23. ججھا، جونجھار. (سنڌ، چوڻي)
ججھا: گھڻا
جونجھار: وڏي طاقت وارا، بھادر.
رڳو گھڻن ماڻھن جي ھڪ ھنڌ مڙڻ يا ڪٺي ٿيڻ ۾ طاقت ناھي. بلڪ ڪنھن ڪم يا مھم کي سر ڪرڻ لا، گھڻن ماڻھن جو يڪ را ٿيڻ طاقت وارو آھي.
کاٽي کڻڻي ھجي، ڏلھا ڍوئڻا ھجن، بار ڊوھڻو ھجي، اليڪشن کٽڻي ھجي يا ڪو وڏو پراجيڪٽ تيار ڪرڻو ھجي، سمورا ڪم ھڪڙي ڄڻي جي ڪرڻ کان وڏا آھن. ھڪڙو ڄڻو، اڪيلي سر، منجھانئن ڪو ھڪ ڪم نه شروع ڪري سگھندو ۽ نه ئي پورو ڪري سگھندو. بلڪ ٻين کي يڪ را ڪرڻ ۽ کانئن مدد وٺڻ سان ممڪن ٿي سگھي ٿو. گھڻن جي ڪٺي ٿيڻ يا ٽيم(Team) جوڙڻ سان، ايڏا وڏا ڪم نبري سگھندا آھن. جن کي پو به منظم ادارو سنڀالي، تڏھن صحيح نموني سان لاڀائتا ٿيندا آھن.
o گھڻن کنئي، ڇپر کڄي.
o گھڻا ڄڻ ديون جا پٽ.
o ٻڌي ۾ طاقت آھي.