لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ننڍڙي روپ وارا چوڻيون ۽ پهاڪا

ڪتاب ”ننڍڙي روپ وارا چوڻيون ۽ پهاڪا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هن ڪتاب جو ليکڪ ۽ سهيڙيندڙ انجنيئر عبد الوهاب سهتو آهي.
Title Cover of book ننڍڙي روپ وارا چوڻيون ۽ پهاڪا

12- چرس، بي ترس (سرو، چوڻي)

12- چرس، بي ترس (سرو، چوڻي)
نشيدار شيون جھڙوڪ: چرس، ڀنگ، شراب، آڦيم، ڏوڏي ۽ هيروئن وغيره واپارائڻ سان ماڻھو دنيا وما فيها کان غافل ٿيو وڃي. ان غفلت سبب، ماءُ پيءُ، ڀاءُ ڀيڻ جھڙا رشتا ته وسريو وڃن پر مٺڙي مالڪ ۽ پنھنجي پياري جان بابت به سُڌ نه ٿي رهي. سمجهه ۾ آيو ته نشو، انسان جو ازلي دشمن آهي.
نشو جڏهن عادت وانگر عضوو ٿي ويندو آهي ته ان کي ڪٽي ڦٽو ڪرڻ ناممڪن ٿي پوندو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ ماڻھوءَ جي ڇا ڪيفيت هوندي؟ جان ڇڏائڻ چاهي ته ڇڏائي نه سگهي. رشتا ناتا اڳ ٽـُٽي ويس. پنھنجو پاڻ ۽ حال تباهه ٿي ويس. اهڙو ماڻھو، جڏهن ڏوٻر لاهي، عام سامھون ايندو آهي ته مٿس ڪنھن کي به ڪھل/ ترس نه ايندو آهي. جيڪو پنھنجي حالت بدلڻ لاءِ تيار ناهي، ان جي حالت ته مالڪ به نه ٿو بدلي.
نشو، نشئيءَ کي هڏ حرام ڪريو ڇڏي. هڏ حرام ٿيڻ بعد، ماڻھو عزت ۽ غيرت کان ڪريل ڪم ڪرڻ تي مجبور ٿئي ٿو. غيرت/ عزت کان ڪريل ڪم، جيڪو ڪرائي، تنھن کان وڌيڪ ڪو دشمن نه ٿو ٿي سگهي. ان کان وڌيڪ ڪو بي رحم نه ٿو ٿي سگهي.
جنھن شيءِ جي استعمال کان پوءِ، جان جو خيال نه رهي، ننگ ناموس جو احترام نه رهي، خد اجو خوف نه رهي. ان کان وڌيڪ ڪو ظالم/ بي ترس ٿي سگهي ٿو؟
1-12 ڀنگئي دي جوءِ سدا سھاڳڻ، آفيمي دي جوءِ رووي،
ڪئفي دي جوءِ ايوين آکي؛ ”ماريا هت نه هووي.“
2-12 ڀنگئي جي زال لاڏ ڪري، آفيمي جي روئي،
چرسيءَ جي ائين چوي، ”ماريو هت نه هووي!“
3-12 چرسي نه مرسي، مرسي ته ڏون ٽراءِ گهن مرسي. (ابتو)
4-12 پيئون ٿا چرس، گهمئون ٿا عرش. (ابتو)
5-12 نشو ٿو سُرڪي، محبوب ٿو مُرڪي،
ملو ٿو ڪُرڪي، ڄڻ پڻس جي ٿا پيئون. (ابتو)