پهاڪا ۽ چوڻيون، ٻوليءَ جو زيب ۽ زينت
اهو عام مروج گفتو، جملو يا ٽوڻو، جيڪو عوام ۾ مقبول ۽ مروج هجي، عوام جو پنهنجو هجي. عوام جي زبان ۾ هجي، جنهن ۾ ڪنهن شاعر جي پهڳڻ يا سگهڙ جو نالو نه هجي ۽ نه تخلص هجي ۽ جيڪو زماني کان وٺي عوام ۾ سيني به سيني هلندو آيو هجي، تنهن کي پهاڪو يا چوڻي چئبو آهي. اهو پنهنجي هيٺين خاصيتن جي ڪري، ڪوزي ۾ بند درياهه جي مثل هوندو آهي.
o ٿور - اکرائي يا ننڍڙو روپ.
o ويچارن جي گهرائي.
o لوڪ يعني عوام ۾ انهيءَ جو پرچار.
دنيا جي جدا جدا ٻولين ۾ جيڪي پهاڪا ملن ٿا، انهن جو گهڻو ڪري ننڍڙو روپ هوندو آهي. اهي ڪنهن لساني سماج ۾ مروج استعمال هيٺ هوندا آهن. جيڪڏهن پهاڪو وڏو هوندو ته اهو ڪنهن مقرر روپ ۾ ماڻهن کي ياد نه رهندو. ان ڪري انهيءَ جي ڦهلاءَ ۽ پرچار ۾ به رڪاوٽ پوندي رهندي. انهيءَ ڪري ٿور-اکرائي يا اختصار، پهاڪي جي هڪ مکيه وصف آهي. سنڌيءَ ۾ ننڍڙي ۾ ننڍڙا جيڪي پهاڪا ملن ٿا، انهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ، ٻه لفظ ضرور استعمال ٿيل آهن. اها به حقيقت آهي ته ڪنهن به ٻوليءَ ۾ هڪ لفظ تي مشتمل پهاڪو نظر نه ٿو اچي. اهي جملا ضرور آهن پر اهي پهاڪا نه آهن. مثال طور اچ! کاءُ! واهه! شاباس! هيڏانهن وغيره. اهي پنهنجي مفهوم مان مڪمل جملا آهن. نموني طور هتي انهن پهاڪن ۽ چوڻين جا مثال پيش ڪجن ٿا، جيڪي ٻن لفظن تي مشتمل آهن. وضاحت لاءِ هم معنى پهاڪا به ڀراء طور هيٺان ڏنا ويا آهن.