12. بندو، گندو (سرو، چوڻي)
انسان، مٽيءَ مان پيدا ٿيو آهي. مٽي به کڙڪندڙ ۽ ڪني ٿيل. ان ڪري سندس هرعمل ۾ ريا، ڪوتاهيءَ ۽ سستيءَ جي آميزش رهڻ، فطري مجبوري آهي. چڱو ڀلو وڳو پائڻ کان پوءِ، لاهڻ وقت به بدبودار ٿيو وڃي، سٺو سڦرو، خوشبودار کاڌو کائڻ کان پوءِ، پيٽ ۾ غلاظت جي شڪل اختيار ڪري وڃي ٿو. چڱو فعل ڪرڻ کان پوءِ، ان ۾ به رياڪاري رهجيو وڃي. انسان کي رياءَ/ تڪبر/ وڏائيءَ جهڙن عملن کان پاسو ڪرڻ گهرجي.