14- چرند، نه مرند (لاڙ، چوڻي)
هر ساهدار جي زنده رهڻ جو دارومدار کاڌو کائڻ تي آهي جيڪو نه ٿو کائي سو وقت کان اڳ مريو وڃي.
موت ۽ حياتي مقرر آهن. ائين به ناهي ته جيڪي دنيا ۾ موت ٿيا آهن، سي کاڌي نه ملڻ جي ڪري ٿيا آهن. البته گهڻو کائي، ڦاٽي مرڻ سبب به ٿيا هوندا. جڏهن ته حياتي، هڪ مقرر مدت تائين لاءِ آهي.
کائڻ سان، نه مرڻ ڳنڍيو ويو آهي، پيئڻ سان نه. سو ڇو؟ ان لاءِ هيٺ بحث ڪجي ٿو .
پاڻيءَ/ پيئڻ بابت چيو ويو آهي. 1- جتي پاڻي، تتي پاڻ، 2-پاڻيءَ منجهه پساهه، 3-هر ساهدار کي، پاڻيءَ منجهان زنده ڪيو ويو آهي.
پوءِ چرند، نه مرند ڇو؟ پيئند، جيئند يا پيئند، نه مرند، ڇونه؟
ان لاءِ به هڪ منطقي دليل آهي. لوڪ ادب ۾ هڪ ڳجهارت مشھور آهي، ”بري ٻڪري شاهه جي کائي ته جيئي، پيئي ته مري؟ ٻڌايو ڇا آهي؟“
ان ڳجهارت جي ڀڃڻي آهي؛ باهه، باهه جو کاڄ/ کاڌو/ خوراڪ آهي ڪاٺيون/ ٻارڻ. ٻارڻ پوندس، زنده رهندي. نه پوندس ته مرندي. ان جي برعڪس، پاڻي ان جو دشمن آهي. اهو پيس ته مرندي .
سمجهه ۾ آيو ته پيئڻ سان موت ٿي سگهي ٿو. کائڻ سان نه. هر شيءِ کي زنده رکڻ لاءِ، مقرر کاڄ جو ملڻ ضروري آهي. مضمون کي زنده رکڻ لاءِ، بحث ۽ لفظن جو ذخيرو ضروري آهي. جهيڙي کي زنده رکڻ لاءِ گار جو هجڻ ضروري آهي. ايمان کي زنده رکڻ لاءِ ڪلمي تي عمل ڪرڻ ضروري آهي. انھن کي مات ڪرن لاءِ فقط پاڻي ڦيرڻ جي ضرورت آهي.
ان کان علاوه ٻيو بحث آهي؛ چرند، نه مرند ڇو؟ چرند، جيئند ڇو نه؟
اهو ان ڪري جو زندگي مقرر مدت لاءِ آهي. ان جو کائڻ سان تعلق ناهي. باقي مرڻ جو تعلق، نه کائڻ سان آهي. ان ڪري ائين چيو ويو آهي.
- ڀيٽيو؛ قُوت، لا يموت.
مطلب:
1-14 جي لوچين، سي لھن
2-14 جي چرن، سي نه مرن