لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ننڍڙي روپ وارا چوڻيون ۽ پهاڪا

ڪتاب ”ننڍڙي روپ وارا چوڻيون ۽ پهاڪا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هن ڪتاب جو ليکڪ ۽ سهيڙيندڙ انجنيئر عبد الوهاب سهتو آهي.
Title Cover of book ننڍڙي روپ وارا چوڻيون ۽ پهاڪا

28- ڪري، نه ڀري! (لاڙ، چوڻي/ پھاڪو)

28- ڪري، نه ڀري! (لاڙ، چوڻي/ پھاڪو)
جھڙو ورتاءُ، ٻين سان ڪبو، تھڙو پاڻ سان ٿيندو. ٻين سان چڱائي ڪبي، پاڻ سان ٿيندي. ٻين کي ٺڳبو، پاڻ سان ٺڳي ٿيندي. ٻين سان جٺ ڪبي، پاڻ سان جُٺ ٿيندي.
دنيا جو ڪُليو قانون آهي؛ هر ڪا ٻڪري پنھنجي پائي ٽنگبي. پُٽ جي قبر ۾ پيءُ نه پوندو. پيءُ جي قبر ۾ پٽ نه پوندو. هر ڪو پنھنجي قبر پاڻ ڀريندو. پيءُ ڪندو، پيءُ ڀريندو، پُٽ ڪندو، پٽ ڀريندو .
پرائي باهه ۾ ڪير نه پوندو آهي، هرڪو پنھنجيءَ ۾ پوندو آهي. جيڪو ڏوهه ڪندو، ڏنڊ به سوئي ڀريندو. ائين به قطعي ناهي ته ڏوهه ڪري ۽ ڏنڊ نه ڀري! ظلم ڪري ۽ ڪيتو نه لوڙي! اهو ماءُ جو لال ئي ناهي، جيڪو ظلم/ زيادتي ڪري ۽ سزا نه ڀري/ لوڙي .
مطلب:
1-28 ڪرند، پسند. ڏيند، لھند .
2-28 جيڪو ڪري، سو ڀري .
3-28 جھڙي ڪرڻي، تھڙي ڀرڻي .
4-28 جـَوَ پوکي، جوئر ڪين لڻبي .
5-28 ڪانڊيرا پوکي، ڪڻڪ ڪين لڻبي .
6-28 اتيئي ڪر، اتيئي لوڙ.