آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

ھن ڪِتاب ۾ بظاهر تہ خادم ٽالپر سندس ڳوٺ انڊهلي جي ڪھاڻي لِکي آهي، پر درحقيقت هيءَ ڪھاڻي ٿوري گهڻي فرق سان سنڌ جي سمورن ڳوٺن جي ڪھاڻي آهي. هِن ڪِتاب پڙهڻ سان پڙهندڙ جي ذهن جي اسڪرين تي ڳوٺاڻي زندگيءَ جي دِل پذير تصوير اهڙي سڀاويڪ نموني اُڀري اچي ٿي، جنھن ۾ فطرت جا سمورا دِلڪش رُوپ سروپ موجود آهن. ڳوٺ انڊهلو سنڌ جو مثالي ڳوٺ اُن ڪري بڻيو آهي، جو اُن ۾ رهندڙ ماڻھو ۽ سندن ڪِردار بہ مثالي آهن، جن کي سائين خادم هِن ڪِتاب ۾ سموئي نہ رڳو انڊهلي ۽ اُن جي واسين جي تواريخ رقم ڪئي آهي، پر اُن سان گڏ سنڌ جي هِڪ سٻاجهي دؤر کي بہ محفوظ ڪيو آهي

Title Cover of book ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

اڏيو جو اوڏن سو ڍنگر ڍلو مَ ٿئي

هن ڳوٺ ٻڌجڻ جي شروعات کان لواري شريف جا مريد هئا موجودہ ڳوٺ ٻڌجڻ/ٺھڻ ۾ سڀ کان اول پنج ٽالپر ڀائر هئا، حاجي فضل محمد، مدد علي، ابراهيم، رحيم خان ۽ غلام شاهہ. 1830ع ۾ لواري شريف جي بزرگ خواجہ محمد الزمان ثاني (ڪوٽ وارا صاحب) رمضان شريف جي مھيني ۾ سخت بيمار ٿي پيا تہ سندس ڀائر جن جو مائٽاڻي ۽ پيراڻي گادي تي اڳ ۾ تڪرار هلندڙ هو جيڪي ڪجهہ ويڙهو ماڻھو وٺي لواري شريف جي گادي نشين بزرگ تي ڪاھہ ڪري آيا، جيئن تہ درگاه لواري شريف ۽ پير صاحبن جي رهائش واري حويلي کي چؤطرف وڏو ڪوٽ ڏنل هو. جيڪو بہ ان وقت موجود پير خواجہ محمد زمان ثاني پاڻ ڏياريو هو. هلان ڪندڙ پير صاحب جا ڀائر جن کي ”ميان“سڏبو هو اهي چاڙهيون کڻي آيا ۽ وڙهڻ لاءِ هٿيار پنھوار بہ آندائون. اهي ڪوٽ مٿان ٽپي اندر داخل ٿي. اندر پير صاحب جي حاضري ۾ نوڪرن تي حملو ڪري، انھن مان ٻہ فقير ماري وڌائون. اها خبر جڏهن ڳوٺ خدابخش ٽالپر پھتي تہ اتي لواري شريف جا سچا معتقد حاجي فضل محمد ۽ سندس پنج ڀائر يڪدم لواري شريف ۾ پنھنجي مرشد جي مدد ڪرڻ لاءِ پهچي ويا.
جيئن تہ پير صاحب جي حويلي ۽ درگاھہ کي تمام وڏو ڪوٽ ڏنل هو. حاجي فضل محمد ۽ سندس ڀائرن پنھنجي پٽڪن کان رسي جو ڪم ورتو. پٽڪي جي چاڙهي ٺاهي ڪوٽ اندر داخل ٿيا، اتي ويڙھہ لاءِ آيل سمورن ماڻھن سان دوبدو مقابلو ڪيائون ۽ کين ڊوڙائي ڪوٽ مان ٻاهر ڪڍيائون. پير صاحب جي حويلي لاءِ پھريدار ٿي بيٺا. 1831ع ۾ خواجہ محمد زمان ثاني ابدي حياتي ڏانھن روانا ٿيا. تڏهين سندن فرزند خواجہ محمد حسن سندن جاءِ نشين ٿيا.
خواجہ محمد حسن مديني وارا جن جي مدد ۽ رهنمائي سان لواري شريف کان چار ڪلو ميٽر اتر طرف ديھہ انڊهلو ۾ ڳوٺ ٻڌي ويٺا. جيئن تہ هنن پنجن ڀائرن ۾ وڏو فضل محمد هو. انھيءَ ڪري ڳوٺ جو نالو فضل محمد ٽالپر رکيائون. جيڪو پوءِ انگريز سرڪار پڊ طور منظور بہ ڪيو.
مير نور محمد پٽ فضل محمد هڪ روايت ٻڌائي ٿو تہ هي پنج ئي ڀائر تمام غريب ۽ هاري ماڻھو هئا تقريبن 1833ع ڌاري هنن مان ڪنھن هڪ حيدرآباد ۾ ميرن جي درٻار ۾ درخواست ڏني تہ سندن مدد ڪئي وڃي ان وقت مير ڪرم علي خان ٽالپر مسند نشين هو جنھن سندس درخواست قبول ڪندي کين هڪ هزار ايڪڙن کان وڌيڪ زمين جاگير طور ڏئي ڇڏي. هي پنج ئي ڀائر غلام محمد پٽ شير محمد جا پٽ هئا، جيڪي اندازن سترهين صدي ڌاري روزگار سانگي سوڀ ديرو کان لڏي اچي پيرولاشاري تعلقہ بدين جي اولياء شاھہ گهريو وٽ پنھنجو ڳوٺ خدا بخش ٽالپر جي نالي سان ٻڌي اچي ويٺا هئا. 17 صدي جي وچ ڌاري ڪجهہ ٽالپرن جا ڪجهہ ٻيا گهر بہ لڏي اچي ساڻن گڏ ويٺا ٽالپرن جي حڪومت اچڻ کان پوءِ هن ڳوٺ ۾ ٽالپرن جي ڪجهہ خاندانن کي حڪومت پاران ڪجهہ زمينون بہ مليون هيون. جڏهن هي پنج ئي ڀائر جن جا وڏا خواجہ محمد زمان قدس جا عبدالرحيم گرهوڙي جي وقت کان مريد هئا. اهي پير صاحب جي حڪم تي ڳوٺ خدا بخش ٽالپر کان لڏي اچي ديھہ انڊهلو ۾ خالي پيل سرڪاري زمين تي اچي ويٺا. جيڪو ڳوٺ بعد ۾ پڊ منظور ٿيو پٺيان ويٺل باقي ڳوٺاڻان بہ ڌرياء جي اوچتي ٻوڏ سبب پريشان ٿيا ۽ دريائي ٻوڏ تمام وڏي هئي جنھن سبب سڀ لڏڻ تي مجبور ٿيا. انھن مان ڪجهہ هن نئين ٻڌل ڳوٺ فضل محمد ٽالپر ڏانھن لڏي آيا ۽ ٻيا ڪجهہ وري جهڏي ڏانھن لڏي ويا. مير خدا بخش ٽالپر جو ڳوٺ مڪمل ختم ٿي ويو.
ڳوٺ حاجي فضل محمد ٽالپر پوري هڪ صدي تائين يعني 1831ع کان 1939ع تائين يعني 108 سال آباد رهيو تن ڏينھن ۾ ڳوٺ جي آس پاس جا منظر هن طرح هوندا هئا.
ڳوٺ کان ٿورو اولھہ طرف هڪ تمام وڏو پوٺو پيل هوندو هو برساتن وسڻ سان ان تي ڌاڃوري، ڏنوهين، منڌاڻو ۽ ٻيا قسمين قسمين گاھہ ڦٽندا هئا. للرُ، مريڙو ۽ لوڻڪ جام ٿيندا هئا. ڳوٺاڻا اتان ساڳ پٽي يا کنڀيون ڪڍي ٻوڙ رڌي موج ملھائيندا هئا. اهو سمورو پوٺو سرڪاري پيل هو ڳوٺ جي آس پاس ۾ ٻٻرن جون جام هڙيون (ٻيلا) هونديون هيون. انھن ۾ تتر، سھا ۽ ٻي جهنگلي جيوت جام رهندي هئي. ٻٻرن ۽ ٻيرن جا تمام وڏا وڻ هئا. جيڪي اسان پاڻ پنھنجي اکين سان ڏٺا. جيئن تہ تڏهين پاڻي صرف هڪ موسم خريف لاءِ جون کان نومبر تائين هلندو هو جيڪي زمينون مٿي هونديون هيون. انھن تي هُرلا ۽ نار چاڙهي پاڻي ڪڍي ٻاجهري تر، گوار، ووڻ يا مرچ پوکبا هئا اسان وٽ بہ هڪ هُرلو هوندو هو. جيڪو مير فضل محمد جي ٻني تي چاڙهي، آبادي ڪندا هئاسون.
40-1939ع ڌاري، ڳوٺ جي اڳواڻ مير غلام شاھہ ٽالپر کي ذهن ۾ خيال آيو. يا ڪنھن صلاح ڏنس تہ ڳوٺ ۾ پري پري کان ٻيا ڪيترا ٽالپر لڏي اچي هتي ڳوٺ کان ٻاهران سروي زمين ۾ اچي ويٺا آهن. جيڪا سروي زمين آباد ڪجي ۽ ڳوٺ ڪنھن ٻي پاسي شفٽ ڪجي. چون ٿا تڏهين ڳوٺ ۾ ماتا جي وبا بہ پئي هئي. ڳوٺ ۾ ويٺل جمعون ميمڻ ۽ سندس خاندان شديد متاثر ٿيو هو. ڪنھن صلاح ڏني هئي تہ اهو پڊ عارضي طرح تبديل ڪريو. تڏهين مير غلام شاه. لواري شريف جي وقت جي مسند نشين خواجہ احمد زمان، امام العالمينؒ کان اجازت گهري تہ “اجازت ڏيو تہ ڳوٺ کان هڪ ڪلو ميٽر ڏکڻ هڪ مٿاهون پٽ پيل آهي. اتي ڳوٺ آباد ڪجي، چون ٿا تہ پير صاحب ڪوبہ ها يا نہ جو جواب ڪونہ ڏنو. پر مير غلام شاھہ پنھنجي خاندان جو لڏو ۽ گهر جا سمورا ٽپڙ کڻي ڄاڻايل پڊ تي لڏي اچي ويٺو جڏهين تہ ڳوٺ جي ٻيو نمبر زميندار ۽ عوام دوست ماڻھو مير جان محمد عرف مير جانڻ ٽالپر، اشرف آباد جي پير حاجي حسن بخش کان ڳوٺ آباد ڪرڻ لاءِ زمين گهري تہ پير حاجي حسن بخش ديھہ انڊهلي ۾ اصل ڳوٺ کان اُتر طرف ٻن فرلانگن جي پنڌ تي ڳوٺ لاءِ هڪ نمبر زمين ڏئي ڇڏي تہ مير جانڻ پنھنجو لڏو کڻي موجودہ ڳوٺ تي گهر ٺاهي ويٺو تہ اصل ڳوٺ مان ڪجهہ پاڙا ساڻس گڏ لڏي آيا.
مير غلام شاھہ سان گڏ ڳوٺ جا هيٺان پاڙا لڏي سندس ڀر ۾ پيل سرڪاري زمين تي ويٺا. جنھن جو قبضو لواري شريف وٽ هو.
• مير غلام شاھہ پاڻ ۽ سندس ڀاءَ مير فضل محمد ٽالپر
• راوت خان ۽ سندس ڀاءَ عبدالله
• حاجي رحيم خان، محمود، حمزو، احمد، اسماعيل پٽ غلام محمد.
• حافظ اسماعيل (لطف علي جو والد)
• دوست علي، شير محمد، محمد، خدا بخش، فيض محمد
• حسين بخش (مير محمد جو والد) ......
• ميمڻن جا 2 گهر، عبدالله ۽ جمعون
• فيض محمد نورل، فقير اسماعيل، رحيم خان
مير جانڻ جي ڳوٺ ڏانھن لڏي آيل
• مير جانڻ، مير محمد، جعفر خان
• آدم ۽ سندس ڀائر
• يار محمد، حاجي فتح علي، عبدالله
• اسماعيل (بھادر جو والد)
• حاجي محمد علي، حاجي عبدالرحمٰن
• حاجي ڏتل پنھنجي پٽن سميت
• عبدالله واڍو، قادر بخش، خليفو خير محمد
• عبدالرحمان (غلام نبي ۽ مير محمد جو والد) خير محمد
هن ڳوٺ جي ڪھاڻي بہ ڏاڍي دلچسپ آهي، مير غلام شاھہ جيڪو ڳوٺ حاجي فضل محمد ٽالپر جو چڱو مڙس هو. جنھن اصل ڳوٺ مان لڏپلاڻ ئي انھيءَ ڪري ڪئي تہ سندس زمين تي ويٺل ڳوٺاڻا لڏين زمين آزاد ٿئي تہ هو آباد ڪري. نتيجو اهو نڪتو تہ اڌ ڳوٺ سندس رويہ ۽ خود غرضي سبب کائنس ڌار ٿي. مير جانڻ جي ڳوٺ طرف اچي ويٺو. وري 1952ع ڌاري لواري شريف جي منشين ۽ ڪارندن سان اٽڪاءَ ٿيس ۽ ڳالھہ وڌي ان حد تائين پھتي جو کيس اهو ڳوٺ بہ خالي ڪرائڻو پيو لواري شريف جي ڪم جا سنڀاليندڙ، خان صاحب عبدالرحمٰن ڳوٺ لڏائڻ لاءِ ڪيترائي ماڻھو وٺي آيو. مجبور مير غلام شاھہ کي هڪ ئي ڏينھن ۾ هي زمين بہ خالي ڪرڻي پئي. ٻيا ڳوٺاڻا ۽ سمورا پاڙا لڏي اچي مير جانڻ جي آباد ڪيل ڳوٺ ۾ ويٺا. سندس ڀاءَ مير فضل محمد بہ لڏي اچي مير جانڻ جي ڳوٺ ۾ سندس زمين ۾ ويٺو ۽ مير غلام شاھہ جا پٽ ۽ سندس خاندان جهڏي ۾ پنھنجي ناناڻن وٽ وڃي رهي پيا. اهڙي طرح ڳوٺ فضل محمد ٽالپر، ڳوٺ جي اڳواڻ مير غلام شاھہ جي غلط رويہ ۽ غلط فيصلي سبب لڏي نئون ڳوٺ اچي آباد ڪيو. مير غلام شاھہ جنھن تي سندس ڏاڏي جو نالو پيل هو اهو غلام شاھہ توڙي هي غلام شاھہ ٻين ڀائرن کان وڌيڪ سمجهدار، ائڪٽو، باهمت ۽ اڳواڻي جا گڻ رکندا هئا. سندس آس پاس جي ڳوٺن، راڄن ۾ تمام سٺي هلندي ڀڄندي هئي. مير غلام شاھہ جي شخصيت تي ايندڙ صفحن ۾ ڪجهہ وڌيڪ ذڪر ايندو.
هاڻوڪو ڳوٺ جنھن کي ڳوٺاڻا ۽ آس پاس جا ماڻھو ڳوٺ انڊهلو چون ٿا. جڏهين تہ هن کان اڳ جنھن ڳوٺ يا پڊ جتي کان لڏي هتي آيا. اهو پڊ هن ڳوٺ کان هڪ فرلانگ جي پنڌ تي مس آهي. جيڪو پڊ هاڻ کنڊرات، کاڻيون، واه ۽ خراب حالت ۾ ٿي ويو آهي ان ڳوٺ جو نالو 200 سال اڳ لڏي آيل حاجي فضل محمد ٽالپر جي نالي سان منسوب هو.
ياد رکڻ گهرجي تہ جيئن جيئن انساني تعليم ۽ شعور ۾ واڌارو اچي ٿو. تيئن تيئن ماڻھو کي اجائي وهم ۽ خوف کان ڇوٽڪارو ملي ٿو. اڳ ۾ ڳوٺاڻن جا سڀ ماڻھو، ڳوٺ جي اڳواڻ کان ڊڄندا هئا. سندس احترام بہ ڪندا هئا. پر سمجهه، تعليم ۽ شعور اچڻ کان پوءِ سڄي سنڌ ۾ ڳوٺن ۾ رهندڙ ماڻھو معاشي طرح روزگار جي حاصلات لاءِ ڳوٺ جي سردار، رئيس يا چڱي مڙس جا محتاج ڪونہ ٿا رهن. انھيءَ ڪري اگر ڳوٺ جو پٽيل، سردار يا رئيس ڳوٺاڻن کي زندگي جي بھتري، ترقي ۽ تحفظ ۾ اگر ڪا مدد نہ ٿو ڪري تہ ڳوٺاڻا بہ سندس احترام ۽ پؤواري ڪرڻ ڇڏيو ڏين. ڳوٺاڻا پنھنجي مدد پاڻ جي اصول تي زندگي گذارين ٿا.
