لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ننڍڙي روپ وارا چوڻيون ۽ پهاڪا

ڪتاب ”ننڍڙي روپ وارا چوڻيون ۽ پهاڪا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هن ڪتاب جو ليکڪ ۽ سهيڙيندڙ انجنيئر عبد الوهاب سهتو آهي.
Title Cover of book ننڍڙي روپ وارا چوڻيون ۽ پهاڪا

  ٻه اکر

مون وارو سنگتي، انجنيئر عبدالوهاب سهتو، شروع ۾ ڪهاڻيڪار هو. پوءِ هن سنڌي پهاڪن ۽ چوڻين ۾ ئي وڏين ڪهاڻين کي ڳولي لڌو. “ماهوار ڪينجهر” هن کي ان سلسلي ۾ همٿايو ۽ ان جي پهاڪن ۽ چوڻين سان لاڳاپيل مضمونن کي لاڳيتو ڇاپيو ۽ اڃا تائين ڇاپيندو پيو رهي، جنهن ڪري وهاب جا ڪيترائي قيمتي مضمون، ڪينجهر جي زينت بنجي پڙهندڙن تائين پهچي چڪا آهن، ۽ ڏينهون ڏينهن هن جي انهن تحقيقي مضمونن کي اسان جي ادب جي پڙهندڙن ۾ وڏي اهميت ملي رهي آهي ۽ هن جو نالو کيتر ۾ پنهنجي جاءِ والاريندو پيو وڃي.
اسان جي بدقسمتي اها آهي جو اسان وٽان محنت ۽ جُهد واري ڪم سان لڳاءُ گهٽبو پيو وڃي. حالانڪ ان ڳالهه جي وڏي ضرورت آهي ته اسان وٽ پيدا ٿيل قلمڪار ان پاسي ڌيان ڏين ته ادب جا ڪيترائي پاسا خالي پيا آهن جن تي وڏو ڪارگر ڪم ٿي سگهي ٿو.
”ماهوار ڪينجهر“ ۾ شايع ٿيل انهن مضمونن مان ”ننڍڙي روپ وارا چوڻيون ۽ پهاڪا“ گڏي ڪتابي صورت ۾ آڻي رهيا آهيون. ڪتابي صورت ۾ اچڻ کان پوءِ يقيناً هيءُ ڪتاب محققن/ڄاڻن ۽ علم ادب سان چاهه رکندڙ دوستن لاءِ انتهائي ڪارائتو ثابت ٿيندو.
ان سلسلي ۾ وهاب جا ٻيا به ڪيترائي ڪتاب ترتيب هيٺ آهن، جن کي ادارو چاپي پڙهندڙن تائين آڻڻ جي هڪڙي جامع اسڪيم تيار ڪري چڪو آهي.


ناز سنائي
حيدرآباد، سنڌ. ٢١ مارچ، ٢٠٠٢