4. انڌو، اڻ سونھون (سنڌ، پھاڪو/ چوڻي)
پرديسي/ مسافر، ڪيڏو به چالاڪ، هوشيار ۽ هٿيارن سان ليس هجي، تيستائين منزل ماڻڻ ۾ ڪامياب نه ٿيندو، جيستائين سونھون نه هوندو يا سونھون ساڻ نه کڻندو. ان جي برعڪس پيادو مسافر، سونھون هئڻ سبب، جلد منزل تي پھچي ٿو. جڏهن ته اڻ سونھون، سواريءَ هوندي ڀٽڪي وڃي ٿو ۽ منزل تي ئي نه ٿو رسي .
انڌو/ اڻ ڄاڻ/ بيوقوف به پنھنجي اندر ۾ اڻ سونھين وانگر آهي. يا ائين کڻي چئجي ته کيس ڪوبه سونھون ناهي.
جيئن ڪوبه اڻ واقف، سونھي/ رهبر/ گائيڊ کانسواءِ، منزل تي رسڻ ۾ ڪامياب نه ٿيندو، تيئن انڌو به اڻ سونھين/ بنا رهبر وانگر، منزل رسيد نه ٿيندو. انھيءَ ڪري انڌي جي حيثيت، بنا رهبر/ بنا اڳواڻ/ بنا پيشوا/ بنا مرشد واري مسافر/ پانڌيئڙي جھڙي آهي.
مطلب:
1-4 جي گهر ڌياڻي انڌي هوندي ته گهر جا ٿانءَ ٿپا سڀ ڀڃي ڇڏيندي.
2-4 انڌن ملتان لڌو آهي . (ابتو)