دوست علي جو پاڙو
ذهني بيماري سبب هو ڪنھن بہ ڪم ڪار جو نہ رهيو هو. ٻيو نمبر پٽ الهداد ۽ ٽيو نمبر پٽ حاجي حسين مون سان گڏ پڙهندا هئا حاجي حسين کي بہ ذهني بيماري ٿي هئي جيڪو جواني ۾ وفات ڪري ويو. الهداد کي اولاد ٿيو. سندس وڏو پٽ باقر علي پرائمري استاد ٿيو جيڪو هن سال وفات ڪري ويو آهي الهداد کي پنج پٽ ٿيا جن مان هن وقت تائين ٽي وفات ڪري چڪا آهن. شير محمد بہ هاري ماڻھو هو. سندس ٽي پٽ ٿيا وڏو فضل محمد جيڪو مون سان گڏ سنڌي فائنل جي تياري ڪندو هو. پر امتحان ڪونہ ڏنائين. جواني ۾ انڊهلي کان لڏي مير غلام شاھہ جي زمين ڍنڍي تي وڃي رهيو. جيڪو ٿورا سال ٿيا وفات ڪريو ويو آهي. ٻيو نمبر پٽ نبي بخش هو جيڪو منھنجو هم عمر هو. اسان گڏجي مينھون چاريندا ۽ اسڪول ويندا هئاسون. نبي بخش پرائمري اسڪول مان جلد نڪري ويو مال چاريندو. گڏھہ گاڏو واهيندو هو. شير محمد جو آخري پٽ استاد حاجي خان آهي. جنھن انڊهلي جي اسڪول تي 20 سالن کان وڌيڪ عرصو محنت ڪري ٻارن کي پڙهايو آهي. محنتي اڻ ورچ استاد رهيو آهي.
محمد جو هڪڙو پٽ جان محمد ٿيو جيڪو ڪجهہ ٽائيم فوج ۾ ويو پر فوج ڇڏي آيو. پوءِ آرمي شگر مل بدين ۾ ڊيوٽي ڪندو آهي. خدا بخش کي چار پٽ ٿيا. وڏو پٽ حاجي صادق جنھن جو اولاد هن وقت مزدوري ڪندو آهي. ٻيو پٽ سليمان، ٽيو نظر محمد، چوٿون غلام نبي ٿيو آهي. حاجي صادق کي پٽ آهن پاڻ گذاري ويو. خدا بخش جي پٽ سليمان جو هڪ پٽ فوج ۾ آهي. نظر محمد کي ٻہ پٽ آهن. فيض محمد جا ٻہ پٽ هڪ الھبخش ٻيو عبدالحڪيم هئا. جن جو اولاد موجود آهي. دوست علي بزرگ، دعا پٽ جھڙو ماڻھو هو. کائنس هارپ تي مليل زمين جو نمبر مير فضل محمد ڏنو هو. زمين صحيح آباد نہ ڪري سگهيو تہ مير فضل محمد کائنس اها زمين کسي ورتي. هن چيو تہ اگر اهو نمبر مونکي پوکڻ لاءِ نہ ٿو ڏين تہ تون بہ ڪونہ پوکيندي. ان نمبر مان ڪامارو شاخ نڪتي نمبر خراب ۽ ختم ٿي ويو. ان ڏينھن کان ماڻھو کيس درويش چوڻ لڳا هئا.