لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ننڍڙي روپ وارا چوڻيون ۽ پهاڪا

ڪتاب ”ننڍڙي روپ وارا چوڻيون ۽ پهاڪا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هن ڪتاب جو ليکڪ ۽ سهيڙيندڙ انجنيئر عبد الوهاب سهتو آهي.
Title Cover of book ننڍڙي روپ وارا چوڻيون ۽ پهاڪا

20- زاني، نه مالي (فارسي، چوڻي)

20- زاني، نه مالي (فارسي، چوڻي)
زانيءَ وٽ، ڪنھن به قسم جو مال نه ٿو بچي. جسماني طور ۽ مالي طرح خلاص ٿيو وڃي. زنا ڪرڻ آسان فعل ناهي. ان لاءِ پھرين ماحول سازگار ڪرڻو ٿو پوي. جيڪو مفت ۾ نه ٿو ٿئي. ان لاءِ وڏا پاپڙ ويلڻا ٿا پون. غلط/اوباش قسم جي ماڻھن سان ياري رکڻي ٿي پوي. انھن پويان ملڪيت لٽائڻي ٿي پوي. خلق خواري الڳ. اڳيان جيڪا عورت، پنھنجا ڪرم ڪٽائڻ لاءِ، پيءُ ماءُ جي ڪوڙي، مڙس جي گَهرَ جي چانئٺ لتاڙي نڪري ٿي، سا به سڀ ڪجهه لٽائڻ لاءِ نه پر لٽڻ لاءِ نڪري ٿي .
زانيءَ کي شڙاب ۽ جوئا جي مرحلن مان به گذرڻو پوي ٿو. زنا جو در مٿس ائين نه ٿو پٽجي. پر گهڻو ڪجهه لٽائڻ کان پوءِ پٽجي ٿو.
پرائي ننگ ۾ نگھه وجهڻ واري جي ننگ ۾ به آخر هٿ پون ٿا. زانيءَ جو، هڪ ڏينھن اکين آڏو گهر لٽجي ٿو. سندس نفس پتو ٻڏي وڃي ٿو. زنا تي لٽائڻ بعد، آيل سڃائي کيس هڏ حرام ۽ بيغيرت بڻايو ڇڏي. تنھن ڪري کيس پنھنجي گهر لٽجڻ تي غيرت به نه ايندي آهي. حالات واقعات اهڙا ٿي پوندا اٿس جو مجبوراً کيس اکيون ٻوٽڻيون ئي پونديون آهن.
مطلب:
1-20 زنا، فنا
2-20 جت زنا، ات فنا
3-20 زاني مرد زاني عورت سان ۽ زاني عورت زاني مرد سان شادي ڪندي.