آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

ھن ڪِتاب ۾ بظاهر تہ خادم ٽالپر سندس ڳوٺ انڊهلي جي ڪھاڻي لِکي آهي، پر درحقيقت هيءَ ڪھاڻي ٿوري گهڻي فرق سان سنڌ جي سمورن ڳوٺن جي ڪھاڻي آهي. هِن ڪِتاب پڙهڻ سان پڙهندڙ جي ذهن جي اسڪرين تي ڳوٺاڻي زندگيءَ جي دِل پذير تصوير اهڙي سڀاويڪ نموني اُڀري اچي ٿي، جنھن ۾ فطرت جا سمورا دِلڪش رُوپ سروپ موجود آهن. ڳوٺ انڊهلو سنڌ جو مثالي ڳوٺ اُن ڪري بڻيو آهي، جو اُن ۾ رهندڙ ماڻھو ۽ سندن ڪِردار بہ مثالي آهن، جن کي سائين خادم هِن ڪِتاب ۾ سموئي نہ رڳو انڊهلي ۽ اُن جي واسين جي تواريخ رقم ڪئي آهي، پر اُن سان گڏ سنڌ جي هِڪ سٻاجهي دؤر کي بہ محفوظ ڪيو آهي

Title Cover of book ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

حاجي محمد علي جو پاڙو

حاجي محمد علي خدا بخش جو پٽ هو، حاجي محمد علي، حاجي خدا بخش ۽ حاجي شير محمد پاڻ ۾ ٽي ڀائر هئا هنن جو شجرو هيٺ لکجي ٿو، هي شاھہ گهريو لڳ ڳوٺ حاجي خدا بخش مان لڏي آيا هئا، هنن ۾ حافظ الھبخش وڏو حڪيم هو ۽ ٽي ڀائر اسان جي ڳوٺ ۾ نيڪ نيت بزرگ ۽ حاجي هئا سندن شجرو هيٺين طرح آهي.

خدا بخش (شاھہ گُهريو لڳ جاگيردار ۽ سندس نالي سان پڊ آهي)


غلام الله محمد علي

حافظ الھبخش حڪيم خدا بخش
(لااولاد)


حاجي محمد علي حاجي عبدالرحمان حاجي شير محمد


خدا بخش نور محمد الھبخش غلام الله محمود غلام محمد يعقوب احمد

محمد بخش محمد خان محمد محمد صديق عبدالرحيم

عبدالعزيز محمد امين محمد اسلم نور الدين عبدالحميد مشتاق علي