5. بکيو، بي ايمان (ساهتي، چوڻي)
بک/ غربت/ اڻ هوند، ماڻھوءَ کي پريشان ڪري ٿي. جنھن سبب انسان آپي کان ٻاهر نڪريو وڃي. بک سبب بڇڙا ڪم ڪندي به دير نه ٿو ڪري. جڏهن ته ايمان واري ماڻھوءَ کي اهي ڪم نه ڪرڻ گهرجن.
ايمان وارو ماڻھو، جن ڪمن کي برو/ بڇڙو پيو سمجهندو، بکيو ماڻھو تن کي، پيٽ/ غرض خاطر، چڱو سمجهي پيو ڪندو. جيڪي برايون/ بدڪاريون دنيا ۾ موجود آهن، سي سموريون بک/ سڃائيءَ سبب آهن. جيڪڏهن مڙني جو پيٽ ڀريل هجي، ته نه ئي ڪا برائي ٿئي ۽ نه ئي ڪا ترقي ٿئي. سڀني جا غرض بک جي ربط سان سلھاڙيل آهن ۽ ائين ئي حل ٿين ٿا.
انھيءَ ننڍڙي آزمائش مان دل وارا پار پئجيو وڃن. جڏهن ته بکيا/ سڃا ماڻھو بي ايماني ڪندي دير به نه ٿا ڪن.
مطلب:
1-5 بکيو، ڏکيو
2-5 هڪڙا بکيا، ٻيو نالا ڏکيا
3-5 بندو، گندو
4-5 غريبيءَ کي سؤ عيب
5-5 سڃا پني پيھن، روئي رنڌين، خارن مان کائين
6-5 بک بڇڙو ٽول، دانا ديوانا ڪري
7-5 رڍ بڇڙي ٿئي بک کان
8-5 رڍ کان پڇيائون ؛ ”بڇڙي ڇو ٿي آهين“؟ چي؛ ”بک کان!“
9-5 غريب برو فعل ڪرائي، سڀڪو چوندو؛”بک بي حال ڪيو اٿس!“ امير ڪرائي ته ڪير به نه ٽوکيندس. هٿائين هرڪو چوندو؛ ”امير ماڻھو آهي، عيش ٿو ڪري!“
10-5 ان، ايمان (ابتو)