خادم ٽالپر
• سندس جنم 10 جولاءِ 1945ع آهي.
• تعليم: پرائمري تعليم هن ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ بعد سنڌي فائينل جو امتحان گورنمينٽ پرائمري اسڪول نبي بخش ڀرڳڙي کان ڏنو.
• سنڌي فانئل جو امتحان مرحوم صلاح محمد جوڻيجو صاحب تياري ڪرائي 1963ع ۾ ڏياريو. 1963ع کان پوءِ سنڌي فائنل امتحان ڏيڻ جو سلسلو بند ٿي ويو هو.
سنڌ ۾ اڪثر پرائمري استاد صرف سنڌي فائنل امتحان پاس ڪري. پرائمري استاد چونڊجي ويا. خادم جيئن غريب خاندان جو فرد هو. کيس گهر جي خرچ لاءِ ٻني پوکڻ، هارپو ڪرڻ، مال چارڻ، مزدوري ڪرڻ جا ڪم بہ ڪرڻا پوندا هئا. پرائمري استاد ٿيڻ کان پوءِ ٻيا ڪم تہ گهٽجي ويا. پر هن پنھنجي تعليم (پرائيويٽ طور) جاري رکي.
1970ع ۾ B.A پاس ڪري B.Ed ۾ داخلا ورتائين، 1971ع ۾ B.Ed پاس ڪيائين. اهڙي طرح پوءِ ايم اي، ايم ايڊ، ايل ايل بي جا امتحان بہ پاس ڪيائين. خادم کي ننڍي هوندي کان سماجي ڀلائي جا ڪم ڪرڻ سياست سمجهڻ ۽ عوام دوست سياست ڪرڻ، شاعري ڪرڻ، ڪھاڻيون ۽ مضمون لکڻ جو شوق هوندو هو.
1976ع ۾ عوامي تحريڪ جڏهين بدين ۾ پنھنجو پروگرام شروع ڪيو تہ خادم بہ عبدالرحمٰن نقاش، عبدالسلام، انب گوپانگ، عمر ملاح، محمد جمن ترڪ ۽ ٻين سان گڏ هن سياسي سرگرمي ۾ شامل ٿي ويو.
ٿوري وقت ۾ هن کي ضلع بدين جي عوامي تحريڪ هاري ڪميٽي، شاگرد تنظيم SST، جي پروگرام ۾ ليڪچر ڏيڻ، ڪارڪنن جي تربيت ڪرڻ جون ذميواريون ڏنيون ويون.
انھي دوران خادم ڳوٺ انڊهلو ۾ ڀرپور نموني سياسي سرگرميون شروع ڪيون. هڪ اوطاق انھي مقصد لاءِ ٺاهي وئي. جتي ضلع بدين يا سڄي سنڌ جا عوامي تحريڪ جا ڪارڪن اچي ميٽنگن ۾ شرڪت ڪندا هئا.
نتيجي ۾ ڳوٺ انڊهلو سياسي سجاڳي جو مثالي ڳوٺ بنجي ويو. ايم آر ڊي تحريڪ جي سموري هلچل جو بہ مرڪز هي ڳوٺ هو. شھيد فاضل راهو، محترم رسول بخش پليجو، سيد عالم شاھہ عوامي تحريڪ جا سمورا اڳواڻ هن ڳوٺ ۾ ايندا. پروگرامن ۾ شرڪت ڪندا هئا.
1987ع ۾ جڏهين فاضل راهو شھيد ٿيو. تڏهين پارٽي سڄي سنڌ جي ڪارڪنن کي فاضل جي چاليھي ۾ شرڪت لاءِ پيدل قافلي جي شڪل ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ چيو ويو هو تڏهين هن ڳوٺ مان صرف عورتون 100 کان وڌيڪ پنڌ قافلي ۾ نڪتيون هيون. مرد تہ لاتعداد هئا. هن ڳوٺ ۾ عوامي تحريڪ جا سمورا پروگرام جنھن سرگرمي سان هلندا هئا. فاضل جي شھادت کان پوءِ پارٽي پاليسي بدلجي وئي. تان جو 1990ع ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي قيادت رسول بخش پليجي صاحب کان ڪجهہ اختلاف رکي ڪي سوال پڇيا. انھن جا جواب ڪونہ مليا تہ مرڪزي ڪميٽي سموري ڌار ٿي ويھي رهي انھن ۾ خادم ٽالپر بہ هو.
خادم پوءِ بہ پنھنجي سياسي، علمي، ادبي ۽ سماجي خدمت جي سرگرمي جاري رکي. 2009ع ۾ عوامي تحريڪ کان الوداع ٿيل سينئر ڪارڪنن جڏهين پاڻ ۾ گڏجي هڪ نئين سياسي پارٽي ٺاهڻ لاءِ رٿابندي ڪئي تہ خادم انھن سان گڏ هو. تڏهين عوامي جمھوري پارٽي ٺاهي وئي خادم اڄ تائين هن سياسي پارٽي جو اهم سرگرم ڪارڪن ۽ اڳواڻ آهي.
خادم سياست کان سواءِ ادب سان بہ چاھہ رکندو رهيو آهي شروع ۾ محمد سومار شيخ، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ۽ ٻين سان گڏ ادبي سرگرميون ڪندو رهيو. هن جا هن وقت تائين 7 ڇپيل ۽ ٻيا 4 اڻ ڇپيل ڪتاب آهن.
• تاريخ شعرا لاڙ 1970ع ۾ ڇپيو
• اسان جا پنڌ پھاڙ جا 1983ع ۾ ڇپيو
• تعليم جو فن 1992ع ۾ ڇپيو
• سائنس جنرل رسالا 1990ع - 1993ع تائين ڪڍندو رهيو.
• تاريخ منھنجي وقت جي (آتم ڪٿا) 2016ع
• پرھہ باکون ڪڍيون 2018ع
• ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون (موجودہ ڪتاب)
ترتيب ڏنل
• مان موٽي ايندس ڊاڪٽر نجمہ جوڻيجو
• سندس مضمون 100 کان وڌيڪ ڇپجي چڪا آهن.
• سندس شاعري مان ڪجهہ شعر الڳ لکجن ٿا. ترتيب ڏنل ڪتاب اڻ ڇپيل آهن.