67. کير، پير (چوڻي، سنڌ)
هر ماڻهوءَ کي ڄمڻ شرط پهرين خوراڪ کير جي ملي ٿي. کير مڪمل خوراڪ آهي، جيڪو هڪ ئي وقت اڃ به لاهي ته بک به ماري ٿو. نبي اڪرم ﷺ جن، جڏهن کير پيئڻ فرمائيندا هئا، تڏهن ان ۾ برڪت لاءِ پڻ دعا فرمائيندا هئا.
سنڌ ۾ انهيءَ سبب ڪري، کير جي عزت پير جيتري ڪئي ويندي آهي. جاهل ماڻهو پاڻ کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ کير جو به قسم کڻندا آهن. جيئن؛ “هي کير آهي. انهيءَ جو قسم .......... وغيره!”