سادا اکر
پهاڪن وغيره جو ادبي سفر “گل شڪر” کان شروع ٿيل ٿو ڏسجي. ان بعد ان سفر جو ڪاروان مختلف منزلون ڪندو اچي عبدالوهاب سهتي جي “ننڍڙي روپ وارا پهاڪا ۽ چوڻيون” تي پهتو آهي. انهيءَ سفر جا سنگ ميل پهاڪن جي پيڙهه، گلقند، سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس، سنڌي سونهون، کٽمٺڙا، اصطلاحن جي اصليت، سنڌي پهاڪا ۽ محاورا، توڙي پهاڪن جي پاڙ آهن.
عبدالوهاب، پهاڪا ۽ چوڻيون ڏيندي انهن مان ڪيترن جو پس منظر به ڏيندو ويو آهي. هو ساڳئي وقت انهن پهاڪن ۽ چوڻين سان گڏ ٻيا پهاڪا ۽ چوڻيون به ڏيندو ويو آهي. ائين ڪري هن ادبي لحاظ کان سهڻي معلومات ڪٺي ڪري ڏني آهي، حالانڪ اها رمز ڪا نئين ڪانهي. ڪاڪي ڀيرومل جو “پهاڪن جي پيڙهه” جيڪو 1917ع ۾ شايع ٿيو، تنهن به اهائي واٽ ورتي آهي.
هڪ ڳالهه جيڪا هن سڄي پورهئي ۾ کٽڪي ٿي، سا هيءَ آهي جو پهاڪو ۽ چوڻيءَ ۾ جيڪو فرق آهي، سو نروار نه ڪيو اٿس. ان ڪري اها خبر ئي ڪانه ٿي پوي ته ڏنل پهاڪي يا چوڻيءَ کي پهاڪو سمجهي ڏنو ويو آهي يا چوڻي. ادبي لحاظ کان اها اوڻائي دور ٿيڻ گهرجي. ائين آهي ته اها اوڻائي رڳو هن ڪتاب ۾ ڪانهي پر اهڙن اڪثر ڪتابن ۾ نظر اچي ٿي.
ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته عبدالوهاب سهتو هن ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو يا ان طرز جو ٻيو ڪتاب پڻ ڏيڻ ٿو گهري. اهو ان ڪري ٿو چئجي جو ان ڏس ۾ هن جا اهڙا ٻيا مضمون پڻ “ڪينجهر” جي زينت بڻيل آهن. دعا آهي ته عبدالوهاب جي قلم جو زور، ڏينهون ڏينهن وڌ هجي ۽ سنڌ وارا انهيءَ مان وڌ ۾ وڌ، لاڀ پرائيندا رهن.
عبدالقيوم صائب
18 جنوري 2002ع
حيدرآباد سنڌ