ڳوٺ انڊهلي جي سماجي صورتحال
انھي نسبت سان هن وقت سڄي ڳوٺ جا گهر پڪا آهن. ڪن خاندانن وٽ بنگلا تہ ڪن وٽ ماڙيون بہ ٺھيل آهن. جيتوڻيڪ غريبن جي اڪثريت آهي. پر انھن وٽ بہ رهڻ لاءِ گهر پڪا آهن. جن کي طوفان جي ڪابہ پرواه نہ آهي. هي ڳوٺ ضلع بدين جي وڏن ۽ سڌريل ڳوٺن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. هن ڳوٺ ۾ هڪ بوائز پرائمري ۽ هاءِ اسڪول، گرلس پرائمري ۽ مڊل اسڪول هڪ BHU اسپتال، گئس، بجلي جون سھولتون ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ هڪ فلٽر پلانٽ موجود آهي.
ڳوٺ جي تعليم 100% آهي. ڳوٺ ۾ مرد تہ P.HD تائين پڙهيل آهن. پر نياڻيون بہ 200 کان وڌيڪ گريجوئٽ آهن. هن ڳوٺ مان پڙهي نڪتل سرجن ڊاڪٽر علي نواز ٽالپر (يورلاجسٽ) ايم بي بي ايس ڊاڪٽر اعجاز علي ٽالپر ۽ ڊاڪٽر امتياز علي ٽالپر آهن ۽ هڪ نياڻي ڊاڪٽري جي آخري سال ۾ آهي جڏهين تہ پروفيسر (رٽائرڊ) ڊاڪٽر عبدالڪريم ڪيمسٽري ۾ PHD ڪري چڪيو آهي. ڳوٺ ۾ 10 کان وڌيڪ انجنيئرنگ جا امتحان پاس ڪري چڪا آهن. ڪمپيوٽر سائنس ۾ گريجوئٽ بہ آهن.
هي ڳوٺ مثالي ڳوٺ ان ڪري بہ آهي تہ سڄي ڳوٺ جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ هن ملڪ جي سياستدانن جو ڪوبہ ڪردار ڪونھي، سڄو ڳوٺ صرف ۽ صرف تعليم حاصل ڪري سڌريو دنيا لاءِ مثال بنيو آهي.
هن ڳوٺ جي تعليمي سرشتي کي سڌارڻ ۾ ڳوٺ جي هڪ عظيم انسان محترم سائين لطف علي ٽالپر جو مک ڪردار آهي، جنھن آگسٽ 1953ع ۾ بوائز پرائمري اسڪول جو بنياد وڌو. ان کان پوءِ گرلس پرائمري اسڪول کولرايائين، ڳوٺ جي نوجوانن کي تعليم ۽ روزگار ڏياريائين، سڄي تعليمي سرشتي تي نظرداري رکندو هيو.
هن ڳوٺ ۾ ٽالپرن کان سواءِ مينگهواڙ، شيدي، خاصخيلي، جوڻيجا، ڪولھي بہ سالن کان رهن ٿا. انھن پورهيت قبيلن جا ٻار ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون سڀ تعليم جي روشني سان منور ٿي رهيون آهن تعليم جي دولت سان روزگار بہ حاصل ڪري رهيا آهن.