽ اچانڪ فوت ٿي ويو. محمد سليم، سڄي ڳوٺ ۾ تمام سٺو سماجي ورڪر هو. خاص ڪري ڳوٺ جي بجلي جا معاملا حل ڪرڻ ۾ پيش پيش هوندو هو. محمد سليم منھنجو نياڻو هو. هو استادن، ذاتي دوستن توڙي عام ماڻھن ۾ پنھنجي پر خلوص طبيعت سبب تمام مقبول هو. سليم کي هڪ پٽ ٻہ نياڻيون آهن. حاجي خان جو ٽيو نمبر پٽ عبدالنعيم، هڪ سرڪاري کاتي ۾ ملازم آهي. عبدالنعيم بہ ڪنھن حد تائين سوشل ورڪر آهي.

حاجي گلڻ (ڀرڳڙي)

عبدالله راوت


گلڻ فضل محمد

نبي بخش نور محمد حبيب الله محمد رفيق محمد امين


لطف علي محمد صديق حاجي خان
(نياڻين جو اولاد)

راوت غلام قادر
(لااولاد)

محمد امجد عابد علي محمد ابراهيم



محمد اسلم محمد سليم عبدالنعيم