لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ننڍڙي روپ وارا چوڻيون ۽ پهاڪا

ڪتاب ”ننڍڙي روپ وارا چوڻيون ۽ پهاڪا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هن ڪتاب جو ليکڪ ۽ سهيڙيندڙ انجنيئر عبد الوهاب سهتو آهي.
Title Cover of book ننڍڙي روپ وارا چوڻيون ۽ پهاڪا

17- ڏنو، نه ڪنو (نصيحت، چوڻي/ پھاڪو)

17- ڏنو، نه ڪنو (نصيحت، چوڻي/ پھاڪو)
الله جي نالي تي ڏنل، رائگان نه ٿو وڃي. بشرطيڪه منجهس رياءُ/ڏيکاءُ نه ڪيو وڃي. خدا جي راهه ۾ ڏنل جي بدلي، ڏهه دنيا ستر آخرت ۾ ملن ٿا.
ڪتابن ۾ آيو آهي ۽ بزرگن کان ٻڌيو ويو آهي ته هڪ دفعي حضرت علي رضه جن کي بي بي فاطمه سانئڻ رضي الله تعالى عنھا جن، بازار مان ڏاڙهون آڻڻ لاءِ چيو. حضرت علي رضه سائين جن بازار ويا. ڏاڙهون خريد ڪيائون. واپسيءَ تي هڪڙي گهرجائوءَ ڏاڙهونءَ جي صدا هنئي، ڏاڙهون کيس ڏئي ڇڏيائون.
گهر پھچڻ تي بيبي سانئڻ رضه جن ڏاڙهون آڻڻ بابت پڇيو ته کين حقيقت ڪري ٻڌايائون. بي بي سانئڻ رضه جن، الله تعالى جي نالي ڏاڙهون ڏيڻ جي ڪري خوش ٿيون ۽ صبر شڪر ڪيائون.
ڪجهه وقت کان پوءِ در تي آواز آيو. حضرت علي رضه جن ٻاهر آيا. هڪ ماڻھو ڏاڙهن جو ٽوڪرو، مٿي تي جهليو بيٺو هيو ۽ چيائين؛ ”هيءُ ڏاڙهون توهان لاءِ آيا آهن“. حضرت علي رضه جن کانئس ڏاڙھن جو ٽوڪرو وٺي ڏاڙهون ڳڻيا ته نَوَ ٿيا.
پاڻ رضه جن ڏاڙهون آڻيندڙ کي چيو؛ ”هي ڏاڙهون ڪنھن ٻئي جا هوندا، اسان لاءِ نه هوندا. ڇو جو اسان لاءِ هجن ها ته پورا ڏهه هجن ها. خدا جو واعدو، ڏهه دنيا ستر آخرت جو آهي. پراوا ڏارھون اسان کي نه کپن.“
ڏاڙهون آڻيندڙ، لڪايل ڏاڙهون، ٽوڪريءَ ۾ شامل ڪندي چيو؛ ”اوهان لاءِ بلڪل ڏهه مليا هيا. هڪ مون پنھنجي لاءِ لڪايو هيو.“
1-17 ڏنو، پنڌ ڇنو.
2-17 خدا تعالى ڪنھن جو ڏنو ضايع نه ٿو ڪري.
3-17 ڏنو پٽ ڇٽ يجو، ٻئي ذات جا فرحتي.
4-17 ڏهه دنيا، ستر آخرت آهي.
5-17 ڏنو، ٻنو.
6-17 ڏنو، ٿئي نه ڪنو. پوک ڪڻو، ٿئي گهڻو
7-17 ڏنو، پنڌن ۾ ڇنو (ابتو)