9- پڇندڙ، نه منجهندڙ. (سنڌ، پھاڪو/ چوڻي)
ڪو به انسان، ماءُ جي پيٽان سکي نه آيو آهي. هر ڪو دنيا ۾ ڏسي ڏسي ۽ پڇي پڇي هلي ٿو. جيڪو ماڻھو، پڇي پڇي پوءِ ڪم ڪري ٿو، سو ڪنھن به ڪم ۾ منجهي نه ٿو.
علم ڇھن حواسن؛ ڇھڻ، چکڻ، سنگهڻ، ڏسڻ، ڳالھائڻ ۽ ٻڌڻ سان وڌي ٿو. اڻ ڏٺي ڏيھه ۾ پھچڻ يا ان کي ڳولڻ، اکين/ ڏسڻ کان سواءِ ممڪن ته نه آهي. تنھن هوندي به استاد/ رهبر جي ضرورت پوي ٿي. جيڪڏهن رهنمائي حاصل نه ڪبي ته انڌي وانگر ٿاڦوڙا هڻن ۾ وقت وڃائي ڇڏبو ۽ منزل مُور هٿ نه ايندي.
زماني جون ضرورتون/ گردشون، ماڻھوءَ کي هڪ هنڌان ٻئي هنڌ، هڪ ماحول کان ٻئي ماحول ۾ رلائينديون رهن ٿيون. رلڻ گهمڻ سان دماغ کلي ٿو ۽ ڄاڻ ۾ اضافو ٿئي ٿو.
اُٺ ڪتابن جو پڙهڻ واري، جيڪڏهن گهميو ڦريو ناهي ته وٽس ايترو يقين ناهي، جيترو گهٽ پڙهيل گهمندڙ وٽ آهي. گهمڻ سان تجربا/مشاهدا ٿين ٿا، جيڪي ڪتابي علم ۾ حاصل نه ٿا ٿين. ڪتاب ۾ اهو علم آهي، جيڪو لکيل آهي. وڌ نه گهٽ. سمجهه ۾ اچي يا نه. جڏهن ته پڇڻ/ گهمڻ ۾ اهو علم آهي، جنھن جي ضرورت آهي/ جنھن ۾ دلچسپي آهي/ جنھن لاءِ تانگهه آهي. گهرج واريءَ شيءِ جو علم، يقين سان گڏ حاصل ٿئي ٿو. ڪتابي علم وسريو وڃي. رلي پني حاصل ڪيل معلومات، دل تي اُڪرجيو وڃي. اهڙي معلومات حاصل ڪرڻ وارو ماڻھو، ڪٿي به منجهي نه ٿو.
مطلب:
1-9 پڇڻا نه منجهڻا، منجهڻا ته مرڻا
2-9 پڇائيندي پڇائيندي، انڌن ملتان لڌو هو
3-9 پڇي پڇي، هرڪو واٽ لھي ٿو
4-9 جنھن جو استاد ناهي، تنھن جو بنياد ناهي
5-9 زمانو آهي ڊکڻ، پيو ٿو ماڻھوءَ کي گهڙي ۽ ٺاهي
6-9 گهڻي پڇ پڇ، بيزار ڪندي آهي (ابتو)
7-9 جيترو پڇڻ، اوترو منجهڻ (ابتو)
8-9 جيترو پڇندين، اوترو منجهندي (ابتو)
9-9 سؤ رستا، سؤ مشڪلاتون پيش ڪن ٿا (ابتو)