مير غلام شاھہ ٽالپر
سندس مڙسي، همت، چستي سبب مير غلام علي ٽالپر (ٽنڊي محمد خان وارو) سندس دوست هوندو هو محمود خان ڀرڳڙي، سلطان احمد جوڻيجو، عاقيل دل، پير عاليشاھہ صاحب ۽ ٻين سان سُٺي دوستي هوندي هئس.
هڪ دفعي نبي بخش ڀرڳڙي جي والد محمود خان ڀرڳڙي سان جعفر ابڙي جو ٻني جي بٽيء تان جهيڙو ٿي پيو. هڪ طرف ارباب جمعون ابڙو ۽ سندس دوست بچو مغيري، حاجي کوسو ۽ احمد ميمڻ جيڪي ٽيئي پنھنجي وقت جا ڏاڍا مڙس ۽ دادا گير ليکيا ويندا هئا جن کي ارباب جمعي ابڙي جو ڏڍ هو. انھن ڀرڳڙي محمود خان جي کري تي هلان ڪري اچي جهيڙو ڪيو محمود خان رتو رت ڪري ڇڏيائون کيس ٽنگو ٽالي ڪري کڻي وڃي ڪنھن کوھہ ۾ اڇلڻ پي ويا تہ محمود خان جي پٽن کي اها خبر پئي تہ نبي بخش ڀرڳڙي، احمد خان ۽ محمد خان (عرف رئيس پوڙهو خان) بندوق کڻي سرزمين تي پھچي ويا. احمد خان سڌو فائر ڪري بچو مغيري ۽ جعفر ابڙي کي ڪيرائي وڌو ۽ ٻيا ڀڄي ويا شام جو پوليس چڙهائي ڪري ڀرڳڙي سڀ گرفتار ڪري وٺي وئي. هي پاڪستان ٺھڻ کان اڳ جو زمانو آهي رات جو مير غلام شاھہ ڀرڳڙي محمود خان جي مدد ۾ پنھنجا ماڻھو وٺي وڃي کرو کڻائي، محمود خان جي گهر ڏئي آيو. ڀرڳڙين جي هر طرح مدد ڪئي. محمود خان جا ٽئي پٽ جلد آزاد ٿي گهر اچي ويا. محمود خان کي سزا لڳي وئي. هاءِ ڪورٽ مان سندس ضمانت ٿي وئي ڪجهہ سالن کان پوءِ ڇٽي ويو مير غلام شاھہ جا هن قسم جي مدد سھڪار سبب ڪيترن ئي ڳوٺن جا ماڻھو اڄ بہ تعريف ڪن ٿا.
مير غلام شاھہ جيڪو باهمت ۽ حاضر دماغ ماڻھو هو ان غلطيون بہ وڏيون ڪيون هيون. ڳوٺ کي ڦٽائڻ غريب ڀائرن کي رات پيٽ ۾ لڏائڻ، پنھنجي اولاد کي مامن جي سھاري جهڏي موڪلي ڇڏڻ. مائٽاڻي زمين لالچ ۾ اچي تبديل ڪرڻ سبب سندس حيثيت ختم ٿي وئي.
مير غلام شاھہ جا ٽي فرزند هئا. وڏو مير غلام حيدر جيڪو هاءِ اسڪول جو استاد ٿي رهيو. سندس ڇوڪرا بہ نوڪرين ۾ آهن ڊاڪٽر محمد بخش وٽرنري ڊاڪٽر ٿيو. جيڪو هاڻ رٽائرڊ آهي ظفر علي انڊهلو هاءِ اسڪول ۾ D.T آهي. ۽ ٻيا بہ نوڪري ۾ آهن.
مير غلام شاھہ جو ٻيو نمبر فرزند فقير مير شير محمد لواري شريف جو خاص عاشق ٿي رهيو هن لواري شريف جي بزرگن بابت ڪافي ڳالھيون گڏ ڪري ترتيب ڏئي ڇپرايون “حقيقت احمدي” کان سواءِ ٻيا ڪتاب بہ هن فقير شير محمد ترتيب ڏنا آهن.
فقير شير محمد کي ٽي فرزند آهن، سندس وڏو پٽ ڊاڪٽر علي نواز ٽالپر جيڪو يورولاجسٽ آهي ۽ سندس اسپتال بدين ۾ تمام سٺي هلي ٿي. ٻيو پٽ ڊاڪٽر عجاز علي ٽالپر آهي. جيڪو بدين ۾ انڊس ۾ نوڪري ڪري ٿو ۽ پنھنجي ڀاءَ ڊاڪٽر علي نواز جي اسپتال تي پارٽ ٽائيم وقت ڏيندو آهي. فقير شير محمد جو ٽيو ننڍو پٽ محمد اسلم ٽالپر آهي. جنھن کي تيل ۽ گئس ڪمپني ۾ نوڪري آهي. فقير اسلم بہ پنھنجي والد صاحب جي نقش قدم تي هلندي، لواري شريف جي بزرگن جي دعا ۽ خدمت ۾ رهي ٿو.
مير غلام شاھہ جو ٽيو ننڍو پٽ مير غلام محمد “ڪونڌر” آهي جنھن ايگري ڪلچر يونيورسٽي ٽنڊو ڄام مان B.Sc آنرس جي ڊگري وٺي، پاسڪو ۾ نوڪري ڪئي، هاڻ رٽائرڊ آهي. ڪونڌر شاعر، اديب، نقطہ چين بہ آهي. هن سندس شاعري کانسواءِ سنڌ جي چوڻين ۽ پھاڪن کي گڏ ڪري ترتيب ڏئي ڪتاب تيار ڪيو آهي.
مير غلام محمد ڪونڌر جو صرف هڪ فرزند آهي جيڪو مير بشير جي نالي سان آهي. بدين جو سٺو وڪيل ليکجي ٿو. مير بشير عوامي تحريڪ ۾ بہ سرگرم آهي. هن وقت ضلع بدين جو صدر آهي. سندس والد غلام محمد “ڪونڌر” تي هڪ مضمون هن ڪتاب ۾ شامل آهي.
مير غلام شاھہ جو شجرو هن طرح آهي.
غلام محمد
حاجي فضل محمد مدد علي ابراهيم رحيم خان غلام شاه
شير محمد نور محمد (لا اولاد)
غلام شاه فضل محمد
غلام حيدر شير محمد غلام محمد
(غلام حيدر جو شجرو اڳيان آهي)
علي نواز عجاز احمد محمد اسلم مير بشير احمد