لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ننڍڙي روپ وارا چوڻيون ۽ پهاڪا

ڪتاب ”ننڍڙي روپ وارا چوڻيون ۽ پهاڪا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هن ڪتاب جو ليکڪ ۽ سهيڙيندڙ انجنيئر عبد الوهاب سهتو آهي.
Title Cover of book ننڍڙي روپ وارا چوڻيون ۽ پهاڪا

15- چُوڻو، نه اُوڻو (سنڌ، چوڻي)

15- چُوڻو، نه اُوڻو (سنڌ، چوڻي)
چرڻو؛ کاڌ خوراڪ، لوڀ طور وڌل داڻو
اوڻو؛ اڻ پورو، کٽل
دنيا جي تختي تي، انسان پوءِ ٿو اچي، پھرين سندس کاڌ خوراڪ جو بندوبست ٿو ٿئي. ٻار ماءُ جي پيٽ ۾ آهي ته دن جي ذريعي کيس کاڌو ملي ٿو. جڏهن پيٽ مان ٻاهر اچي ٿو ته سندس اهو ذريعو ختم ٿئي ٿو. ان سان گڏ، هڪدم کيس، سندس طبيعت، مزاج آهر، ماءُ جي سيني مان به ذريعي کولي ڏنا ٿا وڃن. ٻارنھن مھينن بعد، جڏهن کانئس ٿڃ ڇڏرائي ٿي وڃي ته اهي ٻئي دروازا به بند ٿي ٿا وڃن. جڏهن ٻئي دروازا بند ٿين ٿا تڏهن مٿس سوين دروازا کلن ٿا.
بک جي وگهئي، دنيا ۾ ڪير به نه مئو آهي. اعمالن جي شامت سبب، قحط جي صورت ۾ عذابِ الاهي نازل ٿئي، سا ٻي ڳالهه آهي باقي روزي نه ملڻ ڪري ڪير به نه مئو آهي. روزيءَ جو ذمور رزاق تي آهي. هر هڪ کي ڏئي ٿو. ڪِوِليءَ کي ڪڻ، هاٿيءَ کي مڻ. ڪير کيس رب مڃي يا نه، پر هو پنھنجي واعدي مطابق ڏئي پيو. ڏمرجي ته به ڏئي ٿو. سندس خزاني ۾ ڪائي کوٽ ناهي.
مڙني جھانن جو خالق ۽ پالڻھار، پاڻ آهي. نه سندس ۾ ڪو عيب آهي ۽ نه ئي سندس جوڙ ۾. مخلوق کي پيدا ڪري ۽ انھن لاءِ رزق نه خلقي! اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي! ائين ممڪن ئي ناهي. انسان، بي بس آهي، پاڻ بي بس ناهي. انسان پنھنجي مھمان لاءِ هڻي ماري پورت ڪري ٿو. خدا/ مالڪ، ڪيئن نه ڪندو؟ پنھنجي بندن کي بک وگهئي موت ڪيئن ڏيندو؟ ناممڪن آهي. پاڻ اهڙي ته ڇا؟ هر نقص کان پاڪ آهي. بي عيب ذات آهي سندس خزانا ڀرپور آهن. انسانن تي ضرورت آهر کلن ٿا. هڪدم نه ٿا کلن. ضرورت آهر، انسان جي دسترس ۾ اچن ٿا. جيئن گهرج/فقط ضرورت آهي، انسان منجهانئن ڀرپور فائدو وٺي سگهي.
مطلب:
1-15 ٻڍي نه ٿئي ٻني، جهونو نه ٿيو سج،
ٻنيءَ مٿان ٻچ، هاريندڙ هليا ويا.
2-15 ڏت نه کُٽو، ڏوٿي کٽا.
3-15 ٻڍي ٿئي نه ٻني، جهونو ٿئي نه هر
4-15 جر ۾ مڇي جام، کائڻ وارا ٿورا
5-15 جنھن جو رزق پريشان، تنھن جي دل پريشان
6-15 جنھن ساس ڏنو آهي، سو گراس به ڏيندو
7-15 جنھن چھنچ ڏني آهي، سو چوڻو به ڏيندو.