13- چرسي، نه مرسي (سرائڪي، چوڻي)
جيڪو چرندو، سو نه مرندو.
چَرڻ/ کاڌ خوراڪ ملڻ سان، هر شيءِ زنده رهي ٿي. ٻيءَ صورت ۾ مريو وڃي.
- ڀيٽيو؛ چرند، نه مرند.
غلط العام ۾، اها چوڻي، پنھنجي مطلب آهر موالي هيئن استعمال ڪندا آهن .
چرسي، نه مرسي. (چرس پيئڻ وارو نه مرندو)
مرسي ته ڏون ٽراءِ گهن مرسي. (مرندو ته ٻه ٽي ساڻ گهلي مرندو)
اها ته حقيقت آهي ته چرس پيئڻ وارو، گهڻن کي گهلي مرندو. باقي رهيو سوال؛ چرس پيئڻ سان نه مرندو، سو غلط آهي. ڇو جو جيڪي چرس نه ٿا پيئن ته پوءِ انھن کي ته موالين کان اڳ مرڻ کپي. پر ائين آهي ڪو نه.
ان جي برعڪس، چرس/ڀنگ/آفيم/هيروئن پيئڻ وارو ماڻھو، وقت کان اڳ فنا ٿيو وڃي. سندس حياتي ٿوري ٿيو وڃي. خاص ڪري شاديءَ کان پوءِ ڇھه مھينا به گارنٽي نه اٿس.
اها موالين جي اجائي هام آهي. موالين تي ميار به ناهي. پيا ناليءَ ۾ هوندا آهن، نعرا هڻندا آهن؛ پيئون ٿا چرس گهمئون ٿا عرش.