سائين لطف علي ٽالپر
جيئن تہ سندس والدين جون معاشي حالتون بھتر نہ هيون. انھي ڪري وڌيڪ تعليم جاري رکڻ ۾ تمام گهڻيون تڪليفون محسوس ڪرڻ لڳو. پاڻ ٻڌايائين تہ سندس ڪنھن مھربان استاد کيس صلاح ڏني تہ هو ڪراچي ۾ سنڌ مدرسة السلام ۾ داخلا وٺي. داخلا وٺرائي ڏيڻ ۾ هو ساڻس مدد ڪندو. ائين ٿيو. يارهين ڪلاس ۾ داخلا تہ ورتائين پر هاسٽل ۾ رهي اداري ۾ پڙهڻ لاءِ پيسن جي ضرورت هئي. انھي لاءِ اتي ٽيوشن پڙهائڻ جو ڪم شروع ڪيائين. ٽيوشن في سندس ضرورت کان گهٽ هوندي هئي. پوءِ هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردن جا ڪم ڪار ڪرڻ، سندن ماني پچائڻ وغيرہ جا ڪم ڪري ٻن سالن جو عرصو گذاري ويو. جڏهين ٻارهون ڪلاس پاس ڪيائين تہ ميرپورخاص ۾ ريلوي ۾ ڪجهہ مھينن لاءِ ڪلارڪي جي نوڪري ملي ويس. ڪجهہ مھينن بعد سندس استاد غلام حسين سومرو جيڪو ان وقت تعليم جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو هو کيس ٽنڊو باگو هاءِ اسڪول ۾ جونيئر استاد JST طور ڀرتي ڪيو اهڙي طرح هو هاءِ اسڪول ٽنڊو باگو جو استاد مقرر ٿي ويو. جتي ترقي ڪندي ڪندي آخر ۾ هيڊ ماستر طور 1977 ۾ رٽائرمينٽ ورتائين.
ڪارنامہ / ڪم
سائين لطف علي هاءِ اسڪول ٽنڊو باگو ۾ استاد هوندو هو تہ بدين جا ڪيترائي غريب شاگرد ٽنڊي باگي هاءِ اسڪول ۾ داخلا لاءِ ايندا هئا. جيئن تہ هاءِ اسڪول ۾ مفت بورڊنگ ۽ لاجنگ جو انتظام ٿيل هو. ان ڪري ڪافي ماڻھو پنھنجي اولاد کي داخلا لاءِ وٺي ايندا هئا. پر جيئن تہ هاسٽل ۾ فري بورڊنگ يعني مفت جي ماني جو انتظام صرف 110 شاگردن لاءِ هوندو هو. وڌيڪ شاگردن کان ميس جو خرچ ورتو ويندو هو. انڊهلي، ڀڳڙا ميمڻ، پيرو لاشاري جا اڪثر ٽالپرن جا ٻار اسڪول ۽ هاسٽل ۾ داخلا لاءِ تڏهين ايندا هئا جڏهين فري بورڊنگ جو انگ ڀرجي ويندو هو. ٻارن جا مائٽ غريب هوندا هئا. اهي ٻارن جي ماني جو خرچ ڀرڻ جي قابل نہ هوندا هئا. ۽ ساڳي وقت سائين کي سڃاڻندا هئا. ان ڪري مٿس زور ڀريندا هئا تہ سندس پٽن کي داخلا ضرور ڏي ۽ مفت ماني جو بہ بندوبست ڪري. پوءِ سائين ميس ۽ هاسٽل جو انچارج هئڻ سبب صرف 100 شاگردن کي ميس ۾ بلڪل فري ڪندو هو. باقي 10 شاگردن کان اڌ ميس فيءَ وٺندو هو. 10 جي بجاءِ 20 شاگردن کي هاسٽل ۾ داخلا وٺي ڏيندو هو. 20 جيڪي اڌ في پاڻ ڀريندا هئا ۽ اڌ فيءَ اسڪول جي خرچ مان نڪرندي هئي. ڪافي شاگرد جيڪي اڌ فيءَ پاڻ نہ ڏئي سگهندا هئا. اها فيءَ سائين پنھنجي کيسي مان يعني پگهار مان ڀري ڏيندو هو.
سندس اولاد يا ڀائٽا جڏهين اسڪول ۾ پڙهندا هئا تہ انھن جي ميس جي فل في پنھنجي کيسي مان ڀريندو هو. علي خان کوسو اڳوڻو DEO ضلع بدين ٻڌائي ٿو تہ سائين لطف علي سندس ميس جو خرچ، ڪپڙا، ڪتاب ۽ اسڪول فيءَ سڀ پنھنجي کيسي مان ڀريندو هو. ڪيترا دفعا اسڪول کان گسائي اچي گهر ويھي رهندو هئس تہ سائين ڳوٺ اچي وٺي ويندو هو. اهڙي طرح ڪيترن ٻين شاگردن لاءِ بہ مھربان هوندو هو. هاءِ اسڪول ٽنڊي باگي ۾ استاد هو تہ سندس پگهار مان اڌ کان وڌيڪ رقم غريب شاگردن جي ڪتابن، فين تي خرچ ڪري ڇڏيندو هو.
سائين اسڪول جي انتظام ۾ تمام سخت هوندو هو پاڻ ڊيوٽي جو سختي سان پائبند هوندو هو تہ پنھنجي اسٽاف کي بہ سختي سان پائبندي ڪرڻ لاءِ آماده ڪندو رهندو هو. ڳوٺ انڊهلو جا اٽڪل 30 کن استاد وٽس پڙهيا ۽ سندس مھرباني سان نوڪري ۾ آيا. سائين پنھنجي ڪنھن ذاتي ڪم لاءِ ڪڏهين بہ رشوت نہ ڏني ۽ نہ ئي ڪنھن ماڻھو کان ڪو تحفو، مٺائي يا ڪو انعام اڪرام وصول ڪيو.
چون ٿا تہ شاگردن جي ٽيسٽ يا ساليانہ امتحان ۾ ڪاپيون اهڙي خبرداري سان چيڪ ڪندو هو. جو هڪ يا ٻن مارڪن تي شاگرد فيل ٿئي تہ ان کي ٻيهر محنت ڪرڻ لاءِ چوندو هو. ڪڏهين بہ ڪنھن جو حق غضب نہ ڪيائين.
ڳوٺ انڊهلي ۾ پرائمري اسڪول 1953ع ۾ سندس ڪوششن ۽ سفارش سان کليو ۽ پوءِ ڳوٺ جي سموري تعليمي نظام کي بھتر طريقي سان هلائڻ لاءِ زندگي جي آخري گهڙي تائين ڪوشش ڪندو هو.
سائين اسڪول ڊيوٽي جو اهڙو پابند هوندو هو. جو ٽنڊو باگو ۾ صبح جو روزانہ اسيمبلي ۾ پھچڻو پوندو هئس. اگر آچر ڏينھن موڪل تي ڳوٺ آيو تہ وري ٻي ڏينھن سومر صبح جو 8 بجہ ٽنڊو باگو پھچڻ لازمي سمجهندو هو. هڪ دفع هاءِ اسڪول جي ڪنھن استاد ٻڌايو تہ آئون حيدرآباد کان ريل ۾ اچي تلھار ريلوي اسٽيشن تي لٿس تہ بدين کان سائين لطف علي بہ اچي تلھار ريلوي اسٽيشن تي لٿو. ٻي ڏينھن سومرو هو. اسان کي صبح جو سوير ٽنڊو باگو هاءِ اسڪول پڄڻو هو. جيئن تہ رات جو شديد برسات پئي هئي. ٽنڊو باگو - تلھار جو رستو ڪچو هو سو بس بہ نہ آئي هئي. رات جو تہ اسان ريلوي اسٽيشن تي بينچ تي ويھي گذاريو پر صبح جو بس نہ اچڻ سبب ٽنڊو باگو ڪيئن پھچجي. سائين لطف علي صبح جو 5 بجہ تلھار کان پنڌ نڪتو. هاءِ اسڪول اسيمبلي ۾ 8 کان اڳ پھتو. اهڙي طرح هو وقت جو سخت پائبند هوندو هو.
جڏهين هاءِ اسڪول بدين جي بلڊنگ لاءِ سرڪاري پلاٽ جي سيڪريٽري تعليم گهر ڪئي تہ بدين جا شھري هاءِ اسڪول بدين جي لاءِ پلاٽ ڏيڻ لاءِ تيار نہ هئا. سائين لطف علي اڪيلي سر بدين جي اسسٽنٽ ڪمشنر سان ملي هاءِ اسڪول جي بلڊنگ لاءِ ڪوشش ورتي. هاءِ اسڪول جو موجودہ پلاٽ سرڪاري پيل هو. پر شھري اهو پلاٽ اسڪول لاءِ وقف ڪرڻ ۾ راضي ڪونہ هئا. سائين اڪيلي سر درخواستون موڪليون ۽ ڊائريڪٽر ايجوڪيشن تڏهين سائين الھبخش نظاماڻي هو. اهو آيو تنھن اهو پلاٽ منظور ڪيو. اگر سائين دلچسپي نہ وٺي ها تہ هاءِ اسڪول بدين جيڪو ڪنھن مسواڙ جي جاءِ ۾ هلندڙ هو اهو بند ٿي وڃي ها. ٽنڊو باگو هاءِ اسڪول جي مدد لاءِ سائين لاڙ پٽ جي ڪيترن ئي ماڻھن وٽ خود هلي وڃي اسڪول ۽ ان جي هاسٽل ۾ رهندڙ غريب شاگردن جي سھڪار لاءِ گهر ڪندو هو. پر لاڙ جا خوش حال زميندار ڪوبہ سھڪار نہ ڪندا هئا.
ٽنڊو باگو هاءِ اسڪول ۾ ماتلي، تلھار، جهڏو، ٿر، ٺٽو ۽ آس پاس جا ڪيترائي ٻار پڙهڻ ايندا هئا. انھن وٽ ڪئين مسئلا هوندا هئا. سائين انھن سمورن ماڻھن سان ڏاڍو خلوص ۽ پيار وارو رويو رکندو ۽ انھن جي مدد ڪندو هو، جنھن سبب بدين جا تہ ڪيترائي ماڻھو اڄ ملن ٿا. جيڪي ڊاڪٽر، وڪيل يا اعلى عملدار ٿي رهيا. اهي اڄ بہ سائين جي تعريف ڪن ٿا.
سائين بمبئي يونيورسٽي مان B.A پاس ڪئي هئي. سندس تعليم جو معيار ان ليول جو هو پر هي جڏهين پڙهندو هو. تڏهين علامہ مشرقي جي خاڪسار تحريڪ کان تمام گهڻو متاثر ٿيو هو. پاڻ ٽنڊو باگو جي مير نور احمد جيڪو سنڌ جي خاڪسار تحريڪ جو انچارج هو ان سان دوستي هوندي هئس. هڪ دفعو خاڪسار تحريڪ جي ڪنھن پروگرام ۾ شرڪت لاءِ ريل ۾ چڙهي. علي ڳڙھہ ۽ بمبئي ويو هو. پاڻ علامہ مشرقي سان مليو هو. سندس شخصيت ۽ رويہ بابت کوڙ ڳالھائيون ٻڌائيندو هو. ۽ سندس تعريف ڪندو هو. هو علامہ مشرقي جي سياسي پروگرام کي هن ملڪ لاءِ بھترين سمجهندو هو.
سائين لطف علي جماعت اسلامي بدين جو ڪافي سال ميمبر رهيو پر پارٽي ۾ موجود ڪمزورين تي بہ ڳالھائيندو هو. سائين انتھائي فراخ دل ماڻھو هو. رٽائرمينٽ کان پوءِ بہ هو پنھنجي پينشن غريب ۽ حاجتمند ماڻھن جي سار سنڀال لاءِ خرچ ڪندو هو.
سندس گهر جا ڀاتي ٻڌائين ٿا تہ جڏهن رٽائر ڪيائين تنھن کان پوءِ اسان جي گهر جي جاءِ ٺھي ۽ گهر ۾ گهربل سامان وٺي آيو. نہ تہ نوڪري دوران سندس پگهار غريب شاگردن تي خرچ ڪري ڇڏيندو هو.
سائين لطف علي تاريخ پھرين آڪٽوبر 2014 تي پنھنجي ابدي زندگي ڏانھن روانو ٿيو. کيس ٽي پٽ ۽ چار نياڻيون ٿيون. وڏو فرزند ڊاڪٽر عبدالڪريم جيڪو مھراڻ يونيورسٽي جو پروفيسر ٿي رهيو ۽ رٽائرڊ آهي ٻيو نمبر پٽ عبدالوهاب پرائمري استاد طور ڊيوٽي ڪئي ۽ اهو بہ رٽائرڊ آهي. ٽيو ننڍو پٽ عبدالجبار مھراڻ مان مڪينيڪل انجنيئرنگ طور پاس ڪيو ۽ پوءِ سروس ڪري رٽائرڊ ٿيو آهي ٽنھي پٽن کي اولاد آهي جيڪي پڙهن پيا ڪي جاب ۾ آهن.