آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

ھن ڪِتاب ۾ بظاهر تہ خادم ٽالپر سندس ڳوٺ انڊهلي جي ڪھاڻي لِکي آهي، پر درحقيقت هيءَ ڪھاڻي ٿوري گهڻي فرق سان سنڌ جي سمورن ڳوٺن جي ڪھاڻي آهي. هِن ڪِتاب پڙهڻ سان پڙهندڙ جي ذهن جي اسڪرين تي ڳوٺاڻي زندگيءَ جي دِل پذير تصوير اهڙي سڀاويڪ نموني اُڀري اچي ٿي، جنھن ۾ فطرت جا سمورا دِلڪش رُوپ سروپ موجود آهن. ڳوٺ انڊهلو سنڌ جو مثالي ڳوٺ اُن ڪري بڻيو آهي، جو اُن ۾ رهندڙ ماڻھو ۽ سندن ڪِردار بہ مثالي آهن، جن کي سائين خادم هِن ڪِتاب ۾ سموئي نہ رڳو انڊهلي ۽ اُن جي واسين جي تواريخ رقم ڪئي آهي، پر اُن سان گڏ سنڌ جي هِڪ سٻاجهي دؤر کي بہ محفوظ ڪيو آهي

Title Cover of book ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

عبدالستار “شڪاري”

حاجي لعل بخش جو ٽيو نمبر فرزند، عبدالستار ٽالپر آرمي شگر ملز بدين ۾ ملازم ٿي رهيو، کيس 60 سال تي رٽائرڊ ڪيو ويو. پاڻ شڪار جو شوقين رهيو آهي سياري جي مند ۾ ضلع بدين ۽ ضلع ٺٽہ، ضلع حيدرآباد جي اڪثر ڍنڍن تي پنھنجي ٽيم سان گڏ پکين جي شڪار تي ويندو هو. هو بدين جي شڪارين جي ٽيم جو ليڊر رهيو. سماجي واسطا وڌائڻ، ڪچھرين ۽ محفلن ۾ شريڪ ٿيڻ لاڙ جون ڍنڍون هجن، رڻ پٽ پوٺا يا ٿر جو ريگستان، ستار جا سمورا پيرن مان نڪتل آهن. حاجي محمد علي نظاماڻي، ماما سڪندر لغاري، محمد رمضان چانڊيو، ڪمال راڄو ۽ رئيس بھادر خان لنڊ پڪا ساٿي رهيا آهن. انھن مان ماما سڪندر جي فوتگي بہ انڊهلي ۾ ٿي جڏهين سيارو ايندو هو. اتر جي تيز ٿڌي هوا جسم مان آر پار پئي مٽيندي هئي. تڏهين ستار پنھنجي ٽيم سان نريڙي ڍنڍ تي وڃي لھندو هو رات جو ڪمال راڄو، محمد ڀٽي ۽ ٻيا کڏڙن تي لڪي ويھندا هئا صبح جو بندوق جي شڪار سان پکين جون ڀريون آڻي پڙي تي لاهيندا هئا. هڪڙا لڳندا هئا پکين جي گوشت ٺاهڻ کي ٻيا بصر وڍيندا، ديڳڙا ڌوئندا، اڌ ڪلاڪ ۾ پکين جو ڀڳل گوشت ماني تيار ٿي ويندي هئي، رات جو ساڳي طرح پتن، راند، بادشاهن جون ڪھاڻيون، ڪنھن دوست ڏور بيت ڳجهارتون ڏنيون، ماني کائي مچ تي محفل متل رهندي هئي.
ستار شگر مل مان رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ مير غلام الله جي پٽ محمد خان عرف عثمان سان گڏجي ڪڍڻ ۾ هارڊ ويئر جو دڪان کوليو، شروع ۾ دڪان تي پاڻ ڪجهہ وقت ويھندو هو. پر هاڻ سندس پٽ دڪان تي ڊيوٽي ڪندو آهي. پاڻ گهمڻ ڦرڻ تفريح ڪرڻ، يارن دوستن سان ڪچھريون ڪرڻ ۾ وقت پاس ڪري پيو، سڄي ضلع ۾ سندس ڄاڻ سڃاڻ تمام گهڻي آهي.