سنڌي زبان جي حيثيت
لوڪ ادب جي شاخن منجهان هڪ شاخ ”پھاڪا ۽ چوڻيون“ آهي، جيڪا وڏي اهميت جي حامل هوندي آهي، وڏي ۽ ويڪري تاڃي پيٽي سان اُڄيل آهي. منجهس بي انتھا وسعت به آهي ۽ ڪيترن ئي رنگن/ گلن جي جڙاوت به مٿس ٿيل آهي.
رنگن جي اهڙي ئي هڪ ٽڪسالي، پھاڪن/ چوڻين جو انتھائي ننڍڙو روپ آهي. سنڌي زبان ۾ ايترا ته ننڍڙي روپ وارا پھاڪا آهن، جن جو ٻيءَ ٻوليءَ ۾ مثال ملڻ مشڪل آهي.
مثال طور:
- آساني، مسلماني.
- گهڙيا، چڙهيا.
- ڳوليندڙ، لھندڙ.
- ڏي، ڏر . وغيره
مٿي پيش ڪيل مثال وارين چوڻين/ پھاڪن بابت، اڳيئي ڄاڻ ڏئي چڪا آهيون. هتي فقط اهڙن پھاڪن/ چوڻين بابت ڄاڻ ڏجي ٿي، جيڪي پڻ انتھائي ننڍڙو روپ رکندي، هاڪاري ۽ ناڪاري لفظن جي جوڙي تي مشتمل آهن.
هاڪاري ناڪاري لفظن جي جوڙي تي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون، بظاهر ته ناڪاري ٻٽن لفظن تي مشتمل ورجيس وانگر نظر ايندا آهن. دراصل ائين هوندا ناهن. ٻنھي ۾ فرق آهي. پھاڪو پنھنجي اندروني معنى ۾ سبق آموز نقطو رکندي هڪ مڪمل جملو هوندو آهي. جڏهن ته ورجيس به پنھنجي ظاهري معنى کان سواءِ اندرين معنى رکندي آهي پر مڪمل جملو نه هوندي آهي.
ظاهري طرح، هاڪاري ناڪاري لفظن جي جوڙي تي مشتمل پھاڪن/ چوڻين جھڙي نظر ايندڙ ورجيس کي، پھاڪي کان الڳ ڪرڻ جي فقط اها ئي هڪ ڪسوٽي آهي.
ناڪاري ٻٽن لفظن تي مشتمل ورجيس جا مثال هيٺ ڏجن ٿا.
- نه ٻن ۾، نه ٽن ۾
- نه رن، نه روڳڙي
- نه ڏهڻ جو، نه ڪھڻ جو
- نه گهر جو، نه گهاٽ جو
- نه اٽو، نه لٽو
- نه امڻا، نه گمڻا
- نه امان، نه گمان ، وغيره .
مٿي ڏنل ورجيسون (Phrases) مڪمل جملو ناهن. جملي جو جُز آهن. جملي جو جز هوندي به منجهن نقطو سمايل آهي ۽ ٻيءَ معنى ۾ استعمال هيٺ اچن ٿيون. ان ڪري کين ورجيس سڏجي ٿو. کين پھاڪو نه ٿو سڏجي.
هاڻي اچون ٿا، انھن پھاڪن ۽ چوڻين تي، جيڪي هاڪاري ۽ ناڪاري لفظن جي جوڙي تي مشتمل آهن. سنڌي ٻوليءَ جي وسيع ميدان مان، نموني طور هڪ مُٺ ڀري، پڙهندڙ آڏو پيش ڪجي ٿي.