آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

ھن ڪِتاب ۾ بظاهر تہ خادم ٽالپر سندس ڳوٺ انڊهلي جي ڪھاڻي لِکي آهي، پر درحقيقت هيءَ ڪھاڻي ٿوري گهڻي فرق سان سنڌ جي سمورن ڳوٺن جي ڪھاڻي آهي. هِن ڪِتاب پڙهڻ سان پڙهندڙ جي ذهن جي اسڪرين تي ڳوٺاڻي زندگيءَ جي دِل پذير تصوير اهڙي سڀاويڪ نموني اُڀري اچي ٿي، جنھن ۾ فطرت جا سمورا دِلڪش رُوپ سروپ موجود آهن. ڳوٺ انڊهلو سنڌ جو مثالي ڳوٺ اُن ڪري بڻيو آهي، جو اُن ۾ رهندڙ ماڻھو ۽ سندن ڪِردار بہ مثالي آهن، جن کي سائين خادم هِن ڪِتاب ۾ سموئي نہ رڳو انڊهلي ۽ اُن جي واسين جي تواريخ رقم ڪئي آهي، پر اُن سان گڏ سنڌ جي هِڪ سٻاجهي دؤر کي بہ محفوظ ڪيو آهي

Title Cover of book ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

حاجي فتح علي ٽالپر

انساني نيڪي ۾ ڪيترائي ڪم اچن ٿا. جھڙوڪ مظلومن جي واهر ڪرڻ، بکيئي کي ماني کارائڻ، اڃائيل کي پاڻي پيارڻ، بيمار جي دوا درمل ڪرڻ، ڀٽڪيل کي ڌڳ لائڻ، هيڻن جو همراه ٿيڻ وغيرہ وغيرہ. جن ڏينھن ۾ برصغير جو اڃان ورهاڱو ڪونہ ٿيو هو. تن ڏينھن کان ڳوٺ انڊهلي کان ٿر، ڪڇ ۽ ڀُڄ ڏانھن وڃڻ لاءِ هڪ ڪچو رستو هوندو هو. هر مند هر موسم ۾ سنڌ کان ڪڇ ڏانھن واپار سانگي يا مال مويشي جي چرا گاهن ڏانھن مال جا وڳ ڪاهي ڪئين قافلن تي قافلا پيا گذرندا هئا. تن ڏينھن ۾ بدين کان علي بندر تائين واٽ تي ڪو شھر يا وسندي نہ هوندي هئي. علي بندر کان پوءِ ڪڇ جو رڻ جيڪو 80-70 ڪلو ميٽر رڻ ئي رڻ هوندو هو. جنھن ۾ بہ پاڻي لاءِ ڪا اميد نظر نہ ايندي هئي. تڏهين اٽڪل 1900-1899ع ڌاري ڳوٺ انڊهلي جو هڪ نيڪ مرد هن ڪم لاءِ تيار ٿيو تہ واٽهڙوئن کي پيئڻ جو پاڻي جو بندوبست ڪري ڏبو. ڳوٺ کي سامھون روڊ تي هڪ ڪاٺين، ڪکن جي جهڳي ٺاهي. ان ۾ پاڻي جا مٽ ڀري رکيائين. هو روزانہ صبح جو سوير اٿي. پري پري کوهن تان پاڻي جون ڪوانٽيون ڀري اچي مسافر خانہ جي مٽن کي ڀريندو هو. آرڙ جي ڏينھن ۾ ڪڙاڪ جون گرميون هجن يا سياري جو سخت سيءَ هجي پوءِ بہ هو پنھنجي ذميواري پوري ڪندو هو. ان درويش صفت انسان جو نالو محمد علي ولد آدم ولد رامڻ هو. (ڪنھن ماڻھو جي سڃاڻپ لاءِ ٽي ٽي نالا ان ڪري ٿا لکون جيئن ساڳي ساڳي نالي وارا ڪيترائي ماڻھو هن ڳوٺ ۾ رهن ٿا.)
محمد علي ٽالپر 1913ع ڌاري وفات ڪئي تہ سندس پٽ حاجي فتح علي ٽالپر، پيءَ وارو ڪم شروع ڪيو اسان ننڍڙا هئاسون تہ اسان حاجي فتح علي کي پاڻي ڀريندي ڏٺو. تڏهين هن پاڻي رکڻ لاءِ ٻہ جهڳيون ٺاهي رکيون هيون هڪ جهڳي ۾ ٻہ وڏيون ناديون پاڻي سان ڀريل هونديون هيون ۽ ٻي جهڳي ۾ ٺڪر جا 4 مٽ پاڻي سان ڀريل هوندا هئا. سمورن ٿانون تي پاڻي پيئڻ لاءِ ٺڪر جون ڇلون رکيل هونديون هيون يا جست جا گلاس پيل هوندا هئا تڏهين گلاسن کي سنگهرون ٻڌل نہ هونديون هيون. جيئن تہ نانديون مسلمانن لاءِ ۽ مٽ هندن لاءِ هوندا هئا.
جيئن تہ هندو قبيلا هڪ ٻي جي ٿانو ۾ کائيندا پيئندا نہ آهن. انھيءَ ڪري هر مٽ تي هر هندو قبيلي لاءِ الڳ نشان لڳل هوندو هو. مثل ڪولھي قبيلي لاءِ ڪاٺ جي ڪاتر ٽنگيل هوندي هئي.. ميگهواڙن لاءِ جتي جو پراڻو پادر ڪنھن ڌاڳي سان ٻڌل هوندو هو ڀيل قبيلي لاءِ پراڻو سُپ ٽنگيل هوندو هو ۽ سامي جيڪي سڄو وقت جانورن جي شڪار ۾ گذارين انھن جي مٽ تي هڪ ٽوڻي مٿي وارو گهوٻاٽو ٽنگيل هوندو هو. ۽ هو سمورن ٿانون ۾ روزانہ پاڻي ڀري رکندو هو. بعضي بعضي ماڻھو ۽ قافلا گهڻا گذرندا هئا تہ هو سڄو سڄو ڏينھن پاڻي جون ڪنواٽيون پيو ڀريندو هو. اول تہ پاڻي ڀرڻ لاءِ کوه بہ پري پري هوندا هئا پر پوءِ پاڻ ڪاٺين سان ٻڌل هڪ کوه هن جهڳي کي ويجهو کوٽايو هئائين. جڏهين پاڻ پوڙهو ٿيو هو. تڏهين وٽس هوندي هڪڙي مينھن هئي اها وڪڻي. ان ڪاٺين واري کوھہ کي پڪي واءِ ڪري ڇڏيائين.
انتھائي نيڪ سيرت، صاف دل، خوش طبع، ڏک سک ۾ رضا تي راضي رهڻ وارو ماڻھو هو. پاڻ هاري ماڻھو هو پر پاڻي ڀرڻ واري عمل ۾ ڪنھن کان بہ ڪا مدد ڪانہ ورتائين اگر ڪو ٿانو ٽٽي ويندو هو تہ وري پاڻ ناند يا مٽ نئون وٺي ايندو هو. 1964ع تائين هن سڄي علائقي ۾ پاڻي صرف خريف لاءِ ايندو هو. باقي وقت کوهن تي گذران ٿيندو هو. هئنڊ پمپ جو رواج ئي ڪونہ هو ٻيو تہ عوام تمام غريب هو. ڳوٺاڻا پنھنجي روز مره جي استعمال لاءِ بہ پاڻي ڪنواٽين سان، ڏٻن يا گهڙن وغيرہ ۾ کوه تان ڀري ايندا هئا.
سڄي سنڌ ۾ حاجي فتح علي وانگر سڄي ڄمار گم نامي ۾ بنا مذهبي مت ڀيد جي عوام جي خدمت ڪرڻ جو ڪو مثال ڪونہ ٿو ملي.